Posts

Showing posts with the label Sindhi

Abid Mazari I.R ڄامشوري ۾ ٽرانسپورٽ

Pls compile ur group members report and send me compiled report with subject line and file name of compiled report of Group No..... Compiled report should carry each members names, roll, class and mention which part is done by whom in the start, also mention their name at the part of their report. u should also go thru the all members report and see whether its making some sense ? is it according to outline? ڄامشوري ۾ ٽرانسپورٽ مافيا انويسٽيگيشن رپورٽ؛ عابد حسين هن جديد دور ۾ دنيا جي هر ملڪ ۽ شهر جي ترقي جي سڃاڻپ ٽرانسپورٽ هوندي آهي. صاف سٿري ۽ دلڪش بس اڄ جي دور ۾ انساني زندگي جو معيار ۽ تهذيب يافيا معاشري جو هڪ مثالي نمونون پيش ڪندي آهي. هن وقت جاپان بلٽ ٽرين 220 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. لنڊن ۾ زيري زمين ٽيوب سروس پنهنجو مٽ پاڻ آهي. نيويارڪ ۽ واشنگٽن ٽيڪسيون ۽ تيز رفتار ٽرينون اتان جي شهرين لاءِ وڏي ۽ بنيادي سهولت آهي اگر جي ڳالھ پاڪستان جي ڪجي ته هتان جو بسن جو سسٽم ناڪارا بڻيل آهي. رد ٿيل ۽ ريٽائيرڊ بسون اڃان به هلايون وي...

ali ahmed sindhi انٽرويو علي احمد ڇڇر

انسان دوست شخص محمد يعقوب ڇڇر معذور به انسان آهي انٽرويو علي احمد ڇڇر دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا انسان آهن جيڪي پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ ٻين جي پرواھ ڪندا آهن پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ ٻين جي دردن تڪليفن کان واقف هوندا آهن. محمد يعقوب ڇڇر به اهڙن ئي انسان دوست ماڻهن مان هڪ آهي جيڪو پاڻ معذور هوندي به معذورن جي خدمت ۾ زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي. هي ڪو ڊگري يافتا شخص نه آهي هن جي تعليم ٽي درجه آهي جيڪا نه هجڻ جي برابر آهي. تعليم نه هجڻ باوجود محمد يعقوب ڇڇر کي ٽي ٻوليون سنڌي، اڙدو، انگريزي اچن ٿيون ان کان علاوه اي ار ڊي پي اسوسيئيشن فار ريهيبليٽيشن آف ڊس ايبل پرسن اداري جو چيئرمين آهي. سوال1 توهان جي عمر ڪيتري آهي؟ توهان ڪٿان تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪيتري تعليم حاصل ڪئي؟ منهنجي عمر ٻائيتاليھ سال آهي آئون هڪ ننڍڙي ڳوٺ ميوو ڇڇر لڳ سعيد آباد ۾ ڄائو هيس. منهنجي ايتري خاص تعليم نه آهي آئون ٽي ڪلاس ميووڇڇر ڳوٺ مان پڙهيل آهيان ان کان علاوه زندگي  جي هر موڙ هر رستي تي منهنجو پيءُ منهنجو استاد رهيو آهي. سوال2 توهان معذور ڪيئن ٿيا؟ مونکي ننڍپڻ ۾ گردن توڙ بکار ٿيو ٻارھن مهينه اسپتال ۾ داخل هيس ان دوران آئون ...

zubair khuharo feature سنڌ يونيورسٽي ۾ چار سال

ٰIS THIS PIECE FROM CREATIVE WRITING OR NEWSPAPER & MAG PRODUCTION SUBJECT? feature IS ALWAYS REPORTING BASED. سنڌ يونيورسٽي ۾ ايندڙن جا چار سال مادرعلمي سنڌ يونيورسٽي ٻين يونيورسٽن جي ڌڪاريل شاگردن جي لاءِ ائين ئي وسيلو آهي، جيئن بکايل ۽ اڃايل مسافر کي ڪنهن آستاني جو ملڻ. يونيوسٽي ۾ اچڻ ۽ پڙهڻ هر شاگرد جو خواب هوندو آهي پر اهو خواب سڀني جو پورو نه ٿيندو آهي. ڪجھ خوش نصيب اهي هوندا آهن جن کي يونيورسٽي ۾ داخلا ملي ويندي آهي.  يونيورسٽي ۾ اچڻ کان پوءِ اهي نوان شاگرد تمام گهڻو خوش هوندا آهن. جنوري جي شروعاتي هڪ ٻن هفتن ۾ اهي نوان شاگرد پوري يونيورسٽي ۾ پيا گهمندا آهن. ڪڏهن سينٽرل لائبرري ته ڪڏهن آرٽس فيڪلٽي ته وري ڪڏهن آءِ ٽي ڪينٽين ۽  انگلش ڪينٽين جا پيا چڪر هڻندا آهن. ۽ جڏهن انهن جي نظر يونيورسٽي ۾ گهمندڙ حسينائن تي پوندي آهي ته پوءِ پنهنجو پاڻ کي ٺاهي ٻه ٽي سئو سيلون واري کي ڏئي پنهنجو پاڻ کي پيا فلم جو هيرو سمجهندا آهن.     جڏهن اهي شاگرد يونيورسٽي ۾ داخل ٿيندا  آهن ته  پوءِ انهن لاء  پڙهائي به هڪ وڏو مسئ...

shahzaib solangi feature دادو جو حلوو

دادو شهر جو مشهور اگهم حلوو.      دنيا ۾ هر روز مختلف قسمن جا کاڌا تيار ڪيا وڃن ٿا جيڪي پنهنجي لذيذ ذائقن جي ڪري وڏي شوق ۽چاھ سان کاڌا وڃن ٿا. جنهن کاڌن کي ملڪي توڙي عالمي سطح تي مقبوليت حاصل آهي. پوءِ ڀلي اهي طعام پنهنجي ذائقي ۾ مصالي دار هجن يا مٺا انهن کي پنهنجي الڳ سڃاڻپ حاصل آهي. اهي طعام ان ملڪ  ۽ اتان جي رهواسن کي پڻ سڃاڻپ ڏين ٿا. جيڪي پنهنجي ذائقي ۾ تمام لذيذ ۽ بهترين ٿين ٿا. ائين ئي اسان جي سنڌ جيڪا پنهنجي پراڻي ثقافت ۽ تهذيب جي ڪري سڄي دنيا ۾ هڪ الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ رکي ٿي. ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ پنهنجن کاڌن جي ڪري پڻ عالمي سطح تي مشهور آهي ۽ سنڌ جا مختلف شهر پنهنجن کاڌن ۽ مختلف سوکڙين جي ڪري سنڌ سڃاتا وڃن ٿا. جيئن ڪراچي شهر جا گلاب جامن ۽ بند ڪواب پنهنجن مصاليدار ۽ مٺاس ذائقي جي ڪري سڃـي ملڪ اندر مشهور ۽ وڏي شوق ۽ چاھ سان واپرايا وڃن ٿا. ائين ئي ميهڙ جو مائو، گهوٽڪي جا پيڙا، شڪارپور جي کٺاڻ، ۽ لاڙڪاڻي شهر جي دليپ سوئيٽس مٺايون پڻ ،ملڪي سطح کان وٺي دنيا جي سطح تائين مشهور آهن. ائين ئي دادو شهر جو مشهور اگهم حلوو پڻ پنهنجي ذائقي جي ڪري دنيا سطح...

naseem ur rehman feature sindhi

هاسٽل جي زندگي سنڌ يونيورسٽي هڪ عظيم مادر علمي آهي جنهن ۾ هزارين شاگرد مختلف شعبن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. هن درسگاهه ۾ سنڌ سان گڏوگڏ پوري پاڪستان جي مختلف علائقن جا شاگرد توڙي ٻاهرين ملڪن جا شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. سڀني شاگردن جي گهڻائي ڳوٺاڻن علائقن کان آهي. ان ڪري شاگرن لاءِ پڙهائي سان گڏوگڏ رهائش به هڪ تمام وڏو مسئلو هوندو آهي. انهيءَ لاءِ انهن شاگردن جي لاءِ يونيورسٽي اندر هاسٽلون پڻ موجود آهن، جن ۾ هزارين شاگرد رهي پنهنجي تعليم پرائي رهيا آهن. هيءَ به ڳالھ هتي رکجي ته شاگرد جڏهن يونيورسٽي ۾ اندر داخل ٿيندا آهن ته انهن کي مشڪلاتون هڪڙي شعبي ۾ سليڪشن ٿي وئي پر مزي جي ڳالھ ته جڏهن مان يونيورسٽي ۾ نئون آيو هيس ته سينٽرل لائبرري کي سينٽرل ڪينٽين سمجهان پيو ۽ سينٽرل ڪينٽين کي سي ايل سمجهان پيو. برحال مونکي سمجهڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا. نيٺ انگ اکر صحيح معلوم ٿيا ته هتي لائبرري آهي ۽ هتي چانھ پيئڻ جي ڪينٽين آهي. ٻهراڙي جي علائقن کان هوندي آهي انهن کي هاسٽل ملڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي. جيئن ته يونيورسٽي هر سال نوان شاگرد اچن ٿا ۽ فائنل ڪري ويندڙ شاگرد هليا وڃن ٿا. اهڙي طرح جيڪي...

mudasir chandio sindhi

بشر انسان علم ۽ عشق. سڀ کان پهرين اسان هتي هيءَ ڳالھ  واضع ڪنداسين ته انسان ڇا آهي؟  انسان الهامي ڪتابن کان وٺي فيلسوفن ڏانهن عالمن ۽ صوفين جي ڪتابن جو محور رهيو آهي، ان سڄي مطالعي کي سامهون رکي وڏي اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي ڪيترن ئي ڪتابن جو انسان جي متعلق نقطئه نظر سڀ کان مٿاهون آهي. انسان الله جو نائب آهي پر ان نباھ ۾ پاڻ کي تخليقي طرح وديعت ڪيل سڀني خوبين کي اختيار ڪري خامين کان بچائي ائين ڪري سگهي ٿو. جيڪا ڳالھ سندس فلاح ۽ سعادت جو ڪارڻ بڻبي، ان ڳالھ کي سنڌ جي صوفي سرمست هنن لفظن ۾ ورجايو هو ته ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،  انسان جي انهيءَ ذميواري نڀاهڻ ۾ هن انابيت يا مان رڪاوٽ بڻبي رهي آهي. پيدائشي طرح هو ان مان جي جبريت ۾ قيد آهي، ان قيد مان نڪرڻ جڳو انسان لاءِ صرف هڪ ئي رستو آهي، اهو عشق آهي جنهن جي سنڌ جي صوفي به صدين کان وٺي هتي اپٽار ڪئي آهي.                                  ...