mudasir chandio sindhi
بشر انسان علم ۽ عشق. سڀ کان پهرين اسان هتي هيءَ ڳالھ واضع ڪنداسين ته انسان ڇا آهي؟ انسان الهامي ڪتابن کان وٺي فيلسوفن ڏانهن عالمن ۽ صوفين جي ڪتابن جو محور رهيو آهي، ان سڄي مطالعي کي سامهون رکي وڏي اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي ڪيترن ئي ڪتابن جو انسان جي متعلق نقطئه نظر سڀ کان مٿاهون آهي. انسان الله جو نائب آهي پر ان نباھ ۾ پاڻ کي تخليقي طرح وديعت ڪيل سڀني خوبين کي اختيار ڪري خامين کان بچائي ائين ڪري سگهي ٿو. جيڪا ڳالھ سندس فلاح ۽ سعادت جو ڪارڻ بڻبي، ان ڳالھ کي سنڌ جي صوفي سرمست هنن لفظن ۾ ورجايو هو ته ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي، انسان جي انهيءَ ذميواري نڀاهڻ ۾ هن انابيت يا مان رڪاوٽ بڻبي رهي آهي. پيدائشي طرح هو ان مان جي جبريت ۾ قيد آهي، ان قيد مان نڪرڻ جڳو انسان لاءِ صرف هڪ ئي رستو آهي، اهو عشق آهي جنهن جي سنڌ جي صوفي به صدين کان وٺي هتي اپٽار ڪئي آهي. ...