zubair khuharo feature سنڌ يونيورسٽي ۾ چار سال

ٰIS THIS PIECE FROM CREATIVE WRITING OR NEWSPAPER & MAG PRODUCTION SUBJECT?
feature IS ALWAYS REPORTING BASED.

سنڌ يونيورسٽي ۾ ايندڙن جا چار سال

مادرعلمي سنڌ يونيورسٽي ٻين يونيورسٽن جي ڌڪاريل شاگردن جي لاءِ ائين ئي وسيلو آهي، جيئن بکايل ۽ اڃايل مسافر کي ڪنهن آستاني جو ملڻ. يونيوسٽي ۾ اچڻ ۽ پڙهڻ هر شاگرد جو خواب هوندو آهي پر اهو خواب سڀني جو پورو نه ٿيندو آهي. ڪجھ خوش نصيب اهي هوندا آهن جن کي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي ويندي آهي. 
يونيورسٽي ۾ اچڻ کان پوءِ اهي نوان شاگرد تمام گهڻو خوش هوندا آهن. جنوري جي شروعاتي هڪ ٻن هفتن ۾ اهي نوان شاگرد پوري يونيورسٽي ۾ پيا گهمندا آهن. ڪڏهن سينٽرل لائبرري ته ڪڏهن آرٽس فيڪلٽي ته وري ڪڏهن آءِ ٽي ڪينٽين ۽  انگلش ڪينٽين جا پيا چڪر هڻندا آهن. ۽ جڏهن انهن جي نظر يونيورسٽي ۾ گهمندڙ حسينائن تي پوندي آهي ته پوءِ پنهنجو پاڻ کي ٺاهي ٻه ٽي سئو سيلون واري کي ڏئي پنهنجو پاڻ کي پيا فلم جو هيرو سمجهندا آهن.   
 جڏهن اهي شاگرد يونيورسٽي ۾ داخل ٿيندا  آهن ته  پوءِ انهن لاء  پڙهائي به هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي. ڇو جو  ڪافي شاگرد ٻهراڙي کان ايندا آهن ۽ انهن جي شروعاتي تعليم جو بنياد ڪچو هوندو آهي .پر جيڪي شاگرد تعليم ۾ اڳڀرا هوندا آهن ته انهن جي لاء يونيورسٽي هڪ واحد جڳهه هوندي آهي جتي هو پنهنجو پاڻ مڃرائي پنهنجو مستقبل روشن ڪن ٿا.يقينن  يونيورسٽي ئي  هڪ اهڙو ادارو آهي جتي شاگرد پنهنجي قابليت کي ڄاڻن ٿا ۽ زندگي ۾ ڪاميابي حاصل ڪندا آهن. يونيورسٽي ۾ ٽيهه کان پنجٽيهه هزار شاگرد زير تعليم آهن جن مختلف ملڪن مان پڙهي ايندڙ بهترين اسڪالر پڙهائي رهيا آهن. سنڌ يونيورسٽي جو ڪهڙو به ڊپارٽمينٽ هجي، هر ڪلاس ۾ سئو کان ٻه سئو شاگرد پڙهندا آهن. جيڪي پڙهائي سان گڏ پريڪٽيڪل به ڪن ٿا. 
ڊپارٽمينٽ ۾ اچڻ کان پوءِ نوان دوست به ضرور ملندا آهن ۽ انهن دوستن سان واقفيت ڪرڻ کان پوءِ انهن سان گڏجي ڊپارٽمينٽ کان ڪينٽين  تائين چڪربه معمول بڻجي ويندا آهن. ڪلاس وٺڻ کان پوءِ وري ڊپارٽمينٽ جا چڪر هڻڻ ۽ ڪاريڊور ۾ ويهي ڪچهريون ڪرڻ ۽ ڇوڪريون ڏسڻ به روز جو ڪم هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن وري ڪلاس ڇڏي دوستن سان اجايويونيورسٽي جا چڪرپيا لڳندا. 
يونيورسٽي ۾ اچڻ کان پوءِ نون شاگردن سان انهن جا سينئير ريگنگ به ڪندا آهن ۽ انهن کي ٿورو گهڻو تنگ به ڪندا آهن.ريگنگ به يونيورسٽي جو حصو آهي جيڪا هر سال نون آيل شاگردن جي مقدر ۾ هوندي آهي. ۽ ايئن ئي شروعاتي ڪجھ ڏينهن گذرندا  آهن اهڙي طرح اهي  نوان آيل شاگرد يونيورسٽي جي ماحول ۾ رلجي ويندا آهن، ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪامريڊ سمجهندا آهن. 
جيتوڻيڪ سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻهراڙيءَ جا ڪافي شاگرد هوندا آهن ۽ جڏهن اهي شاگرد يونيورسٽي ۾ ايندا آهن ته انهن لاءِ سڀ کان وڏو مسئلو رهائش جو هوندو آهي. يونيورسٽي ۾ هاسٽل ته موجود آهي پر يونيورسٽي ۾ داخلا وانگر هاسٽل وٺڻ به وڏو مسئلو هوندو آهي. ڇو جو هر سال هزارين شاگرد يونيورسٽي ۾ ايندا آهن ۽ هاسٽل سڀني کي ناهي ملي سگهندي. ان ڪري شروعاتي مهينن ۾ پرووسٽ آفيس جي ٻاهران هاسٽل جي لاءِ شاگردن جون قطارون لڳل هونديون آهن ۽ اهڙي طرح يونيورسٽي جوهڪ سال پورو ٿئي ٿو.     
سنڌ يونيورسٽي ۾ هرسال مختلف پروگرام پڻ ٿيندا آهن اهي پروگرام شاگردن طرفان به ڪرايا ويندا آهن ته اهي پروگرام يونيورسٽي جي طرفان به ڪرايا ويندا آهن. جن ۾ انگلش ڊپارٽمينٽ طرفان فوڊ فيسٽول، آء بي اي طرفان اسپورٽس ۽ ڪارنيول فيسٽول، مئٿميٽڪس طرفان بسنت فوڊ گالا ، آرٽ اينڊ ڊزائن ۾ شاگردن جي ٺاهيل تصويرن جي نمائش، ڪلچرل پروگرام، ميوزيڪل نائيٽ ۽ لاهوتي ميلو پڻ ڪرايا ويندا آهن. ان کان سواء ممتاز مرزا آڊيٽوريم ۾ سيمنار ۽ ڪانفرنس پڻ ڪرايا ويندا آهن. جيڪي شاگردن جي دلچسپي ۽ تعليمي سرگرمين تي ٻڌل هوندا آهن. ان سان گڏوگڏ هر سال  نون ايندڙن شاگردن جي لاءِ ويلڪم پارٽي ۽ الوداع ڪندڙ شاگردن جي لاءِ وري الوداعي پارٽي به ڪئي ويندي آهي. اهڙي طرح يونيورسٽي ۾ پڙهائي سان گڏوگڏ اهڙيون تعليمي سرگرميون به ٿينديون رهنديون آهن .                                                                                                                          
 جيئن ته پڙهائي سان گڏوگڏ وري شاگردن جي لاءِ ٽوئر به ڪرايا ويندا آهن ۽ انهن کي مختلف جڳهن تي ٽوئر به ڏنا ويندا آهن. جن ۾ اڪثر ڪري گهارو واٽر پارڪ، فيسٽا، ڊريم ورلڊ، ۽ ٻيا تفريح مقام پڻ ٽوئر جو حصو هوندا آهن. اهڙي طرح هر سال يونيورسٽي اندر اهي پروگرام ۽ ٽوئر ٿيندا رهن ٿا. 
وڇوڙو ۽ جدائي به زندگيءَ جو حصو آهي، ۽ جڏهن فائنل ايئر هوندو آهي ته پوءِ هڪ ٻي کان جدا ٿيڻ جو وڇوڙو جيءُ جهوريندڙ هوندو آهي. جڏهن اتر جون ٿڌڙيون هوائون لڳنديون آهن ته پوءِ اهي ٿڌڙيون هوائون وري پاڻ سان گڏ سور صدما ۽ الوداعي کڻي اينديون آهن. ڊسمبر جو مهينو فطرت طرفان ئي ڏک، وڇوڙا، سور صدما، زخم، ۽ جدائي کڻي ايندو آهي. ان ڪري اڪثر چهرن تي اداسي ڇائنجي ويندي آهي. انهيءَ الوداعي موسم ۾ سنڌ جي مادري علمي سنڌ ورسٽي ۾ هٿ ۾ هٿ ڏئي گهمندڙ جوڙا به هڪ ٻي کان وڇڙي ويندا آهن. انهيءَ ڊسمبر جي مهيني ۾ حسن واري شهر ۾ محبت کي زوال ايندو آهي. اهي وڇوڙا دوستي جا هجن يا عشق جون اڻپوريون داستانون هجن. ٻنهي ۾ جوان ذهنن کي سور ۽ صدما ملندا آهن.  
Name: Zubair Khuhro 
Roll No :2K17/MC/155 
BS : PART 3            

Comments

Popular posts from this blog

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature