shahzaib solangi feature دادو جو حلوو
دادو شهر جو مشهور اگهم حلوو. دنيا ۾ هر روز مختلف قسمن جا کاڌا تيار ڪيا وڃن ٿا جيڪي پنهنجي لذيذ ذائقن جي ڪري وڏي شوق ۽چاھ سان کاڌا وڃن ٿا. جنهن کاڌن کي ملڪي توڙي عالمي سطح تي مقبوليت حاصل آهي. پوءِ ڀلي اهي طعام پنهنجي ذائقي ۾ مصالي دار هجن يا مٺا انهن کي پنهنجي الڳ سڃاڻپ حاصل آهي. اهي طعام ان ملڪ ۽ اتان جي رهواسن کي پڻ سڃاڻپ ڏين ٿا. جيڪي پنهنجي ذائقي ۾ تمام لذيذ ۽ بهترين ٿين ٿا. ائين ئي اسان جي سنڌ جيڪا پنهنجي پراڻي ثقافت ۽ تهذيب جي ڪري سڄي دنيا ۾ هڪ الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ رکي ٿي. ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ پنهنجن کاڌن جي ڪري پڻ عالمي سطح تي مشهور آهي ۽ سنڌ جا مختلف شهر پنهنجن کاڌن ۽ مختلف سوکڙين جي ڪري سنڌ سڃاتا وڃن ٿا. جيئن ڪراچي شهر جا گلاب جامن ۽ بند ڪواب پنهنجن مصاليدار ۽ مٺاس ذائقي جي ڪري سڃـي ملڪ اندر مشهور ۽ وڏي شوق ۽ چاھ سان واپرايا وڃن ٿا. ائين ئي ميهڙ جو مائو، گهوٽڪي جا پيڙا، شڪارپور جي کٺاڻ، ۽ لاڙڪاڻي شهر جي دليپ سوئيٽس مٺايون پڻ ،ملڪي سطح کان وٺي دنيا جي سطح تائين مشهور آهن. ائين ئي دادو شهر جو مشهور اگهم حلوو پڻ پنهنجي ذائقي جي ڪري دنيا سطح...