zubair khuharo feature سنڌ يونيورسٽي ۾ چار سال
ٰIS THIS PIECE FROM CREATIVE WRITING OR NEWSPAPER & MAG PRODUCTION SUBJECT? feature IS ALWAYS REPORTING BASED. سنڌ يونيورسٽي ۾ ايندڙن جا چار سال مادرعلمي سنڌ يونيورسٽي ٻين يونيورسٽن جي ڌڪاريل شاگردن جي لاءِ ائين ئي وسيلو آهي، جيئن بکايل ۽ اڃايل مسافر کي ڪنهن آستاني جو ملڻ. يونيوسٽي ۾ اچڻ ۽ پڙهڻ هر شاگرد جو خواب هوندو آهي پر اهو خواب سڀني جو پورو نه ٿيندو آهي. ڪجھ خوش نصيب اهي هوندا آهن جن کي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي ويندي آهي. يونيورسٽي ۾ اچڻ کان پوءِ اهي نوان شاگرد تمام گهڻو خوش هوندا آهن. جنوري جي شروعاتي هڪ ٻن هفتن ۾ اهي نوان شاگرد پوري يونيورسٽي ۾ پيا گهمندا آهن. ڪڏهن سينٽرل لائبرري ته ڪڏهن آرٽس فيڪلٽي ته وري ڪڏهن آءِ ٽي ڪينٽين ۽ انگلش ڪينٽين جا پيا چڪر هڻندا آهن. ۽ جڏهن انهن جي نظر يونيورسٽي ۾ گهمندڙ حسينائن تي پوندي آهي ته پوءِ پنهنجو پاڻ کي ٺاهي ٻه ٽي سئو سيلون واري کي ڏئي پنهنجو پاڻ کي پيا فلم جو هيرو سمجهندا آهن. جڏهن اهي شاگرد يونيورسٽي ۾ داخل ٿيندا آهن ته پوءِ انهن لاء پڙهائي به هڪ وڏو مسئ...