Abid Mazari I.R ڄامشوري ۾ ٽرانسپورٽ

Pls compile ur group members report and send me compiled report with subject line and file name of compiled report of Group No.....
Compiled report should carry each members names, roll, class and mention which part is done by whom in the start, also mention their name at the part of their report.
u should also go thru the all members report and see whether its making some sense ? is it according to outline?

ڄامشوري ۾ ٽرانسپورٽ مافيا

انويسٽيگيشن رپورٽ؛
عابد حسين
هن جديد دور ۾ دنيا جي هر ملڪ ۽ شهر جي ترقي جي سڃاڻپ ٽرانسپورٽ هوندي آهي. صاف سٿري ۽ دلڪش بس اڄ جي دور ۾ انساني زندگي جو معيار ۽ تهذيب يافيا معاشري جو هڪ مثالي نمونون پيش ڪندي آهي. هن وقت جاپان بلٽ ٽرين 220 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. لنڊن ۾ زيري زمين ٽيوب سروس پنهنجو مٽ پاڻ آهي. نيويارڪ ۽ واشنگٽن ٽيڪسيون ۽ تيز رفتار ٽرينون اتان جي شهرين لاءِ وڏي ۽ بنيادي سهولت آهي اگر جي ڳالھ پاڪستان جي ڪجي ته هتان جو بسن جو سسٽم ناڪارا بڻيل آهي. رد ٿيل ۽ ريٽائيرڊ بسون اڃان به هلايون وينديون آهن. پاڪستان ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي پنهنجي حالت به کنڊر لڳو پيو آهي. جڏهن پنجاھ سال پراڻي بس کي چند پيسن جي عيوض ۾ فٽ ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي سگهي ٿو. دنيا ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي تي وڏا وڏا سيمينار ٿين ٿا  ۽ دنيا جا ترقي يافتا ملڪ ٽرانسپورٽ جي مسئلي کي وڌيڪ سائينسي ٽيڪنالاجي جي خوجنا ڪري بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ حالات ان جي ابتڙ آهن. پاڪستان جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، لاهور، حيدرآباد، سکر وغيره ۾ ٽرانسپورٽ جي حالت تمام ڳڻتي جوڳي آهي. اهڙي طرح سنڌ صوبي جي شهر ڄامشوري جي ٽرانسپورٽ  جي حالت خراب هئڻ سان گڏوگڏ هتي ٽرانسپورٽ مافيا جو راج آهي سڄي شهر جي ٽرانسپورٽ اڻپڙيل ڊرائيورن جي رحم ڪرم تي آهي.
ڄامشوري شهر جي ٽرانسپورٽ هن جديد دور ۾ قديم دور جي اڪاسي ڪري ٿي ڇاڪاڻ جو هتي ڪو به اهڙو سسٽم يا ڊسيپلين نه آهي جنهن سان لڳي ته ڄامشوري ۾ ٽرانسپورٽ جي ڪا مقرر جڳھ هجي. ڪجھ بسون ڦاٽڪ پل جي هيٺان بيٺل آهن ته ڪئي پلن کان پري بيٺل آهن. ان کان علاوه رڪشن، وينن، ڪارن لاءِ ڪا به حڪومت جي طرفان مقرر جڳھ نه مليل آهي ۽ بسن ۾ به ڪا اهڙي خاص سهولت يا ٽائيمنگ نه آهي جنهن سان مسافرن کي سڪون جو سفر ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف نه اچي. ڄامشورو فاٽڪ جي ٽرانسپورٽ بسون، وينون، ڪارون، رڪشا ماڻهن جي ڪاوڙ جو باعث بڻيل آهن ڇاڪاڻ جو هر وقت ٽريفڪ معطل رهندي آهي جنهن جي ڪري شهرين خاص ڪري يونيورسٽين، اسڪولن، ڪاليجن جي شاگردن کي پريشاني کي منھ ڏيڻو پوندو آهي.
اسٽاٽر راشد پنهور جو چوڻ آهي ته اي سي ڪوچ ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين هونديون آهن. هر ڪنهن ڪوچ جو پنهنجو مقرر وقت هوندو آهي انهن ڪوچن جا هر جڳھ تي پنهنجا ماڻهون مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ هر ڪلاڪ ۾ ڪوچ هلندي آهي ان کان علاوه ڪوچن وارا ڪوچ جي ٽائيمنگ آريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي کان وٺندا آهن ۽ آر ٽي اي گورنمنٽ کي لکت ۾ ٽائيمٽيبل موڪليندا آهن. بنا روڊ پرمٽ ۽ آر ٽي کان ٽائيم وٺڻ جي ڪا به ڪوچ يا وين روڊ تي نه هلندي آهي اگر جي هلندي به آهي ته آر ٽي اي انهن کي چالان ڪندا آهن ۽ اسٽاٽر مالڪن طرفان اسٽافن تي بيٺل هوندا آهن جيڪي وقت به وقت گاڏين کي پنهنجي مقرر ٿيل ٽائيم تي ڇڏيندا آهن.
ڄامشورو فاٽڪ اڏي تي چاليھ کان پنجاھ ڪوچون آهن ۽ ڪرايو ريجنل ٽرانسپورٽ جي طرفان فڪس ٿيل آهي پر ٽرانسپورٽ وارا عيد جي موقعي تي فڪس ٿيل ڪرائي ۾ پنجاھ روپيه وڌيڪ وٺندا آهن ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن تي هڪ طرفي روٽ هوندو آهي واپسي ۾ گاڏي خالي ايندي آهي ۽مسافرن سان جيڪو عام سامان هوندو آهي ان جو ڪرايو نه وٺندا آهن اگر جي ڪو وزني سامان هوندو آهي مثال طور موٽرسائيڪل جو پنج سئو ڪرايو وٺندا آهيون ۽ ان موٽرسائيڪل جا ڪاغذ ۽ اين اي سي ان کان علاوه مقامي پوليس اسٽيشن کان اجازت نامو ورتل به چيڪ ڪندا آهن. ان کان علاوه ڄامشورو فاٽڪ تي حڪومت يا آر ٽي جي طرفان ڪا به بس اسٽاپ لاءِ مقرر ٿيل جڳھ نه آهي جيڪا قانوني طور تي هجڻ گهرجي ۽ اسٽاٽر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومت ۽ آر ٽي ڪميٽي ٺاهي مقرر جڳھ ڏين جيئن عوام ۽ ٽرانسپورٽ وارن کي آساني ٿي سگهي.
ڪجھ وقت پهرين حڪومت طرفان سي اين جي  سلينڊرن تي پابندي هنئي وئي هئي. ڇاڪاڻ جو ڪشمور ۾ هڪ وين جي بلاسٽ ٿيڻ وارو واقعو ٿيو هو اصل ۾ ان وين جي  وائيرنگ ۾ مسئلو هو. ان جي ڪري ڪراچي ڪورٽ سي اين جي سلينڊرن کي بين ڪيو هو پوءِ سي اين جي اسٽيشن جي مالڪن ڪراچي ڪورٽ ۾ پنهنجو موقف رکڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪئي ان جي نتيجي ۾ ڪورٽ سي اين جي مالڪن کي ٽن مهينن جي مهلت ڏني وئي آهي ان جو فيصلو جلد ايندو ته سي اين جي سلينڊر استعمال ۾ آڻيا وڃن يا نه.
رڪشي وارن جو چوڻ آهي ته ميهڙ ۽ لاڙڪاڻي کان جيڪي ڪوچون اينديون آهن انهن مان اسان مسافر کڻندا آهيون اهي مسافر مختلف روٽن تي هلندا آهن. مثال طور بدين اسٽاف، هالا ناڪا، ڪوٽڙي، قاسم آباد ويندا آهن. اسين انهن کي مختلف روٽن تي کڻي ويندا آهيون حيدرآباد جي ڪهڙي به ڪنڊ هجي ڏينهن جو ڪرايو ٽي سئو وٺندا آهيون ۽ رات جي وقت جو ڪرايو مختلف آهي ڪي رڪشي وارا چار سئو يا پنج سئو وٺندا آهن. يونيورسٽين جي هاسٽلن ۽ سوسائيٽين تائين مختلف ڪرايو هوندو آهي مثال طور لمس يونيورسٽي تائين پنجاھ روپيه ڪرايو ۽ ٻين يونيورسٽين تائين سئو روپيه ڪرايو وٺندا آهيون سوسائيٽين تائين پنجاھ روپيه سوسائيٽين جي اندر وڃڻ جا اسي روپيه وٺندا آهيون. رڪشي وارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گورنمنٽ طرفان اسان کي ڪو به پرمٽ يا رڪشن لاءِ ڪا به مقرر ٿيل جڳھ مليل نه آهي ۽ اسٽاٽر رڪشن کي نمبر سان هلائي ويھ روپيه چارجز وٺندو آهي ۽ گورنمنٽ جي طرفان ڪو به ڪرايو اسان لاءِ مقرر ٿيل نه هوندو آهي جنهن کي واري ۾ ايندو آهي اهو مسافر کڻي ويندو آهي. رڪشا ڊرائيور جو چوڻ آهي ته اسين ڄامشورو فاٽڪ کان وٺي بائي پاس تائين ٽيھ روپيه ڪرايو وٺندا آهيون پهرين ويھ روپيه ڪرايو هو مهگائي جي ڪري ٽيھ روپيه ڪرايو ڪيو آهي. رڪشي واري سٽاٽر جي هيٺ سئو کان مٿي رڪشا آهن.

Comments

Popular posts from this blog

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature