Asma Channa Article Revised
Revied
-----------------------------------------------------------------------------
This is essay type, not article. Article is always current, relevant, it giver references of some reports, research etc which has recently conducted
لاعلمي کان وٺي شعور تائين جو تعليمي سفر.
اسما چنا_بي ايس_21
اشرف المخلوقات جهڙو عظيم رتبو ماڻيندڙ
هر انسان پنهنجي شروعاتي دور کان وٺي ساهه جي آخري سڳي تائين طرح طرح جي حسناڪين
جي گهيري ۾ گهيريل رهي ٿو. سندن گهر جي اڱڻن ۾ خوشيون ان وقت
پکيڙجن ٿيون جڏهن هو هن جهان ۾ اک کولي ٿو ۽
پنهنجي لاعلمي واري معصوم چهري تي رڙين جا آبشار چٽا ڪندي هن جهان ۾ پهچڻ جو شاهديون ڏيندو آهي. ان وقت هو لاعلمي
واري دور جي پهرين وک پنهنجي جيون ۾ رکندو آهي. ساڳئي ريت ساڳئي گهر توڙي مٽي تي
پنهنجي والدين جي آڱر جهلي هو هلڻ، کائڻ، پيئڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. ان ڳالهه مان اهو اندازو لڳائي سگهجي
ٿو ته انساني حيات ۾ سکڻ وارو عمل لاعلمي
واري دور کان ئي شروعات کڻي ٿو جيڪو قبر جي ڪپ يعني مرڻ تائين جاري رهندو آهي.
ان کانپوء ساڳيو
ٻار پنهنجي سکڻ واري ٻئي وک تعليم جي دنيا ۾ رکي ٿو جيڪو سندس بهتر مستقبل لاء سٺو
اثر ڇڏڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪوششش ڪندو آهي.
جيڪڏهن تعليم کي واضع نموني سان بيان ڪيو وڃي ته لفظ تعليم عربي
ٻولي جو لفظ
آهي.جنهن جي معني
رستو ڏيکارڻ يا رهنمائي ڪرڻ آهي.تعليم بابت
مختلف معاشرتي پسمنظر
۽ تقاضا رکندڙ
ماهرن ، مفڪرن
جون الڳ الڳ
سمجهاڻيون ڏنيون ويون
آهن.پنهنجن تجربن ، احساسن توڙي
نظرين کي هڪ
نسل کان ٻي
نسل تائين پهچائڻ
کي تعليم چيو
ويندو آهي.جڏهن ته
مشهور ماهر جان ڊيوي
چوي ٿو ته
عام طور تي
تعليم کي زندگي
جو وسيلو سمجهيو
ويندو آهي پر
تعليم بذات خود زندگي
آهي ڇو جو
تعليم ۽ زندگي
هڪ شئي جا
ٻه نالا آهن.انهي
مان اهو معلوم
ٿيو ته تعليم ۽ زندگي کي هڪ ٻئي
کان جدا نٿو
ڪري سگهجي.
جنهن ۾ هو مڪمل طور تي سکڻ جي صورتحال ۾ پنهنجو پاڻ کي
شمار ڪندو آهي ۽ انهيءَ هاءِ اسڪول جي تعليم ۾ٻار پنهنجو پاڻ کي استاد جي حوالي
ڪري ڇڏيندو آهي جيڪو استاد لکرايو يا وري پڙهايو اهو ئي سکڻ ۽ انجي نقش قدم تي هلڻ
انجو پهريون مقصد هوندو آهي. انهي تعليمي سفر ۾ شاگرد کي پنهنجي کائڻ، پيئڻ، اٿڻ
ويهڻ ۽ پائڻ جي آگاهي والدين طرفان مليل هوندي آهي.
هاء اسڪول جي تعليم کانپوء هر شاگرد جو ڌيان هڪ ٻي دنيا
۾ هوندو آهي جنهن کي ڪاليج يا وري هائير
سيڪينڊري تعليم جي ديوار سڏي وڃي ٿي. انهي ۾ هر ٻار پنهنجو مستقبل جي فيلڊ کي
چونڊي اوڙاگڻ تي هلڻ جي هر نمايان ڪوشش ڪندو آهي. ايستائين جي هر تعليم ۾ هر شاگرد کي پنهنجي والدين طرفان آگاهي ڏني ويندي آهي ته
جيڪڏهن شعور حاصل ڪرڻو هجي ته بهترين يونيورسٽي ۾ وڃڻ لاء سٺي ۽ ڀرپور تياري ڪيو
ته جيئن ڪا به يونيورسٽي توهان کي سٺي مستقبل ۽ بهترين معمار فراهم ڪرڻ لاء ڪيٻائي
نه. هائير سيڪينڊري يا کڻي ايئن چئجي ته ٻارنهن درجي تائين جي سند حاصل ڪري وچ ۾
ڇهه مهينن جي ننڍڙي عرصي ۾ هر شاگرد پنهنجي والدين جي هر خوشي، هر اميد ۽ هر امنگ
تي پورو لهڻ لاء انٽري ٽيسٽ جي تياري ۾
مصروف نظر ايندو آهي. سندس محنت ۽ مشقت جي هر گهڙي ڪاميابي جي سيڙهين تي وکون
رکڻ ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندي آهي.
يونيورسٽي جي تعليم جو سفر هر شاگرد لاء حياتي جو بهترين
۽ دلچسپ سفر قرار ڏئي ٿو جتي داخل ٿيندي ئي هر شاگرد پنهنجو پاڻ کي جهان ۾ ئي ٻار مثل محسوس ڪندو آهي ڇاڪاڻ جو علمي دنيا ۾
يونيورسٽي هر نئي ايندڙ معمار يا نوجوان نسل لاء بهترين مشعل راهه طور اڀري سامهون ايندي آهي. جنهن جي بدولت يونيورسٽي کي علم، ادب، ثقافت ۽
تفريح جو مانڊاڻ به سڏيو ويندو آهي. هزارين شاگرد دلين ۾ انيڪ تمنائون رکي انهي
ميدان ۾ وکون رکندا آهن جنهن ۾ ڪيترائي
قابل ۽ سلجهيل ڪردار پنهنجون منزلون ماڻي هڪ نئ دنيا ۾ آباد ٿيندا آهن اهي
ڪردار مختلف سائئنسي توڙي ادبي شعبن ۾ پنهنجو پاڻ کي ملهائي ترقي جي راهن ڏانهن
گامزن ٿيندا آهن.
پاڪستان جي تعليمي نظام بابت تازو شايع ٿيندڙ هڪ رپورٽ ۾
اهو ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان ۾ ڪۡل 260903 تعليمي ادارا آهن جنهن ۾ 41018384
شاگرد 1535641 استادن جي مدد سان تعليم پرائي رهيا آهن. انهي تعليمي نظام ۾ 31
سيڪڙو تعليمي ادارا پرائيوٽ سيڪٽر جڏهن ته 69 سيڪڙو پبلڪ سيڪٽر جي سرپرستي ۾ هلي
رهيا آهن.
هائير ايجوڪيشن طرفان پڌري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ اهو ٻڌايو ويو
آهي ته دنيا ۾ ڪل چار لک پنجيتاليهه هزار يونيورسٽيون موجود آهن جيڪي شاگردن ۾
شعور پکيڙي رهيون آهن.
2018ـ 2019 جي ڪيو ايس ورلڊ ريڪنگ پاران
دنيا جي هڪ هزار بهترين يونيورسٽين جي پڌري ڪيل رپورٽ ۾ پاڪستان جي ڏهه يونيورسٽين
جو شمارو به ٿئي ٿو. جنهن ۾ نيشنل
يونيورسٽي آف سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ، قائد اعظم يونيورسٽي، لاهور يونيورسٽي آف
مينيجينٽ سائنس، ڪراچي يونيورسٽي ، لمس سميت ٻيون يونيوورسٽيون شامل آهن جنهن جي
بدولت پاڪستان جي يونيورسٽين جي معيار کي
به جانچي سگهجي ٿو.
تعليم سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي شاگردن جي سونهن به
سٻاجهڙي هوندي آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو ان جي فيراڪ رستن تي انيڪ جوڙا روزانو اکين
مان قيد ٿيندي ڪنهن نه ڪنهن جي قاتل نگاهن جو نشانو بڻجندا آهن. جنهن ۾ ڪي ته گورڙا، ڪي سانورا، ڪي ڀورڙا ته وري ڪي
ڪارڙا شامل هوندا آهن. ان سان گڏوگڏ يونيورسيٽي جي ڏينهن ۾ جفائون، وفائون به اتي
جي هوائن ۾ شامل ٿي لڳنديون رهن ٿيون. جتي ڏک سک جا ساٿي ڪڏهن ڪاريڊورن ۾ ته ڪڏهن
ڪينٽين تي ته وري ڪڏهن پارڪن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ نڀائڻ جا وچن پيا ڪندا آهن ته وري
ڪڏهن هيڪلڙي دلڙِي سان سگريٽ جا ڪش هڻي پنهنجي ساروڻيون پيا ساريندا آهن.
يونيورسٽي ۾ شاگرد تعليمي نصاب سان گڏوگڏ ٻين ادبي، علمي
توڙي ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري خوب ڄاڻ پرائي ٿو. ان کان علاوه شاگرد پنهنجي
حوصلي ۽ ڪارگردگي جي بنياد تي يونيورسٽي ۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺي وڏو ناء
ڪمائيندا آهن. يونيورسٽي جي ڪينٽين تي به عجيب رونق پکڙيل نظر ايندي آهي جتي شاگرد
پنهنجي دوستن سان ٽولن جي صورت ۾ ٻه پل گهاري صدين جون يادون سهيڙي ۽ انهن کي
سنڀالي رکندا آهن.
يونيورسٽي جي تعليمي کيتر ۾ هوسٽلن جو مزو به هر شاگرد
جي وسارڻ جوڳو ناهي هوندو. جنهن ۾ ٻين شهرن توڙي دنيا جي ٻين ملڪن مان شاگرد تعليم
پرائڻ لاء رهائش پذير هوندا آهن جتي نوان چهرا مختلف سوچون، مختلف خيال، مختلف
ٻوليون ، الڳ الڳ لباس، الڳ الڳ رهڻي ڪهڻي مطلب ته وڻ وڻ ڪاٺي ٿيڻ وارو عمل هوندو
آهي جيڪو تمام گهڻو شاندار ۽ مانائتو هوندو آهي.
ان سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي پوائنٽس جو سفر به شاگردن لاء يادگار سفر هوندو
آهي ڪڏهن پٺارڪ ۾ ته ڪڏهن ڀري ۾ جي پهاڪي وانگر يونيورسٽي جو سفر به يادگار هوندو
آهي. جنهن ۾ شاگرد ڪڏهن ڪنهن دل واري سان گڏ ته ڪڏهن اڪيلو ڪڏهن ويٺي ته ڪڏهن بيٺل
نيٺ پنهنجي منزل تي پهچن ٿا. جيڪو انيڪ اداسيون ۽ يادون ڇڏي ويندو آهي.
يونيورسٽي جي شعوري سفر کي ذهن ۾ رکندي هر شاگرد کي اها
ڪوشش ڪرڻ کپي ته هو پنهنجي شروعاتي تعليم
۾ سٺا نمبر کڻي يونيورسٽي تائين رسائي حاصل ڪري.. يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندڙ
هر نئي ايندر معمار توڙي پڙهندڙ شاگردن کي گهرجي ته هو تعليمي توڙِي، فڪري، ثقافتي
۽ ادبي سفر کي اڄ جي جديد دور ڏانهن روان دوان ڪن ته جيئن پنهنجو سٺو ناء ڪمائي
سگهن. ان کان علاوه هر ماڻهو جي لحاظ سان گڏوگڏ سماج جي مختلف عنصرن کي سمجهندي
پنهنجي مسقتبل جي لاٽ کي سٺي نموني سان روشن ڪري سگهن جيڪا لاٽ يقينا انهن کي
ڪاميابي جو سفر سولائي سان طئي ڪرائڻ ۾ ڀرپور ڪوشش ڪندي..
This is essay type, not article. Article is always current, relevant, it giver references of some reports, research etc which has recently conducted
لاعلمي کان
وٺي شعور تائين جو تعليمي سفر.
اسما چنا_بي
ايس_21
اشرف
المخلوقات جهڙو عظيم رتبو ماڻيندڙ هر انسان پنهنجي شروعاتي دور کان وٺي ساهه جي
آخري سڳي تائين طرح طرح جي حسناڪين جي گهيري
۾ گهيريل رهي ٿو. سندن گهر جي اڱڻن
۾ خوشيون ان وقت پکيڙجن ٿيون جڏهن هو هن جهان ۾ اک کولي ٿو
۽ پنهنجي لاعلمي واري معصوم چهري تي رڙين
جا آبشار چٽا ڪندي هن جهان ۾ پهچڻ جو
شاهديون ڏيندو آهي. ان وقت هو لاعلمي واري دور جي پهرين وک پنهنجي جيون ۾ رکندو
آهي. ساڳئي ريت ساڳئي گهر توڙي مٽي تي پنهنجي والدين جي آڱر جهلي هو هلڻ، کائڻ،
پيئڻ ۽ ڳالهائڻ شروع ڪري ٿو. ان ڳالهه مان
اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته انساني حيات ۾ سکڻ وارو عمل لاعلمي واري دور کان ئي شروعات کڻي ٿو جيڪو
قبر جي ڪپ يعني مرڻ تائين جاري رهندو آهي.
ان
کانپوء ساڳيو ٻار پنهنجي سکڻ واري ٻئي وک
تعليم جي دنيا ۾ رکي ٿو جيڪو سندس بهتر مستقبل لاء سٺو اثر ڇڏڻ ۾ پڻ ڀرپور ڪوششش ڪندو آهي. جيڪڏهن تعليم کي واضع نموني
سان بيان ڪيو وڃي ته لفظ تعليم عربي ٻولي
جو لفظ آهي.جنهن
جي معني رستو
ڏيکارڻ يا رهنمائي ڪرڻ
آهي.تعليم بابت مختلف
معاشرتي پسمنظر ۽
تقاضا رکندڙ ماهرن
، مفڪرن جون
الڳ الڳ سمجهاڻيون
ڏنيون ويون آهن.پنهنجن
تجربن ، احساسن توڙي نظرين
کي هڪ نسل
کان ٻي نسل
تائين پهچائڻ کي
تعليم چيو ويندو
آهي.جڏهن ته مشهور
ماهر جان ڊيوي چوي
ٿو ته عام
طور تي تعليم
کي زندگي جو
وسيلو سمجهيو ويندو
آهي پر تعليم
بذات خود زندگي آهي
ڇو جو تعليم
۽ زندگي هڪ
شئي جا ٻه نالا آهن.انهي
مان اهو معلوم
ٿيو ته تعليم ۽ زندگي کي هڪ ٻئي
کان جدا نٿو
ڪري سگهجي.
جنهن ۾ هو
مڪمل طور تي سکڻ جي صورتحال ۾ پنهنجو پاڻ کي شمار ڪندو آهي ۽ انهيءَ هاءِ اسڪول جي
تعليم ۾ٻار پنهنجو پاڻ کي استاد جي حوالي ڪري ڇڏيندو آهي جيڪو استاد لکرايو يا وري
پڙهايو اهو ئي سکڻ ۽ انجي نقش قدم تي هلڻ انجو پهريون مقصد هوندو آهي. انهي تعليمي
سفر ۾ شاگرد کي پنهنجي کائڻ، پيئڻ، اٿڻ ويهڻ ۽ پائڻ جي آگاهي والدين طرفان مليل
هوندي آهي.
هاء اسڪول جي
تعليم کانپوء هر شاگرد جو ڌيان هڪ ٻي دنيا ۾ هوندو آهي جنهن کي ڪاليج يا وري هائير سيڪينڊري تعليم
جي ديوار سڏي وڃي ٿي. انهي ۾ هر ٻار پنهنجو مستقبل جي فيلڊ کي چونڊي اوڙاگڻ تي هلڻ
جي هر نمايان ڪوشش ڪندو آهي. ايستائين جي هر تعليم ۾ هر شاگرد کي پنهنجي والدين طرفان آگاهي ڏني ويندي آهي ته
جيڪڏهن شعور حاصل ڪرڻو هجي ته بهترين يونيورسٽي ۾ وڃڻ لاء سٺي ۽ ڀرپور تياري ڪيو
ته جيئن ڪا به يونيورسٽي توهان کي سٺي مستقبل ۽ بهترين معمار فراهم ڪرڻ لاء ڪيٻائي
نه. هائير سيڪينڊري يا کڻي ايئن چئجي ته ٻارنهن درجي تائين جي سند حاصل ڪري وچ ۾
ڇهه مهينن جي ننڍڙي عرصي ۾ هر شاگرد پنهنجي والدين جي هر خوشي، هر اميد ۽ هر امنگ
تي پورو لهڻ لاء انٽري ٽيسٽ جي تياري ۾
مصروف نظر ايندو آهي. سندس محنت ۽ مشقت جي هر گهڙي ڪاميابي جي سيڙهين تي وکون
رکڻ ۾ ڀرپور ساٿ ڏيندي آهي.
يونيورسٽي جي
تعليم جو سفر هر شاگرد لاء حياتي جو بهترين ۽ دلچسپ سفر قرار ڏئي ٿو جتي داخل
ٿيندي ئي هر شاگرد پنهنجو پاڻ کي جهان ۾ ئي
ٻار مثل محسوس ڪندو آهي ڇاڪاڻ جو علمي دنيا ۾ يونيورسٽي هر نئي ايندڙ معمار
يا نوجوان نسل لاء بهترين مشعل راهه طور
اڀري سامهون ايندي آهي. جنهن جي بدولت
يونيورسٽي کي علم، ادب، ثقافت ۽ تفريح جو مانڊاڻ به سڏيو ويندو آهي. هزارين شاگرد
دلين ۾ انيڪ تمنائون رکي انهي ميدان ۾ وکون رکندا آهن جنهن ۾ ڪيترائي قابل ۽ سلجهيل ڪردار پنهنجون منزلون ماڻي هڪ نئ
دنيا ۾ آباد ٿيندا آهن اهي ڪردار مختلف سائئنسي توڙي ادبي شعبن ۾ پنهنجو پاڻ کي
ملهائي ترقي جي راهن ڏانهن گامزن ٿيندا آهن.
تعليم سان
گڏوگڏ يونيورسٽي جي شاگردن جي سونهن به سٻاجهڙي هوندي آهي اهو ئي ڪارڻ آهي جو ان
جي فيراڪ رستن تي انيڪ جوڙا روزانو اکين مان قيد ٿيندي ڪنهن نه ڪنهن جي قاتل نگاهن
جو نشانو بڻجندا آهن. جنهن ۾ ڪي ته گورڙا،
ڪي سانورا، ڪي ڀورڙا ته وري ڪي ڪارڙا شامل هوندا آهن. ان سان گڏوگڏ يونيورسيٽي جي
ڏينهن ۾ جفائون، وفائون به اتي جي هوائن ۾ شامل ٿي لڳنديون رهن ٿيون. جتي ڏک سک جا
ساٿي ڪڏهن ڪاريڊورن ۾ ته ڪڏهن ڪينٽين تي ته وري ڪڏهن پارڪن ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ نڀائڻ
جا وچن پيا ڪندا آهن ته وري ڪڏهن هيڪلڙي دلڙِي سان سگريٽ جا ڪش هڻي پنهنجي
ساروڻيون پيا ساريندا آهن.
يونيورسٽي ۾
شاگرد تعليمي نصاب سان گڏوگڏ ٻين ادبي، علمي توڙي ثقافتي پروگرامن ۾ شرڪت ڪري خوب
ڄاڻ پرائي ٿو. ان کان علاوه شاگرد پنهنجي حوصلي ۽ ڪارگردگي جي بنياد تي يونيورسٽي
۾ ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ حصو وٺي وڏو ناء ڪمائيندا آهن. يونيورسٽي جي ڪينٽين تي
به عجيب رونق پکڙيل نظر ايندي آهي جتي شاگرد پنهنجي دوستن سان ٽولن جي صورت ۾ ٻه
پل گهاري صدين جون يادون سهيڙي ۽ انهن کي سنڀالي رکندا آهن.
يونيورسٽي جي تعليمي
کيتر ۾ هوسٽلن جو مزو به هر شاگرد جي وسارڻ جوڳو ناهي هوندو. جنهن ۾ ٻين شهرن توڙي
دنيا جي ٻين ملڪن مان شاگرد تعليم پرائڻ لاء رهائش پذير هوندا آهن جتي نوان چهرا
مختلف سوچون، مختلف خيال، مختلف ٻوليون ، الڳ الڳ لباس، الڳ الڳ رهڻي ڪهڻي مطلب ته
وڻ وڻ ڪاٺي ٿيڻ وارو عمل هوندو آهي جيڪو تمام گهڻو شاندار ۽ مانائتو هوندو آهي. ان سان گڏوگڏ يونيورسٽي جي پوائنٽس جو سفر به
شاگردن لاء يادگار سفر هوندو آهي ڪڏهن پٺارڪ ۾ ته ڪڏهن ڀري ۾ جي پهاڪي وانگر
يونيورسٽي جو سفر به يادگار هوندو آهي. جنهن ۾ شاگرد ڪڏهن ڪنهن دل واري سان گڏ ته
ڪڏهن اڪيلو ڪڏهن ويٺي ته ڪڏهن بيٺل نيٺ پنهنجي منزل تي پهچن ٿا. جيڪو انيڪ اداسيون
۽ يادون ڇڏي ويندو آهي.
يونيورسٽي جي
شعوري سفر کي ذهن ۾ رکندي هر شاگرد کي اها ڪوشش ڪرڻ کپي ته هو پنهنجي شروعاتي
تعليم ۾ سٺا نمبر کڻي يونيورسٽي تائين
رسائي حاصل ڪري.. يونيورسٽي ۾ داخلا وٺندڙ هر نئي ايندر معمار توڙي پڙهندڙ شاگردن
کي گهرجي ته هو تعليمي توڙِي، فڪري، ثقافتي ۽ ادبي سفر کي اڄ جي جديد دور ڏانهن
روان دوان ڪن ته جيئن پنهنجو سٺو ناء ڪمائي سگهن. ان کان علاوه هر ماڻهو جي لحاظ
سان گڏوگڏ سماج جي مختلف عنصرن کي سمجهندي پنهنجي مسقتبل جي لاٽ کي سٺي نموني سان
روشن ڪري سگهن جيڪا لاٽ يقينا انهن کي ڪاميابي جو سفر سولائي سان طئي ڪرائڻ ۾
ڀرپور ڪوشش ڪندي..
This practical work carried out under supervision of Sir Sohail Sangi, at Media and Communication studies, University of Sindh Jamshoro
Comments
Post a Comment