Mudasir Chandio وڻندڙ برسات جي سنڌ ۾ تباهي
وڻندڙ برسات سنڌ ۾
تباهي مچائي ڇڏي.
سنڌ ۾ شدت گذريل ڪيترن ئي هفتن کان برقرار رهي
پر ان جي باوجود به برسات وسڻ جو ڪو به امڪان نه هيو. گرميءَ جي لهر نه صرف ڪراچي
پر سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد ۾ به ساڳي حالت پڻ برقرار رهي. تنهن هوندي به
سنڌ خاص ڪري ٿر، ڪاڇي، ڪوهستان جا ماڻهون لهسائيندڙ گرمي ۽ ڇوٽڪاري لاءِ سدائين
مينهن لاءِ واجهائيندا رهيا. حقيقت ان ڳالھ جي آهي ته موجوده وقت ۾ عالمي تپت سبب
دنيا جي طبعي توازن کي برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ مينهن جي ضرورت آهي.
دلچسپ اها ڳالھ آهي ته پاڪستان ۾ چوماسي جي
مند هلي رهي آهي جيڪا جولاءِ کان سيپٽمبر تائين جاري رهندي آهي. هن برسات ۾ سنڌو
درياھ سميت ملڪ جي سمورن درياهن ۾ گهڻين برساتن سبب ٻوڏ جهڙي صورتحال جي توقع ئي
پئي رهندي آهي پر جيڪڏهن سيپٽمبر تائين برسات جو سلسلو جاري رهيو ته ايندڙ ڏينهن ۾
ٻوڏ واري صورتحال پڻ ٿي سگهي ٿي. اهڙي موقعي تي جيئن گذريل مهيني انگريزي اخبارن،
بي بي سي ۽ خابرو ادارن واضع ڪيو ته سنڌ اندر برساتن جو سلسلو جولاءِ کان سيپٽمبر
تائين جاري رهندو. ان موقعي تي موسميات کاتي جي سردار سرفراز احمد جي حوالي سان
ڄاڻايو ويو ته سنڌ ۾ جيڪي ٻه وڏيون برساتون پيون آهن. هڪ عربي سمنڊ کان ٻيو بنگالي
دار کان ۽ ان کانسواءِ چوماسي واري مند ملڪ جي مٿاهين پاسي وارن علائقن جي صورتحال
به موسم تي اثر انداز ٿي آهي.
اسان هتي گذريل مهيني جولاءِ واري برسات تي
نظر وجهون ته سنڌ ۾ 28 کان 29 جولاءِ تي سانوڻيءَ جي برسات شروع ٿي. جنهن جي سنڌ
جي عوام خشگوار موڊ سان پڻ آجيان ڪئي. گرميءَ جي شدت ۾ گهٽتائي ٿي پر جولاءِ واري
پهرين برسات سنڌ ۾ تمام وڏي پيماني تي پئي.
پاڪستان جي معروف اخبار ڊان مطابق حيد رآباد توڙي ڪراچي ۾ 180 ملي ليٽر
برسات ريڪارڊ ڪئي وئي جنهن ۾ عوام کي شديد مشڪلاتن کي منهن ڏسڻو پيو ۽ ان پهرين چوماسي واري برسات
ڪيترن ئي ماڻهن جو جانيون وڃائي ڇڏيو. سانوڻي واري پهرين برسات سبب سنڌ ۾ 32
ماڻهون وفات ڪري ويا. جنهن ۾ 9 ٻار به شامل هيا. سنڌ حڪومت جي نا اهلي سبب
حيدرآباد شهر توڙي ڪراچي ۾ نالن، گهٽين ۽ رستن جي صفائي نه هئڻ ڪري ڪيترن ئي
علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار رهي ائين پئي لڳي ڄڻ 2010ع واري ٻوڏ جي صورتحال
سامهون آئي هجي. روڊن رستن ۽ گهٽين ۾ پاڻي گڏ ٿيڻ سبب اهو هڪ وڏي ڍنڊ جو منظر پيش
ڪري رهيو هيو. ۽ بجليءَ جي بريڪ ڊائون به عوام کي هيسائي ڇڏيو پر افسوس ان
وقت بلدياتي نظام خاموش رهيو. انهن تي ڪا
جونءَ ئي نه چري. برسات جو گندو پاڻي ڪڍڻ لاءِ شهرن پنهنجي مدد پاڻ ڪئي. هتي اسان
صرف ماضيءَ واري برسات جي ڳالھ جو ذڪر ڪيو آهي. جيتوڻيڪ برساتن جو سلسلو سنڌ ۾ هن
وقت تائين جاري آهي.
تازو ڪجھ ڏينهن اڳ موسميات کاتي پاران اڳڪٿي
ڪئي وئي آهي ته سنڌ اندر تيز برساتن جو سلسلو سيمٽمبر جي پندرهين تاريخ تائين جاري
رهندو. ان ۾ ڪراچي حيدرآباد بلڪه پوري سنڌ ۾ وقفي وقفي سان تيز برساتن جا امڪان پڻ
آهن. تازو گذريل هفتي کان سنڌ ۾ نئين سر برساتن جو سلسلو شروع ٿيو آهي جيڪو هن وقت
تائين هلندڙ آهي. ڪالھ خبر موجب ٻڌايو ويو آهي ته ڪراچي شهر ۾ تيز وسڪاري بعد شهرن
جي زندگي کي مفلوج ڪري ڇڏيو آهي ان ۾ ڪراچي شهر جا ڪيترائي علائقا پاڻي هيٺ رهيا. جن
۾ خدا جي بستي، بلاول ڪالوني، سهراب ڳوٺ، ڪورنگي ٽائون، گڏاپ ٽائون، شريف آباد،
قائدآباد ۽ ٻيا ڪيترائي علائقا شامل آهن. جنهن سبب اهو پيو ڏيکارجي ته ڪراچي جي
انهن علائقن ۾ ٻوڏ واري صورتحال برقرار آهي. ڪراچي شهر جا مک علائقا به پاڻي هيٺ
رهيا جنهن ۾ شاهراه فيصل، ملير روڊ، ائيرپورٽ روڊ، ڊفينس، نيشنل اسٽڊيم روڊ ۽ ٻيا
ڪيترائي مصروف ترين روڊ پڻ پاڻي ۾ شامل آهن. برسات جي ڪري ڪيترن ئي علائقن ۾
بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان موت جي ور چڙهي ويا. هن وقت ڪراچي شهر ۾ هڪ هفتي
کان برسات وقفي وقفي سان هلندڙ آهي. جيڪا تاريخ ۾ ڪراچي شهر ۾ پهريون ڀيرو شديد
برسات ريڪارڊ ڪئي وئي آهي. ڊپارٽمينٽ آف ميٽرولاجي اڃان وڌيڪ ڪراچي ۾ جمعي تائين
تيز هوائن سان گڏ برسات وسڻ جا امڪان ٻڌائي ڇڏيا آهن.
هن وقت مينهن جي صورتحال پوري سنڌ ۾ برقرار
آهي جنهن ۾ دادو، لاڙڪاڻو، سکر، شهداڪوٽ، جيڪب آباد، ٿر، ميرپور خاص، ۽ ٻين علائقن
۾ وقفي وقفي سان برسات جاري آهي. برسات سبب ڪيترائي جاني نقصان پڻ ٿيا آهن. بي بي
سي اردو خبر موجب تازو چئن ڏينهن واري برسات سبب ڪراچي ۽ سنڌ جي مختلف شهرن ۾ 27
جانيون موت جو کاڄ بڻجي چڪيون آهن. جن ۾ ڪراچي شهر ۾ 20 ، 3 حيدرآباد ۽ 4 سنڌ جي
اترادي علائقن ۾ بجليءَ جي ڪرنٽ لڳڻ سبب جاني نقصان ٿيو آهي. موسميات کاتي پاران
اڃان به برساتن جو مون سون سلسلو ٻڌائي ڇڏيو آهي جڏهن ته ڪراچي شهر ۾ وقفي وقفي
سان پڻ برسات جاري آهي.
جيڪڏهن اڃان وڌيڪ برسات جاري رهي ته پوري سنڌ
۾ ٻوڏ جا خطرا واضع ٿي سگهن ٿا. ڇو ته هن وقت سنڌو درياھ ۾ به روزمره جي حساب سان
وڏي پيماني تي چاڙھ آهي. اهڙي صورتحال واضع طور تي ظاهر ٿي آهي ته سنڌو درياھ ۾ چاڙھ
سبب ڪچي جا ڪيترائي علائقا درياھ جي پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. جيڪڏهن سنڌ سرڪار پاران
درياھ جي بندن جي مرمت نئين سر نه ڪرائي وئي ته ان جو نقصان ڪيترن ئي شهرن کي ٿي
سگهي ٿو. ان کان علاوه ڪراچي توڙي
حيدرآباد شهر ۾ نالن ۽ گند ڪچري جي صفائي نه ڪرائي وئي ته ايندڙ برساتن ۾ وڌيڪ
نقصان ٿي سگهي ٿو.
هن وقت برسات جي صورتحال پوري سنڌ ۾ آهي هاڻي
ڏسڻو اهو آهي ته گورنمينٽ ڪهڙا اپاءَ ٿي وٺي. جڏهن ته اهڙي موقعي تي بلديات جو
ڪهڙو ڪردار آهي پر ان ۾ روڊن رستن جي صفائي ۾ عوام جو ڪهڙو رول آهي. جيڪڏهن صرف
اسان پاڻ حڪومت تي سڀ شيءِ ڇڏي ڏينداسين ته
ائين ڪم ڪونه هلندو. جيڪڏهن اسان جي ڪنهن به ايريا ۾ نالن گهٽين جي صفائي
ناهي ٿيل. پوءِ اهڙي صورت ۾ جلد ميونسپل پالٽي وارن کي اطلاع ڏجي ته جيئن اڳواٽ ئي
صفائي جو ڪم مڪمل هجي.
ان موقعي تي سنڌ حڪومت اڳواٽ ئي سنڌ جي وڏن
شهرن ۾ بلدياتي نظام کي سرگرم رکي ته جيئن ڪراچي توڙي حيدرآباد شهر ۾ روڊن رستن تي
پاڻي جمع نٿي سگهي. ۽ کيس عوام کي ڪنهن به پريشاني جو منهن نه ڏسڻو پوي.
نالو؛ محمد مدثر چانڊيو.
رول نمبر 130.
بي ايس پارٽ ٿري ٽوڪي سيونٽين ايم سي.
Comments
Post a Comment