ali ahmed sindhi انٽرويو علي احمد ڇڇر
انسان دوست شخص محمد يعقوب ڇڇر معذور به انسان آهي انٽرويو علي احمد ڇڇر دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا انسان آهن جيڪي پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ ٻين جي پرواھ ڪندا آهن پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ ٻين جي دردن تڪليفن کان واقف هوندا آهن. محمد يعقوب ڇڇر به اهڙن ئي انسان دوست ماڻهن مان هڪ آهي جيڪو پاڻ معذور هوندي به معذورن جي خدمت ۾ زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي. هي ڪو ڊگري يافتا شخص نه آهي هن جي تعليم ٽي درجه آهي جيڪا نه هجڻ جي برابر آهي. تعليم نه هجڻ باوجود محمد يعقوب ڇڇر کي ٽي ٻوليون سنڌي، اڙدو، انگريزي اچن ٿيون ان کان علاوه اي ار ڊي پي اسوسيئيشن فار ريهيبليٽيشن آف ڊس ايبل پرسن اداري جو چيئرمين آهي. سوال1 توهان جي عمر ڪيتري آهي؟ توهان ڪٿان تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪيتري تعليم حاصل ڪئي؟ منهنجي عمر ٻائيتاليھ سال آهي آئون هڪ ننڍڙي ڳوٺ ميوو ڇڇر لڳ سعيد آباد ۾ ڄائو هيس. منهنجي ايتري خاص تعليم نه آهي آئون ٽي ڪلاس ميووڇڇر ڳوٺ مان پڙهيل آهيان ان کان علاوه زندگي جي هر موڙ هر رستي تي منهنجو پيءُ منهنجو استاد رهيو آهي. سوال2 توهان معذور ڪيئن ٿيا؟ مونکي ننڍپڻ ۾ گردن توڙ بکار ٿيو ٻارھن مهينه اسپتال ۾ داخل هيس ان دوران آئون بلڪل