naseem ur rehman feature sindhi

هاسٽل جي زندگي
سنڌ يونيورسٽي هڪ عظيم مادر علمي آهي جنهن ۾ هزارين شاگرد مختلف شعبن ۾ تعليم پرائي رهيا آهن. هن درسگاهه ۾ سنڌ سان گڏوگڏ پوري پاڪستان جي مختلف علائقن جا شاگرد توڙي ٻاهرين ملڪن جا شاگرد تعليم پرائي رهيا آهن. سڀني شاگردن جي گهڻائي ڳوٺاڻن علائقن کان آهي. ان ڪري شاگرن لاءِ پڙهائي سان گڏوگڏ رهائش به هڪ تمام وڏو مسئلو هوندو آهي. انهيءَ لاءِ انهن شاگردن جي لاءِ يونيورسٽي اندر هاسٽلون پڻ موجود آهن، جن ۾ هزارين شاگرد رهي پنهنجي تعليم پرائي رهيا آهن.
هيءَ به ڳالھ هتي رکجي ته شاگرد جڏهن يونيورسٽي ۾ اندر داخل ٿيندا آهن ته انهن کي مشڪلاتون هڪڙي شعبي ۾ سليڪشن ٿي وئي پر مزي جي ڳالھ ته جڏهن مان يونيورسٽي ۾ نئون آيو هيس ته سينٽرل لائبرري کي سينٽرل ڪينٽين سمجهان پيو ۽ سينٽرل ڪينٽين کي سي ايل سمجهان پيو. برحال مونکي سمجهڻ ۾ ڪيترائي ڏينهن لڳي ويا. نيٺ انگ اکر صحيح معلوم ٿيا ته هتي لائبرري آهي ۽ هتي چانھ پيئڻ جي ڪينٽين آهي. ٻهراڙي جي علائقن کان هوندي آهي انهن کي هاسٽل ملڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم هوندو آهي.
جيئن ته يونيورسٽي هر سال نوان شاگرد اچن ٿا ۽ فائنل ڪري ويندڙ شاگرد هليا وڃن ٿا. اهڙي طرح جيڪي نوان شاگرد ايندا آهن انهن لاءِ الڳ هاسٽل هوندي آهي يعني فرسٽ ايئر وارن شاگردن کي هڪ ئي هاسٽل ڏني ويندي آهي ۽ ٻئي سال جي شاگردن لاءِ وري الڳ هاسٽلون هونديون آهن. اهڙي ريت ٿرڊ ايئر ۽ فائنل جي شاگردن لاءِ پڻ مخصوص هاسٽلون هونديون آهن. اهي ٻين هاسٽلن کان تمام بهترين سٺيون هاسٽلون هونديون آهن. هاسٽل ۾ اندر اڪثر شاگرد ڪيترائي پروگرام پڻ ڪرايئندا رهندا آهن. 
هاسٽل ايئن کڻي چئجي ته اها شاگردن لاءِ گهر جي مثال هوندي آهي. جتي اهي گهر وانگر رهن ٿا. سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل جيڪا يونيورسٽي جي قائم ٿيڻ سان ئي ٺهي آهي، ۽ اڄ به ساڳي حالت ۾ موجود آهي پر تنهن هوندي به ڪجھ هاسٽلون اهڙيون آهن جيڪي هن وقت بلڪل خراب حالت ۾ آهن. انهن ۾ صفائي جو به مسئلو آهي جو هن وقت تائين حل نه ٿي سگهيو آهي. شاگرد ته هزارين رهن ٿا پر افسوس اهو آهي ته ڪيترن ئي سالن کان وٺي هاسٽلن جو نظام به پراڻو آهي. جيئن ته سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽل ۾ ٽوٽل ست هاسٽلون آهن. هر هڪ هاسٽل ۾ شاگردن جي کائڻ پيئڻ لاءِ الڳ الڳ ڪئينٽين به موجود آهن ۽ ان کان علاوه ڪپڙن ڌوئڻ جي لاءِ ڌوٻي پڻ موجود آهن. مطلب ته هاسٽل ۾ شاگرد لاءِ هر سهولت موجود هوندي آهي ۽ شاگردن کي وڌيڪ فائدو ملندو آهي.
هاسٽل الاٽ ٿيڻ ۾ هڪ ٻه مهينا لڳي ويندا آهن. جنوري کان پوءِ نون شاگردن کي هاسٽل الاٽ ٿيندي آهي. ان کان بعد هڪ وڏو مسئلو اهو پيدا ٿيندو آهي ته شاگرد جڏهن ايز اي فورٿ پارٽنر هاسٽل الاٽ ڪرائيندا آهن. پوءِ جنهن به شاگرد کي هاسٽل ملي ته ائين کڻي چئجي ته ان جي لاءِ وي سي کلي پوندي آهي. اهو هڪ شاگردن جي لاءِ سکيا جو پڻ مرحلو هوندو آهي. 
هاسٽل اندر هوئنن ته هزارين شاگرد رهن ٿا پر جڏهن نوان شاگرد هاسٽلن ۾ اچن ٿا ته انهن ڪيترائي مسئلا ٿيندا آهن. هاسٽل ۾ رهڻ، هاسٽل جو ماحول سمجهڻ ۽ هاسٽل جو کاڌو کائڻ شروعات ۾ انهن لاءِ  هڪ وڏو مسئلو هوندو آهي پر سڀ کان وڏو مسئلو انهن لاءِ سينئير هوندا آهن جيڪي شروع ۾ انهن کي ڏاڍو تنگ ڪندا آهن. نوان شاگرد ائين سينئرن کي ڏسندا آهن سنڌي هڪ عام چوڻي مشهور آهي ته جيئن ڀوري مينهن ڪاسائي کي ڏسندي آهي، پوءِ مزو ته انهن جي لاءِ ٿي ويندو آهي جن کي سينئير جو شرف حاصل هوندو آهي. نون شاگردن سان بداخلاقي ڪرڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن کي مار ڏيڻ، اهڙي طرح ڪجھ ڏينهن کان پوءِ اهي نوان شاگرد به هاسٽل جي ماحول کان واقف ٿي وڃن ٿا. برحال آخر ائين کڻي چئجي ته نون شاگردن کان ٻيو ڪجھ به نه گهرندا پر چانھ جو تپ ضرور ڏئي ويندا. هاڻي اڄڪلھ مار ۽ ڪٽ جو مرحلو ته ختم ٿي چڪو آهي پر ڪي ته اهڙا سينئير لڳي ويندا آهن جو نون شاگردن جا لاھ ڪڍي ڇڏيندا آهن. البته ائين ئي اهي نوان شاگرد ايندا رهن ٿا ۽ اهو سلسلو هلندو رهي ٿو پر ڪڏهن به بند ٿيڻ وارو نه آهي. 
هاسٽل اندر اڪثر شاگرد جهيڙا جڳهڙا به ڪندا رهندا آهن. هاسٽل ۾ جهيڙا گهڻو ڪري ڪمرن جي الاٽمينٽ تان ٿيندا آهن ڇو جو جيڪي شاگرد جنهن ڪمري ۾ رهندا آهن اهو ڪمرو ڪنهن ٻئي شاگرد کي الاٽ ٿيندو آهي ته هو اهو ڪمرو ڇڏڻ لاءِ تيار ناهي هوندو. اڪثر ان ڳالھ تي شاگردن کي هرو ڀرو به جهيڙي جو نئون موقعو ملي ويندو آهي. ٿوري ڪا روم جي ڳالھ ٿئي بس جهيڙو آيو پهتو. ڪڏهن ڪڏهن ائين به ٿيندو آهي. 
هاسٽل اندر اڪثر ڪري پڙهڻ وارا ڇوڪرا رهندا آهن پر ڪينترائي اهڙا ڇوڪرا به هوندا آهن جيڪي صرف ۽ صرف بدماشين ۽ جهيڙن ۾ لڳا پيا هوندا آهن ۽ پڙهائي ڪرڻ وارن ڇوڪرن کي پيا تنگ ڪندا رهندا. ۽ انهن کي پڙهڻ بلڪل ڪو نه ڏيندا. اهڙا ڇوڪرا سڄو ڏينهن ستا پيا هوندا يا وري يونيورسٽي ۾ پيا گهمندا رهندا آهن. رات جو وري دير تائين جاڳندا ۽ ڪمرن ۾ پيا نشو ڪندا رهندا يا چانھ جي ڪينٽين تي پيا مفت ۾ چانھ پيئندا. ڪڏهن ڪڏهن ته وري اڌ رات جو ٻاهر شهر ويندا ۽ ڪنهن هوٽل تي وڃي پراٺا کائيندا ۽ رات جو دير سان سمهي پوندا. 
هاسٽل جي ننڊ جي ڳالھ ڪجي ته ننڊ جو وري پنهنجو وري پنهنجو الڳ مقام هوندو آهي هوئنن ته ڪافي اهڙا ڇوڪرا جن جو تعلق ڪنهن ٻهراڙي سان هجي. پوءِ ان جي لاءِ هاسٽل وارو ڪمرو سڪون سان ڀريل هجي ٿو. سڄي رات ننڊ ڪرڻ، ڏينهن جو ننڊ ڪرڻ ائين پيو لڳندو آهي اهي ڄڻ ڪنهن ڪاڇي جا سڙيل هجن. ائين ڪي ته اهڙا ننڊ جا عاشق آهن جو اصلي پيپر به ننڊ ۾ ڏئي وٺندا آهن ۽ ڪلاس به ننڊ ۾ ئي اٽينڊ ڪندا آهن. پوءِ چئن سالن کان بعد جڏهن شادي ڪري پنهنجن ٻارن کي پڙهائي جي هدايت ڪندا ته، لکي گي پڙهين گي، ٿئينن گي خراب رلين گي پني گي، ٿيئن گي نواب.
اهڙي طرح هاسٽلن اندر ڪيترائي نوان شاگرد هر سال ايندا رهن ٿا ۽ وري فائنل ڪري هليا وڃن ٿا پر اهو ڪم ائين ئي هلندو رهي ٿو جيتوڻيڪ هڪ ٻار جي سٺي تربيت ٿيندي آهي ته اهو هڪ سٺو سڏرائبو آهي ۽ جنهن ٻار جي تربيت ئي اهڙي گهراڻي سان ٿيندي آهي جو وڏي ٿيڻ سان ئي معاشري ۾ گندگي ڦهلائڻ لڳندو آهي. اهڙي طرح هڪ شاگرد جي هاسٽل ۾ سٺي تربيت ٿئي ٿي ۽ وري ڪي ته نشي پتي جا آدي گڏوگڏ ۾ غلط ڪمن اچي ڪري پنهنجي پڙهائي تان توجھ هٽائي ڇڏين ٿا. برحال ڪي ته شاگرد هاسٽل مان گهڻو ڪجھ سکي نڪرن ٿا. هاسٽل ۾ مان دنيا جون ڪافي حقيقتن کان واقف ٿي هڪ سٺو ۽ مظبوط انسان ٿي نڪري ٿو.

نالو نسيم الرحمان
رول نمبر 2K17/MC/72
ڪلاس:  بي ايس پارٽ ٿري

Comments

Popular posts from this blog

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature