mudasir chandio sindhi

بشر انسان علم ۽ عشق.
سڀ کان پهرين اسان هتي هيءَ ڳالھ  واضع ڪنداسين ته انسان ڇا آهي؟  انسان الهامي ڪتابن کان وٺي فيلسوفن ڏانهن عالمن ۽ صوفين جي ڪتابن جو محور رهيو آهي، ان سڄي مطالعي کي سامهون رکي وڏي اعتماد سان چئي سگهجي ٿو ته دنيا جي ڪيترن ئي ڪتابن جو انسان جي متعلق نقطئه نظر سڀ کان مٿاهون آهي. انسان الله جو نائب آهي پر ان نباھ ۾ پاڻ کي تخليقي طرح وديعت ڪيل سڀني خوبين کي اختيار ڪري خامين کان بچائي ائين ڪري سگهي ٿو. جيڪا ڳالھ سندس فلاح ۽ سعادت جو ڪارڻ بڻبي، ان ڳالھ کي سنڌ جي صوفي سرمست هنن لفظن ۾ ورجايو هو ته ڪم ڪريجي، جنهن وچ الله آپ بڻيجي،  انسان جي انهيءَ ذميواري نڀاهڻ ۾ هن انابيت يا مان رڪاوٽ بڻبي رهي آهي. پيدائشي طرح هو ان مان جي جبريت ۾ قيد آهي، ان قيد مان نڪرڻ جڳو انسان لاءِ صرف هڪ ئي رستو آهي، اهو عشق آهي جنهن جي سنڌ جي صوفي به صدين کان وٺي هتي اپٽار ڪئي آهي.                                                           
حقيقت ته اها آهي ته اڄ جي دور ۾ انسان جوسڀ کان وڏو مسئلو خود ئي آهي. زندگيءَ جي ظاهري چمڪ جيتري وڌندي ٿي وڃي، انسان کي جيڏيون سولائيون ۽ سهولتون ملنديون ٿيون وڃن، ان ئي تناسب سان اهو مسئلو يعني خود انسان تائين وڌيڪ ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي. ان مسئلي جا مونجهارا ۽ پيچدگيون وڌنديون ٿيون وڃن، مسئلو وڌيڪ اڻ چٽو ٿيندو ٿو وڃي، ويندي ايستائين جو اهو مسئلو ڏاڍو وڏو ۽ ڏاڍو ڳرو بڻجي چڪو وڃي ٿو. توڙي جو انسان پنهنجي علم وسيلي ڪائنات جي رمزن تي پيل پردا هٽائيندو ٿو وڃي، پر ان سموري علمي ترقيءَ جي باوجود به اهو سوال _ ته انسان خود ڇا آهي؟                                    
هڪ وڏو سواليه نشان آهي ۽ اهو سواليه نشان ڏينهون ڏينهن جيئن پوءِ تيئن وڏو ٿيندو ٿو وڃي. اولھ جي دنيا ته اسان کان اڳ ئي ان مسئلي ۾ ڦاسي چڪي  آهي ۽ اتي ان مسئلي کي ايڏيءَ ته شدت سان محسوس ڪيو پيو وڃي، جو ان جو پڙاڏو ته اوڀر جي دانشورن جي فڪر ۾ به محسوس ڪري سگهجي ٿو.       
اڄ جي دنيا ۾ تعليم ۽ تربيت جا مختلف سرشتا پنهنجن مقصدن کي حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام آهن. ان ناڪاميءَ جو سبب ڪو اهو ناهي ته تعليمي سرشتي ۾ ڪا خرابي آهي، بلڪه ان جو سبب اهو آهي ته جيڪي تعليمي ماهر انهن تعليمي سرشتن کي تربيت ٿا ڏين، انهن جو ڌيان تعليم ۽ تربيت جي طريقن ڏانهن رهندو آهي، اهي انسانن لاءِ تعليم ۽ تربيت جي ٽيڪنڪ جي مسئلن تي غور ڪندا آهن، پر ان مسئلي تي ويچار ئي ناهن ڪندا ته خود انسان ڇا آهي. جيڪي ماڻهون انسان جي حقيقت کي سمجهڻ بنا ئي انفرادي يا اجتماعي سڌارن جو ڪم ڪن ٿا، انهن جو مثال ته اهڙي مالهيءَ جهڙو آهي، جنهن کي باغبانيءَ جي فن جي ته ڄاڻ آهي پر هو انهن وڻن جي قسمن کان نا واقف آهي جن جي هو سنڀال ڪري رهيو آهي، ۽ جيڪو اها ڳالھ به نه ٿو سمجهي سگهي ته سندس سماج ۾ ماڻهن کي ڪهڙن قسمن جا ميوا گهرجن.                                  
مٿي ته اسان گهڻو ڪجھ ٻڌائي آيا آهيون ته انسان ڇا آهي پر ٿوري نظر ويڙاهيون ته معلوم ٿئي  ته انسان ۽ بشر لفظ جي معنيٰ اسان کي مختلف ڪتابن مان ڪهڙي ملي ٿي.                                                                                           
 انسان جي وجود جون ٻه سطحون آهن. هڪ سطح اها آهي جنهن جو تعلق علم حياتيات سان آهي، ۽ جيڪا طبيب ۽ فزيالاجسٽ جي فڪر ۽ عمل جو موضوع آهي. انسان جي ٻي سطح وري اها آهي جنهن جي باري ۾ شاعر شاعري ڪندو آهي، فيلسوف فڪر ڪندو آهي، ۽ جنهن سان مذهب جو واسطو آهي.             
پر جسماني بيمارين جي جي سببن ۽ انهن جي علاج جي طريقن کي دريافت ڪري سگهون ٿا، ۽ ان جو نفسياتي تجزيو ۽ اڀياس ڪري سگهون ٿا. انهن سڀني ڳالهين جو تعلق انساني وجود جي انهيءَ سطح سان آهي جيڪا بشريت جي سطح آهي. پر انساني وجود جي ٻي سطح ان مٿانهين حقيقت تي ٻڌل آهي جيڪا انهن هڪ جهڙين جسماني ۽ نفسياتي خاصيتن کان مٿانهين ماورا آهي. هي انسان جوون اهي خاصيتون آهن جيڪي سڀني فردن ۾ هڪ ڪريون نه ٿيون ملن، بلڪه جيڪو فرد جنهن حد تائين پنهنجو پاڻ ۾ انهن خاصيتن کي پيدا اجاگر ڪري سگهندو، اوتري ئي حد تائين اهو پنهنجو پاڻ کي انسان بنائي سگهندو.                                                                                    
 ۽ انسان وجود جي اها سطح Being بشر وجود جي اها سطح آهي جيڪا موجود
   Becoming   انسان وجود جي اها سطح آهي جيڪا گهربل آهي
هر فرد بشر جي حيثيت ۾ ته موجود آهي، پر هر فرد کي پنهنجو پاڻ کي انسان بنائڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻي هوندي آهي. انسان بنجڻ هر فرد جي پنهنجي ذميواري آهي. انسان ۽ بشر جي وچ ۾ ۾ اهو ئي فرق آهي ته بشر جي وجود جي سطح جانورن، ٻوٽن ۽ جمادات جي وجود جي سطح وانگر آهي، جڏهن ته ڪائنات جي ٻين سڀني موجودات جي ابتڙ انسان کي پنهنجي انسانيت جي تعمير ڪرڻي پوندي آهي. چاهي ڪٿي به هجن ڪهڙي به زماني ۾ هجن هيءَ وجود جي اها سطح آهي جيڪا بيٺل ثابت ۽ ڦير گهير کان آزاد آهي. ڪائنات جي سڀني موجودات ۾ وجود جي اها ئي سطح ٿي ملي. جبل، ستارا، پاڻي، جانورن، گهوڙا، شينهن، پکي، سڀ وجود جي سطح تي موجود آهن. اهائي صورتحال بشر سان به آهي، ان جي وجود جي سطح به بيٺل ۽ غير متحرڪ آهي. هو اهڙو حيوان آهي جيڪو ٻن جنگهن تي هلندو آهي. بشر جي اها تعريف ان نوع جي هر فرد جي هر فرد تي لاڳو ٿي ٿئي،چاهي اهو وقت جي ڪهڙي به دور ۾ هجي، زمين جي ڪهڙي به خطي ۾ هجي؛ بشر ته برحال بشر آهي،  ۽ ان جون نوعي خاصيتون هڪ ڪريون ۽ ڦير گهير کان آزاد آهن.                                                
مٿي اسان انسان ۽ بشر جو ذڪر ڪري آيا آهيون پر علم ۽ عشق جو انسان سان ڪهڙو تعلق آهي. اسان ڏٺو ته انسان چئن بندياخانن ۾ واڙيل آهي. فطرت جو بنديخانو، سماج جو بنديخانو، تواريخ جو بنديخانو، ۽ ذات جو بنديخانو، 
1_ فطرت جي بنديخاني منجهان ڇوٽڪاري جو ذريعو آهي علم، يعني سائنس ۽ ٽيڪنالاجي.                                                                             
2_ تواريخ جي بنديخاني منجهان آجپي جو ذريعو به علم آهي، يعني تواريخ ۽ تواريخ جي فلسفي جو علم.
3_ سماج جي بنديخاني منجهان آزادي به علم جي ذريعي ئي ملندي آهي. اهو سماجيات جو علم آهي. 
4_ پر ذات جي بنديخاني منجهان آجپو علم جي ذريعي ممڪن ناهي.
جيڪڏهن انسان پنهنجي ذات جي بنديخاني منجهان آزادي چاهي ٿو، ته ان جو ذريعو علم نه پر عشق آهي. 
هتي عشق منجهان منهنجي مراد اها نه آهي جيڪو مفهوم صوفين ۽ اهل_ عرفان وٽ آهي، ان ڪري ته انهن واري نموني جو عشق خود بنديخاني جي حيثيت رکي ٿو. 
عشق منجهان منهنجي مراد آهي اها عظيم قوت  جيڪا مصلحتن ۽ حسابي عقل کان مٿانهينن ۽ بالاتر آهي. هيءَ عظيم قوت آهي جيڪا انسان جي باطن ۾ لڪل آهي، جيڪا سندس وجود جي گهرائين لي مٿس نشانبر ٿي ڪري. هيءَ اها باطني قوت آهي جيڪا انسان جي نفس جي برائين خلاف بغاوت ٿي ڪري ذات جو بنديخانو داخلي بنديخانو آهي، ان ڪري ان کان ڇوٽڪاري لاءِ هڪ اهڙي قوت جي ضرورت آهي، جنهن جو سرچشمو انسان جي باطن ۾ هجي. عشق هڪ باطني قوت آهي. هيءَ اها قوت آهي جيڪا داخلي محاذ تي سرگرم عمل آهي. هي جوش، جذبو ۽ گرمائش آهي. اها پنهنجي ذات جي حقيقت ۽ ان جي گهرائين کي دريافت ڪرڻ جو طريقو آهي. عشق دليلن واري عقل وانگر ڪم ناهي ڪندو، ان جو طريقو طبعي قانونن جو پابند ناهي هوندو، ان جو سبب هي آهي ته منطقي عقل فطرت جي قانونن کي نروار ڪري سگهي ٿو. علم وسيلي خارجي بنديخانن منجهان ته آجپو ڏياري سگهي ٿو، پر اهو انسان جي باطني بنديخاني جي ڀتين کي نه ٿو ڊاهي سگهي، ان ڪري ته اهو ڪم علم ۽ منطق جو نه پر منطق جي پهچ کان ئي ٻاهر جو آهي. پارتو جي بقول هڪ غير منطقي مسئلو آهي.                                                                                
هيءَ اها منزل آهي جتي مان پنهنجي حقيقت کي ٿو دريافت ڪيان. اها منزل آهي جتي مان پنهنجي حقيقت کي ٿو دريافت ڪيان. اها منهنجي انسانيت جي ظهور جي منزل آهي جتي مان بشر جي سطح کان بلند ٿي انسانيت جي سطح کي ٿو دريافت ڪريان. ان منزل تي ذات جي بنديخاني جوگهيرو ٽٽي ٿو وڃي، انسان باطني قيد کان آزاد ٿي ايمان ۽ عشق جي روشنيءَ ۾ انسانيت جي تڪميل جي رستي تي هلڻ ٿو لڳي.                                                              
جيئن نٽشي هڪ عظيم فيلسوف هو، هو پنهنجي فن جو ماهر شخص هو، جنهن کي علم ۽ فلسفي جي دنيا ۾ فخر لائق مقام حاصل آهي. پنهنجي جوانيءَ ۾ نٽشي طاقت جي فلسفي جو علمبردار هو، هو طاقت کي ئي حق سمجهندو هو، سندس نظر ۾ طاقت ئي سڀ کان وڏو قدر هئي. هو ڪمزورن ۽ ضعيفن کي سهارو ڏيڻ لاءِ تيار نه هو. پر سوچ جي انداز جوانيءَ جي دور جو نشو هو جيڪو عمر جي موٽ سان گڏوگڏ لهڻ لڳو هو. هو سندس آخري عمر ۾ نسبتن لطيف ۽ نرم خيال رکندو هو. سندس دل ۾ غشق ۽ محبت ڪرڻ لڳو هو. بلڪه هڪ واقعو ته اهڙو آهي جيڪو نهايت ئي ٻي تصوير ٿا ڏسئون. نٽشي جيڪو پنهنجي جوانيءَ جي دور ۾ طاقت جي فلسفي جو علمبردار هو، ۽ ضعيفن کي زنده رهڻ جو حق ڏيڻ جو به روادار نه هو، سو پنهنجي ضعيفيءَ ۾ ڪمزورن جي حقن جو محاظ ٿو بڻجي وڃي  انهن لاءِ خود پنهنجي جان کي خطري ۾ وجهڻ لاءِ تيار ٿي ٿو نظر اچي. وڌيڪ حيرت ۽ لطف جي ڳالھ اها آهي ته اهو معاملو ڪنهن انسان جو نه پر هڪ بي زبان جانور جو هو. نٽشي ان جانور تي  به ظلم برداشت نه ڪري سگهيو ۽ ان کي بچائڻ لاءِ پاڻ خد پنهنجو پاڻ کي جوکي ۾ وجهڻ لاءِ تيار ٿي ويو.                                                                                
واقعو هيئن ٿيو، ته هڪ ڏينهن نٽشي رستي تان گذري رهيو هو ته هن هڪ گهوڙي گاڏي ڏٺي، جنهن تي تمام گهڻو بار رکيل هو ۽ اهو گهوڙو جيڪو ان بار کي ڇڪي رهيو هڳ، تنهن جو پير هڪ گٽر ۾ ڦاسي پيو هو. گهوڙي ڏاڍي ڪوشش پئي ڪئي ته سندس پير کڏ منجهان ٻاهر نڪري اچي، پر گاڏيءَ تي سٿيل تمام گهڻي بار جي ڪري گهوڙي لاءِ ايئن ڪرڻ ناممڪن نه هو گاڏي هلائيندڙ کي گهوڙي جي تڪليف جي ڪا به پرواھ نه هئي، سندس خواهش ته اها هئي ته جيئن به ٿي سگهي، گهوڙو پنهنجو پاڻ کي کڏ منجهان ٻاهر ڪڍي تيزيءَ سان رستي تي ڊوڙڻ لڳي،ته جيئن هو پنهنجي سامان کي منزل تي پهچائي پئسا وصول ڪري سگهي. ان مقصد لاءِ هو گهوڙي کي بيدرديءَ سان ماري رهيو هو.                                                                            
نٽشي ڏٺو ته گهوڙو مارجي خوف کان پاڻ کي کڏ منجهان ٻاهر ڪڍڻ جي ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر گهوڙي گاڏيءَ تي سٿيل بار کيس پاڻ سنڀالڻ کان معذور بڻائي ڇڏيو آهي. ان ڪشمڪش ۾ گهوڙي کي نه رڳو تڪليف ٿي رهي  هئي، بلڪه سندس پير به زخمي ۽ نٻل ٿي ويو. ان عظيم فيلسوف کان گهوڙي جي اها حالت برداشت نه ٿي سگهي، کيس گاڏي هلائيندڙ جي سنگ دليءَ تي گمام گهڻي ڪاوڙ لڳي، ۽ نٽشي کيس چيو ته هو گهوڙي سان ايڏي بي رحميءَ سلوڪ نه ڪري، پهريائين گاڏيءَ تان بار لاهي ته جيئن گهوڙي کي اٿڻ جو موقعو ملي سگهي. گاڏي هلائيندڙ ايڏي ته ڪاوڙ ۾ هو، جو هو ان وقت ڪا به ڳالھ ٻڌڻ لاءِ تيار ئي نه هو. ان نٽشي جي ڳالھ ڏانهن ڌيان ئي نه ڌريو. نٽشي زبردستيءَ گاڏيءَ هلائيندڙ کي ان تشدد کان باز رکڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي گاڏي هلائيندڙ ايڏو ته مڇرجي پيو، جو هن خود نٽشي کي تشدد جو نشانو بڻايو ۽ کيس ڏاڍو ماريو. ان حادثي ۾ نٽشي کي ايڏا ته ڌڪ رسيا جو انهن جي اثر جي ڪري هو ڪجھ عرصي ۾ بعد مري ويو.                                      
هڪ معمولي جانور کي تشدد کان بچائڻ لاءِ نٽشي جهڙي عظيم فيلسوف پنهنجي زندگيءَ کي داءَ تي لڳائي ڇڏيو. جيڪو به شخص اهو داستان ٿو ٻڌي، سو متضاد رد عمل جو اظهاري، ۽ ان جو سبب اهو آهي ته هر شخص جي ذات تضاد ۽ خامي جي شڪار آهي. هر انسان باطني طور تي ٻن ڏسائن ۾ ورهايل آهي. سو هر انسان باطني شخصتون آهن، هڪ ڏسا اها آهي جيڪا نٽشي عمل کي عشق ۽ اخلاق جي حد کان ٿي ڏسي، ۽ سندس ان لطيف جذبي کي ساراهي ٿي، ته هن هڪ بي زباني جانور کي تشدد کان بچائڻ لاءِ پنهنجو پاڻ کي جوکي ۾ وجهي ڇڏيو. ان ڪري جو هو هڪ بي رحماڻي، ظالماڻي ۽ مجرماڻي فعل کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. پر انساني ششخصيت جو ٻيو رخ ان واقعي کي ٻي طرح ٿو ڏسي، ته نٽشي پنهنجي فن جو هڪ ماهر، مفڪر هو، ۽ ان جو هڪ جانور لاءِ پنهنجو پاڻ کي  قربان ڪري ڇڏڻ نهايت غير منطقي ۽ احمقاڻو فعل ٿو لڳي. ڪٿي نٽشي ۽ ڪٿي هڪ معمولي گهوڙو.                                           
هيءَ ڳالھ ڊاڪٽر علي شريعتي جي ڪتاب انسان ۽ عشق، مان ورتل آهي. پيج نمبر 87 کان 91
اسان کي معلوم اهو ٿيو ته عشق جي لاٽ علم کان به گهڻو اڳتي آهي. جيڪڏهن اسان ڪنهن هڪ علم واري ماڻهون کي ويهارينداسين يا هڪ محبت جو ماريل شخص پر حقيقت ۾ عشق وارو ماڻهون ان کان وڌيڪ جدا گانا انداز رکندڙ هوندو. جٿي عشق آهي اتڙي ڪا به ڳالھ ماپي نٿي سگهجي، پوءِ ڀلي انسان جو ڪنهن سان عشق ڇو نه هجي. جيئن ڪنهن ماڻهون کي عورت سان محبت هوندي آهي، يا ڪنهن ٻين ماڻهن کي مختلف شين سان محبت هوندي آهي، اهوئي هڪ اعليٰ مثال آهي جيڪي ماڻهون مان کي ختم ڪري پنهنجي زندگي ۾ مستگرڪ ٿي ويا سچ پچ ته انهن کي دنيا ۾ اعليٰ مقام مليو آهي. جيئن دنيا ۾ صوفيانائي ڪرام پنهنجي زندگي عبادت سان وقف ڪري ڇڏي، انهن جو ظاهري دنيا سان اهڙو ڪو به واسطو نه هوندو آهي، پوءِ انهن کي دنيا ۾ هڪ الڳ سڃاڻپ ظاهر ٿي پوندي آهي. ڪيترائي اهڙا سنڌ توڙي هند ۾ صوفي بزرگ موجود آهن. جيڪي پنهنجي زندگي کي عشق جي راھ ۾ وقف ڪري اعليٰ  مثال بڻجي چڪا آهن. اهو ئي ته سبب آهي جو بشر مان نڪري ماڻهون هڪ انسان ٿئي ٿو.                                                                      
انسان هڪ دنيا جي ذات توڙي قيد خاني مان ان کان آزادي علم جي ذريعي ممڪن ناهي بلڪه ان کان ڇوٽڪاري جو ذريعو اها عشق جي قوت آهي جيڪا مذهب جي حوالي سان ٿيندي آهي. ايمان ۽ عشق وسيلي انسان پنهنجو پاڻ کي ذات جي بنديخاني منجهان آزاد ڪرائي سگهي ٿو. هو خود غرضي، مصلحت شناسيءَ يا مفاد پرستيءَ جي بدلي قربانيءَ ايثار جو رستو اختيار ڪري پنهنجي انسانيت کي دريافت ڪري ٿو سگهي. انسانيت جي تڪميل ۽ ترقيءَ جو رستو آهي ايثار جو رستو، ۽ اها آهي عشق جي منزل.                                           
                                           نالو محمد مدثر چانڊيو.
رول نمبر 130 ايسم سي.   

Comments

Popular posts from this blog

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature