ali ahmed sindhi انٽرويو علي احمد ڇڇر

انسان دوست شخص محمد يعقوب ڇڇر
معذور به انسان آهي
انٽرويو علي احمد ڇڇر
دنيا ۾ ڪيترائي اهڙا انسان آهن جيڪي پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ ٻين جي پرواھ ڪندا آهن پنهنجي پاڻ کان وڌيڪ ٻين جي دردن تڪليفن کان واقف هوندا آهن. محمد يعقوب ڇڇر به اهڙن ئي انسان دوست ماڻهن مان هڪ آهي جيڪو پاڻ معذور هوندي به معذورن جي خدمت ۾ زندگي وقف ڪري ڇڏي آهي. هي ڪو ڊگري يافتا شخص نه آهي هن جي تعليم ٽي درجه آهي جيڪا نه هجڻ جي برابر آهي. تعليم نه هجڻ باوجود محمد يعقوب ڇڇر کي ٽي ٻوليون سنڌي، اڙدو، انگريزي اچن ٿيون ان کان علاوه اي ار ڊي پي اسوسيئيشن فار ريهيبليٽيشن آف ڊس ايبل پرسن اداري جو چيئرمين آهي.
سوال1 توهان جي عمر ڪيتري آهي؟ توهان ڪٿان تعليم حاصل ڪئي ۽ ڪيتري تعليم حاصل ڪئي؟
منهنجي عمر ٻائيتاليھ سال آهي آئون هڪ ننڍڙي ڳوٺ ميوو ڇڇر لڳ سعيد آباد ۾ ڄائو هيس. منهنجي ايتري خاص تعليم نه آهي آئون ٽي ڪلاس ميووڇڇر ڳوٺ مان پڙهيل آهيان ان کان علاوه زندگي  جي هر موڙ هر رستي تي منهنجو پيءُ منهنجو استاد رهيو آهي.
سوال2 توهان معذور ڪيئن ٿيا؟
مونکي ننڍپڻ ۾ گردن توڙ بکار ٿيو ٻارھن مهينه اسپتال ۾ داخل هيس ان دوران آئون بلڪل ٺيڪ ٿي ويس جڏهن اسپتال مان ڊسچارج ٿيس ته گردن توڙ بکار جو اثر منهنجي دماغ تي ٿي ويو ان جي ڪري آئون ڪنن کان ٻوڙو، منهنجون ٻانهون ۽ ٽنگون ڦري ويون ۽ زبان اٽڪي وئي مطلب ته منهنجو آواز ڪير غور سان ٻڌندو ته ان کي سمجھ ۾ ايندو. منهنجي والدين تمام گهڻي ڪوشش ڪئي اعلاج ڪرائڻ جي پر بکار مان ته نڪري ويس پر ان جي اثر مان نه نڪري سگهيس.
سوال3 توهان کي ڪهڙا ڪهڙا هنر يا ڪورس اچن ٿا؟
مونکي ڪيترائي هنر اچن ٿا. مثال طور کٽ واڻڻ، ڪرسيون واڻڻ، ڪپڙا سلائي ڪرڻ ۽ ڀرت جو به هنر ايندو آهي ۽ ٻن يونيورسٽين مان ڪورس ڪيا هئا. جيئن ذريعي يونيورسٽي ۾ وڻ پوکڻ جو ڪورس ڪيو. ان کان علاوه لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڄامشورو جي ليباٽري مان رت ٽيسٽ ڪرڻ جو ڪورس، ايڪسري ڪڍڻ جو ڪورس به ڪيو هو.
سوال4 توهان معذورن جي تنظيم ڪيئن کولي؟ ان جو سبب ڪهڙو هو؟
بهترين سوال آهي، تنظيم کولڻ تمام آسان آهي پر ان کي هلائڻ تمام مشڪل جو ڪم آهي. معذورن جي تنظيم کي کولڻ لاءِ مون پنهنجو پاڻ پتوڙيو آهي هڪ ته آئون معذور آهيان ٻيو ته منهنجي ڳالهائڻ ماڻهون گهٽ سمجهندا آهن. تنظيم کولڻ کان پهرين مون سينٽر کوليو هو جنهن ۾ معذورن کي کٽ ۽ ڪرسيون واڻڻ سيکاريندو هيس. منهنجي هڪ دوست مونکي چيو ته معذورن لاءِ تنظيم کولي انهن جي خدمت ڪيو ڇاڪاڻ جو سماج ۾ معذورن جو ڪو ڌڻي سائين نه آهي پاڻ کي انهن جي ذميواري کڻڻ گهرجي. پوءِ مون سوچيو مون کي هڪ اهڙو ادارو کولڻو پوندو جن جي ذريعي معذور پنهنجي پاڻ کي سماج ۾ هنرن سان مڃائي ۽ پنهنجي پاڻ کي ان سماج جو حصو سمجهن. ڇاڪاڻ جو سماج ۾ معذور کي فرد نه بلڪي چريو سمجهي نظر انداز ڪيو ويندو آهي ۽ معذور به پنهنجي پاڻ کي ان سماج جو حصو نه سمجهندا آهن. مون ڪجھ دوستن جي تعاون سان تنظيم کي ريجسٽرڊ ڪرائڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويس مون ماڻهن کان اداري کي ريجسٽر ڪرائڻ لاءِ چندو فنڊ جمع ڪرڻ شروع ڪيو ڪجھ ئي وقت جي محنت ۾ ايترا پئسا جمع ٿي ويا جنهن سان ادارو رجسٽر ٿي سگهيو ٿي. پوءِ مون پنهنجي ننڍي ڀاءُ عبدالجبار ڇڇر جيڪو امرڊو جو چيف آهي ان جي مدد سان تنظيم کي رجسٽرڊ ڪرايو ان ريجيسٽريشن ڪرائڻ ۾ تمام گهڻين مشڪلاتن کي مونهن ڏيڻو پيو.
سوال 5 توهان صحت مند نارمل انسان جي زندگي ۽ معذور جي زندگي جي باري ۾ ڇا چوڻ چاهيندا؟
آئون سمجهان ٿو ته صحت مند انسان زندگي ۾ بادشاھ مثل آهي جيئن وڻيس تيئن ڪري سگهي ٿو جيڏانهن وڻيس اچ وڃ ڪري سگهي ٿو. ڇاڪاڻ جو الله جي هر نعمت ان وٽ آهي ٻيون نعميتون ته مڙئي نعمتون آهن پر انسان جي جسم جا عضوا وڏين نعمتن ۾ شمار ٿين ٿا. اگر جي هڪ به انساني عضوو خراب ٿي وڃي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏي ته انسان ايبدار ٿي ويندو آهي ۽ اگر جي معذور جي زندگي تي نظر وجهجي ته ان جي زندگي ان انسان وانگر هوندي آهي جنهن جو نه ڪو دين هوندو آهي نه ڪو ڌرم نا ئي ان کي سج جي لهڻ جي پرواھ هوندي آهي نه سج اڀرڻ جي ڇاڪاڻ جو ڪن کان معذور ڪجھ ٻڌي نه سگهندو آهي ان لاءِ دنيا ٻوڙي هوندي آهي. اک کان نابين لاءِ دنيا انڌي هوندي آهي. ڪونگي جي لاءِ زندگي بي زبان جانور وانگر هوندي آهي هو ٻڌي ته سگهندو آهي پر دنيا کي ڪجھ چئي نه سگهندو آهي پنهنجو آواز نه ٻڌائي سگهندو آهي. معذور جي زندگي تڪليفن جي ڄار ۾ ان مڇي وانگر هوندي آهي جيڪا نه نڪري سگهندي آهي نه مري سگهندي آهي بس ان ڄار مان نڪرڻ لاءِ ڪوششن ۽ جدوجهدن ۾ مصروف هوندي آهي.
سوال6 توهان معذورن لاءِ ڪهڙا ڪهڙا ڪم ڪيا آهن؟
اسان جي تنظيم معذورن لاءِ تمام گهڻا ڪم ڪيا آهن. مثال طور معذوري جو شناختي ڪارڊ ۽ سرٽيفيڪٽ ٺهرائي ڏيڻ، ويلچيئر، سلائي مشينون وٺي ڏيڻ، راشن ڏيڻ، معذورن کي هنر سيکارڻ مثال طور کٽ، ڪرسي، پينگهو واڻڻ، واڍڪو ڪم،  درزڪو ڪم، ويلڊنگ، حجام جو ڪم، ڀرت، ٽوپيون ٺاهڻ سيکارڻ ٻيا به ڪيترائي ڪم سيکاريندا آهيون هي سڀ هنر انهن جي سڃاڻپ جو ذريعو بڻجندا آهن ڇاڪاڻ جو معذور جي هٿ ۾ صفائي ۽ سچائي هوندي آهي ان جي ڪري معذورن جي هٿ جون ٺهيل شيون پسند ڪيون وينديون آهن.
سوال 7 حڪومت توهان جي تنظيم سان ڪيترو سهڪار ڪري رهي آهي؟
حڪومت اسان سان ڪنهن به قسم جو سهڪار نه ڪيو آهي. اسان پنهنجي مدد پاڻ تحت تنظيم هلائي رهيا آهيون. حڪومت جي طرفان معذور ڪوٽا جو ڪيتريون ئي نوڪريون اينديون آهن پر هڪ به نوڪري اسان جي شهر جي معذور کي نه ڏني ويندي آهي. اسان جي اداري ۾ گريجوئيٽ معذور به ريجسٽرڊ آهن انهن ڪيترائي دفعا نوڪرين لاءِ رخواستون جمع ڪرايون آهن. انهن درخواستن جو يا ته جواب نه ٿو اچي اگر جي اچي به ٿو ته لکين روپيه رشوت ٿا وٺن هڪ غريب معذور لکين روپيه ڪٿان آڻي. تنظيم جو حڪومت طرفان تعاون ڪرڻ جو خير آهي. حڪومت رڳو معذورن لاءِ ڪجھ ڪري انهن لاءِ اهڙا ادارا کولي جنهن ۾ معذور وڌيڪ هنر سکي ملڪ ۽ قوم جي ترقي ۾ حصو وٺي سگهن.
سوال8 توهان جي تنظيم سان فنڊ يا ٻين ضرورت جي شين ۾ ڪير تعاون ڪندو آهي؟
منهنجي تنظيم ۾ ڪجھ دوست ميمبر آهن. جيڪي فيصبيل الله هر مهيني چندو ڏيندا آهن. ان کان علاوه ڪجھ ماڻهون اهڙا آهن جيڪي راشن، ويلچيئرس ۽ سلائي مشينون ڏئي مدد ڪندا آهن. امرڊو فائونڊيشن ۽ هڪ ٻئي تنظيم راشن ۽ ڪپڙن جي صورت ۾ مدد ڪندي آهي.

Comments

Popular posts from this blog

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature