نياز اسٽيڊيم Abdul Hafeez


On Monday Sep 23, 2019, ur group should sit with Waheed Bhatti Sb 
Get it edited and put in proper form
Chhachhar's report has problem in composing format. pls get it sorted out
عبدالحفيظ ڀٽو (بي ايس پارٽ ٿري رول نمبر ٽو ڪي سيونٽين ايم سي 2)

(انويسٽيگيشن رپورٽ نياز اسٽيڊيم)
(اسٽيڊيم جي ريسرچ)
نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جيڪو پهرين مختلف راندين جو ميدان هوندو هيو، جتي فٽ بال راند سميت هاڪي راند ۽ ڪرڪيٽ راند به کيڏي ويندي هئي. بعد ۾ شائقين جو ڪرڪيٽ راند سان وڌيڪ چاهه هجڻ جي ڪري هي گرائونڊ جيڪو فٽ بال راند جي لاءِ تيار ڪيو ويو هو، ان کي ڪرڪيٽ نياز اسٽيڊيم ۾ تبديل ڪيو ويو. نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جو بنياد (1959) ۾ رکيو ويو جيڪو (1961) ۾ ٺهي تيار ٿيو.  هن اسٽيڊيم جي تيار ٿيڻ ۾ ان وقت جي موجوده  حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر نياز احمد جو وڏو ڪردار آهي، جيڪو بذات خد به هن ڪرڪيٽ راند کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو. هي اسٽيديم (1961) ۾ تعمير مڪمل ٿيڻ کان وٺي سال (2008) تائين  ضلعه حڪومت حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي جي ڪنٽرول رهيو.
نياز اسٽيڊيم جي ريٽائرڊ انچارج حفيظ الرحمن جي چوڻ مطابق سال (2008) کانپوءِ هن اسٽيڊيم جي وڌيڪ سٺي ترقي، بين الاقوامي رانديون ڪرائڻ  ۽ گرائونڊ جي اپگريڊيشن جي لاءِ  ضلعي ناظم حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي جي مسٽر ڪنور نويد جميل (ايم او يو) واري معاهدي جي تحت  نياز اسٽيڊيم (پي سي بي) جي حوالي ڪيو هو.  جنهن کان پوءِ ٻيهر يارنهن سالن جي عرصي بعد حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي (پي سي بي) کان اسٽيڊيم جو ڪنٽرول واپس ورتو. نياز اسٽيڊيم جي حالت سال 2008 تائين ڪجهه بهتر هوندي هئي، تڏهن ئي هن اسٽيڊيم ۾ بين الاقوامي رانديون ٿينديون هيون. حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي پنهنجي ان دور جي موجوده ٽيڪنالاجي مطابق نياز اسٽيڊيم کي اپگريڊ ڪيو. اسٽيديم جي تعمير کان وٺي سال (2008) واري عرصي جي دوران حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي جي ڪجهه نا اهلي سبب 28 سيپٽمبر 1997 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت واري مقابلي کانپوءِ نياز اسٽيڊيم ۾ با اثر ماڻهن جي شادي وغيره جون تقريبون ۽ ميزبانيون ٿينديون رهيون، ۽ ان کان علاوه اسٽيڊيم جي بلڪل پلي گرائونڊ ۾ هيليڪاپٽر پڻ لهندا هئا. جنهن جي ڪري اسٽيڊيم آهسته آهسته خشڪ حالي جو شڪار بڻجندو ويو. پر بعد ۾ جڏهن گرائونڊ (پي سي بي) جي ڪنٽرول ۾ آيو ته شادي جون تقريبون وغيره ٿيڻ بند ٿي ويون. هن اسٽيڊيم ۾ آخري دفعو (2008) ۾ هتي بين الاقوامي راند ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ پاڪستان جو مقابلو زمبابوي سان ٿيو هو.
 (1980) واري ڏهاڪي کي نياز اسٽيڊيم جو سونهري دور ڪري تصور ڪيو ويندو آهي، جڏهن دنيا جون ٽاپ ٽيمون هن گرائونڊ تي کيڏڻ اينديون هيون، ۽ هزارين ماڻهون انهن کي ڏسڻ جي لاءِ نياز اسٽيڊيم جو رخ ڪندا هئا. احمد جعفري فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر جي هڪ بيان مطابق 1980 واري ڏهاڪي ۾ گرائونڊ ۾ ڪجهه ڊولپمينٽ ٿي هئي پر ان کان پوءِ گرائونڊ بلڪل ساڳي حالت ۾ آهي ان ۾ ڪا به ڊولپمينٽ نه آئي آهي.
(پي سي بي) جو اڳوڻو جنرل مينيجر عبدالحسين شاهه هن اسٽيڊيم جي ايتري ته اهميت هوندي هئي جو سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهون راند ڏسڻ جي لاءِ ايندا هئا.  پر هاڻي ان جي اهميت ختم ٿي وئي آهي، هن اسٽيڊيم جو ڄاڻي واڻي ڪم روڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه انتظاميان  جو ڪوتاهيون آهن ۽ (بي سي بي) جي به هن ۾ دلچسپي نظر نه آئي.ان کان علاوه نياز اسٽيڊيم جو ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪيترن ئي عالمي رڪارڊن جو ساخي پڻ بڻيل آهي. جيڪڏهن نياز اسٽيڊيم تيار ٿي  ويندو ته ان سان نه صرف سنڌ بلڪي پاڪستان کي به فائدو ٿيندو. 
نياز اسٽيڊيم کي 60 سال گذرڻ جي  باوجود  به ان ۾ ڪنهن  به  قسم جي نئين ٽيڪنالاجي  جي مطابق  سهولتون موجود  نه  آهن. ريجنل صدر ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن حيدرآباد  ريجن  مير  سليمان  ٽالپر جي چوڻ مطابق هن اسٽيديم جي وڪيٽ ۽ آئوٽ فيلڊ هميشه پاڪستاني بالرن، بيٽسمينن ۽ فيلڊرن جي ڪم آئي آهي جنهن ڪري پاڪستان هن گرائونڊ تي هڪ به راند نه هارائي آهي. سندس مطابق موجوده وقت ۾ نياز اسٽيڊيم جو اسٽرڪچر سڀني جي سامهون آهي.  اسان ڪيترائي دفعا هائير اٿارٽيز کي اپيل به ڪئي آهي ته نياز اسٽيڊيم تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان م ڪا بهتري آڻي وڃي.  هن وقت اسٽيڊيم ماڻهن جي ويهڻ جي بلڪل به قابل نه آهي
اسٽيڊيم جي چوديواري جيڪا اندران ۽ ٻاهران ٻنهي طرفان بي ڌياني سبب زبون حالت ۾ لڳي رهي آهي، جنهن جا چاپڙ آهسته آهسته ڪرندا وڃن ٿا. ان کان علاوه اسٽيڊيم جو اندريون اسٽرڪچر به تباهه حالت  ۾ آهي. اسٽيڊيم جي پلي گرائونڊ واري فيلڊ به ڪجهه بهتري ڪئي وئي آهي، پر جڏهن ته ان جي چوڌاري اڃا به ڪافي ايراضي ۾ سڙيل ۽  وڏو گاهه موجود آهي جيڪو پلي گرائونڊ جي خوبصورتي تي هڪ داغ بڻيل آهي. اسٽيڊيم جي اندر شروعات کان ئي فلڊ لائيٽس موجود نه آهن جيڪي اڄڪلهه جي دور مطابق ضروري آهن.
اسٽيڊيم ۾ شائقين جي ويهڻ واري جاءِ پڻ بلڪل تباهه حالي جو شڪار بڻيل آهي، اسٽيديم جي اندر صرف 10000 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي جڏهن ته رڪارڊ ۾ اها 15000 هزار ڄاڻائي وئي آهي شائقين جي ويهڻ جي لاءِ اسٽيڊيم ۾ هڪ به ڪرسي موجود نه آهي پر گرائونڊ جي چوڌاري سيڙهي نما ٺهيل ڪرسيون به مرامت نه ٿيڻ سبب زبون حالت ۾ آهن. ان کان علاوه اسٽيڊيم جي اندر هڪ به ٽاور موجود نه آهن. موجوده حالت ۾ نياز اسٽيڊيم جي اندر صرف پراڻي دور جو اسڪور بورڊ لڳل آهي.
 اسٽيڊيم جي انچارج حفيظ الرحمن ٻڌايو ته (پي سي بي) واري ٿيل معاهدي جي تحت نياز اسٽيڊيم جي اندر شائقين جي ويهڻ جي گنجائش کي وڌائي 50000 هزار ڪرڻ، اسٽيڊيم ۾ اڪيڊمي قائم ڪرڻ، ڊجيٽل اسڪور بورڊ لڳائڻ، ۽ اليڪٽرانڪ اسڪرين هڻڻ ۽ ان کام علاوه اسٽيديم کي ٻين بين الاقوامي اسٽيڊيم وانگر اپگريڊ ڪرڻ شامل هو. جڏهن ته (پي سي بي) جي هن ڪيل معاهدي کي يارنهن سال گذرڻ جي باوجود به (پي سي بي) گرائونڊ ۾ هڪ روپئي جو به ڪم نه ڪرائي سگهي آهي. پر ان جي باوجود (پي سي بي) يارنهن سالن جي عرصي جي دوران ٻيا ڪيترائي نوان اسٽيڊيم ٺهرايا آهن جڏهن ته ان عرصي ۾ نياز اسٽيڊيم جي مرامت نه ڪرائي سگهيو آهي. جنهن سبب اسٽيڊيم جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. ان کان علاوه اسٽيڊيم جي سامهون واري عمارت پڻ زبون حالت لڳي رهي آهي، جنهن ۾ لڳل شيشا سموره ٽٽي ويا آهن.
اسپورٽس جرنلسٽ فرقان راجپوٽ جي راءِ مطابق نياز اسٽيڊيم جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ هن وقت جيڪڏهن ڪا انٽرنيشنل ڪرڪيٽ يا (پي ايس ايل)  جون ميچون ڪرايون وڃن ته اهو تمام مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته موجوده وقت ۾ نياز اسٽيڊيم جو اسٽرڪچر بلڪل تباهه ۽ برباد آهي ۽ اسٽيڊيم ماڻهن جي ويهڻ لاءِ بلڪل به قابل نه آهي، جيڪڏهن هن جي مٿان وڌيڪ زور آيو ته اهي پاڻ ئي ڪرڻ شروع ٿي وينديون.
                                                                                                                                           
                                                                                                                                              



Comments

Popular posts from this blog

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature