Asma Channa Article Revised
Revied لاعلمي کان وٺي شعور تائين جو تعليمي سفر. اسما چنا_بي ايس_21 اشرف المخلوقات جهڙو عظيم رتبو ماڻيندڙ هر انسان پنهنجي شروعاتي دور کان وٺي ساهه جي آخري سڳي تائين طرح طرح جي حسناڪين جي گهيري ۾ گهيريل رهي ٿو. سندن گهر جي اڱڻن ۾ خوشيون ان وقت پکيڙجن ٿيون جڏهن هو هن جهان ۾ اک کولي ٿو ۽ پنهنجي لاعلمي واري معصوم چهري تي رڙين جا آبشار چٽا ڪندي هن جهان ۾ پهچڻ جو شاهديون ڏيندو آهي. ان وقت هو لاعلمي واري دور جي پهرين وک پنهنجي جيون ۾ رکندو آهي. ساڳئي ريت ساڳئي گهر توڙي مٽي تي پنهنجي والدين جي آڱر جهلي هو هلڻ، کائڻ، پيئڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. ان ڳالهه مان اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انساني حيات ۾ سکڻ وارو عمل لاعلمي واري دور کان ئي شروعات کڻي ٿو جيڪو قبر جي ڪپ يعني مرڻ تائين جاري رهندو آهي. ان کانپوء ساڳيو ٻار پنهنجي سکڻ واري ٻئي وک تعليم جي دنيا ۾ رکي ٿو جيڪو سندس بهتر مستقبل لاء سٺو اثر ڇڏڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪوششش ڪ...