shahzaib solangi feature دادو جو حلوو

دادو شهر جو مشهور اگهم حلوو.
     دنيا ۾ هر روز مختلف قسمن جا کاڌا تيار ڪيا وڃن ٿا جيڪي پنهنجي لذيذ ذائقن جي ڪري وڏي شوق ۽چاھ سان کاڌا وڃن ٿا. جنهن کاڌن کي ملڪي توڙي عالمي سطح تي مقبوليت حاصل آهي. پوءِ ڀلي اهي طعام پنهنجي ذائقي ۾ مصالي دار هجن يا مٺا انهن کي پنهنجي الڳ سڃاڻپ حاصل آهي. اهي طعام ان ملڪ  ۽ اتان جي رهواسن کي پڻ سڃاڻپ ڏين ٿا. جيڪي پنهنجي ذائقي ۾ تمام لذيذ ۽ بهترين ٿين ٿا. ائين ئي اسان جي سنڌ جيڪا پنهنجي پراڻي ثقافت ۽ تهذيب جي ڪري سڄي دنيا ۾ هڪ الڳ حيثيت ۽ سڃاڻپ رکي ٿي. ۽ ان سان گڏوگڏ سنڌ پنهنجن کاڌن جي ڪري پڻ عالمي سطح تي مشهور آهي ۽ سنڌ جا مختلف شهر پنهنجن کاڌن ۽ مختلف سوکڙين جي ڪري سنڌ سڃاتا وڃن ٿا. جيئن ڪراچي شهر جا گلاب جامن ۽ بند ڪواب پنهنجن مصاليدار ۽ مٺاس ذائقي جي ڪري سڃـي ملڪ اندر مشهور ۽ وڏي شوق ۽ چاھ سان واپرايا وڃن ٿا. ائين ئي ميهڙ جو مائو، گهوٽڪي جا پيڙا، شڪارپور جي کٺاڻ، ۽ لاڙڪاڻي شهر جي دليپ سوئيٽس مٺايون پڻ ،ملڪي سطح کان وٺي دنيا جي سطح تائين مشهور آهن.
ائين ئي دادو شهر جو مشهور اگهم حلوو پڻ پنهنجي ذائقي جي ڪري دنيا سطح کان وٺي ملڪي سطح تائين مقبوليت رکي ٿو. دادو شهر جو هي مشهور حلوو، 60 سال اڳ فياض  راجپوت نالي شخص ٺاهڻ ۽ وڪرو ڪرڻ شروع ڪيو هيو، جيڪو اڳتي هلي شهر شهر مقبول ٿيڻ کان پوءِ ملڪي سطح تي پڻ مشهور ٿيو. جنهن جو نالو اڳتي هلي ان جي ٺاهڻ واري  جي نالي سان مشهور ٿيو جنهن کي هاڻي فياض اگهم حلوي سان سڃاتو وڃي ٿو. جيڪو سڄي سنڌ ۾ وڏي شوق ۽ چاھ سان کاڌو وڃي ٿو. جنهن جو ذائقو تمام لذيذ ۽ مزيدار ٿئي ٿو جنهن جي بناوت مختلف شين مان ٿئي ٿي. جهڙوڪ ڊراءِ فروٽ، سچو گھءُ ۽ مختلف جڙين ٻوٽن مان تيار ڪيو وڃي ٿو. دادو جي مشهور شهر جو حلوو جيڪو صرف ۽ صرف دادو شهر ۾ تيار ڪيو ويندو آهي جنهن جي ٻئي اهڙي ڪا به شاخ سنڌ جي ڪنهن شهر ۾ موجود نه آهي. 
فياض جو اگهم حلوو انساني صحت لاءِ تمام مفيد آهي جيڪو مختلف بيمارين جي علاج طور پڻ کاڌو ويندو آهي، جنهن ۾ جسماني ڪمزوري اڌرنگ، ۽ مرداني قوت يا جسماني قوت کي وڌائڻ لاءِ پڻ نهايتي مفيد آهي ۽ ان کان علاوه خاص مادي جي موضي مرض جي لاءِ به تمام ڪارائتو آهي. 
فياض جو اگهم حلوو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ پڻ دادو کان تيار ڪري موڪليو ويندو آهي . جهڙوڪ سعودي عرب، گڏيل عرب عمارات، ۽ لنڊن ۾ پڻ ويندو آهي. جيڪو انهن ٻاهرين ملڪن ۾ وڏي  شوق ۽ چاھ سان کاڌو ويندو آهي، ۽ ان سان گڏوگڏ انڊيا ۾ به پڻ ويندو آهي، ۽ هي حلوو خاص طور تي هندو ڏڻ واري ڏينهن ۾ وڌيڪ کپت سان وڪرو ٿيندو آهي ڇو ته انهن ڏينهن ۾ مٺايون وڌيڪ استعمال ٿينديون آهن. ۽ ان سان گڏوگڏ مسلمان جي وڏن ڏڻ تي به وڏي چاھ سان ورتو ويندو آهي ۽ پاڪستان جي وڏن ڏهاڙن تي خاص تحفي طور ماڻهون گهرائيندا آهن. جيئن عيدالفطر ۽ عيدالضحيٰ جي موقعي ته پڻ وڏي انگ ۾ کاڌو ۽ خريد ڪيو وڃي ٿو. ان کان علاوه شادين جي موقعن تي به عام جام استعمال ٿيندو آهي.   
فياض اگهم حلوو جديد دور ۾ به پراڻي ڪوالٽي ۽ معيار کي برقرار رکندو آيو آهي دادو شهر جو مشهور حلوو جيئان سڄي سنڌ ۾ اهڙا ڪيترائي کاڌا ۽ مٺيون شيون آهن جنهن تي عالمي سطح يا ملڪي سطح تي مقبوليت ڏيارڻ کپي ته جيئن عالمي سطح تي سنڌ جا کاڌا ۽ مٺاين کي متعارف ڪري سگهجي جيئن سنڌ جي ذائقي ۽ لذيذ کاڌن کي عالمي سطح تي جاءِ ملي سگهي.
؛ شاهزيب سولنگي.                                  
رول نمبر 89 ٽوڪي سيونٽين ايم سي.                                                           

Comments

Popular posts from this blog

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature