Ali Ahmed Chhachhar هالا جي جنڊيءَ جو هنر


هالا جي جنڊيءَ جو هنر
علي احمد ڇڇر

انساني ذهن دنيا ۾ ڪيترائي هنر تخليق ڪيا آهن ۽ اهي هنر هر ڪنهن جي تخليق ڪرڻ يا سکڻ جي بس ۾ نه هوندو آهي ڇاڪاڻ جو اهي تخليقي هنر قدرت جي طرفان ڪجھ منتخب ماڻهن جي حصي ۾ ورهايل هوندا آهن ۽ اهي ماڻهون ان هنر کي وڌيڪ بهتر نموني سان تخليق ڪري سامهون آڻيندا آهن. هالا شهر به اهڙن تخليقارن جو شهر آهي جتي ڪيترن ئي هنرن جنم ورتو آهي. هن جديد ۽ مشينري دور ۾ به اهي هنر هٿ سان ڪيا ويندا آهن ڇاڪاڻ جو مشين ۽ هٿ جي صفائي ۾ رات ڏينهن جو فرق هوندو آهي. هالا شهر ۾ ڪجھ اهڙا هنر آهن جيڪي سوين سالن کان پنهنجي صفائي، خوبصورتي، محنت ۽ ڪشش ۾ پنهنجي مٽ پاڻ آهن. مثال طور هالا جي ڪاشيءَ جوهنر، جنڊي، جو هنر، اجرڪ جو هنر، ٽوپي جو هنر، کادي ڪپڙي جو هنر، سوسي ڪپڙي جو هنر، ڀرت جو هنر، رلي جو هنر ۽ ٻين ڪيترين ئي هنرن جي ڪري هالا جو شهر دنيا ۾ مشهور آهي. هالا جي ڪاشيءَ جي هنر کي 900 سال گذري چڪا آهن ۽ هالا جي جنڊيءَ جو هنر انگريزن، ڪلهوڙن جي دور کان ٿيندو پيو اچي. جنڊي ڪاٺ مان ٺهيل سامان هوندو آهي. هالا جي جنڊيءَ ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي ڇاڪاڻ جو جنڊي تمام خوبصورت چمڪدار الڳ الڳ رنگن سان پينٽ ٿيل هوندي آهي ۽ اهي رنگ ڪيترن ئي سالن تائين اها ئي چمڪ دمڪ ڏيکاريندا آهن جيڪا چمڪ ٺهڻ وقت هوندي آهي.
ماسٽر عبدالله هيڊيڪرافٽ جي مالڪ ماجد علي ميمڻ جو چوڻ آهي ته جنڊيءَ جا ڪل ٽي ڪارخانه آهن؟ هڪ ڪارخانو ڀٽ شاھ ۾ هنرمند ڪالوني نالي آهي جيڪا سنڌ ثقافت کاتي وارن ڪاريگرن کي الاٽ ڪئي آهي. ٻيو ڪارخانو هالا پراڻا ۾ ۽ ٽيون ڪارخانو خانوٺ ۾ آهي. ان کان علاوه هالا شهر ۾ ڪل 25 کان 26 جنڊي جا دڪان آهن مگر اصل جنڊيءَ جو سامان ٽن دڪانن تي وڪرو ٿيندو آهي. اصل جنڊيءَ جي سامان مان مراد ٻن قسمن جي جنڊي جو سامان آهي. اصل جنڊي اصل ڪاٺ سان ٺهندي آهي. اصل ڪلر استعمال ٿيندا آهن ۽ اصل جنڊيءَ جي قيمت ڪاپي ٿيل کان ٻيڻ تي هوندي آهي.
ماسٽر عبدالله هيڊيڪرافٽ جي مالڪ ماجد علي ميمڻ کي جنڊيءَ جو ڪم ڪندي 50 کان 60 سال گذري چڪا آهن انهن جو سامان ڪينيڊا، مالديپ، فرانس، انگلينڊ، ملائيشيا، سعودي عرب ۽ سنڌ توڙي پنجاب جي مختلف شهرن ۾ وڪرو ٿيندو آهي ڪجھ ماڻهون انهن وٽان خريد ڪري مختلف ملڪن ڏانهن سوکڙي طور موڪليندا آهن.
اتان جي ڪاريگر لونگ خان ڏهري جو چوڻ آهي ته اسان جنڊي جا مختلف سامان ٺاهيندا آهيون ۽ انهن جي مختلف قيمت هوندي آهي. مثال طور جنڊي جو هندورو ان جي قيمت 55 هزارن کان 60 هزارن تائين آهي ۽ ان کي ٺاهڻ ۾مهينو لڳندو آهي. ان کان علاوه ٻن قسمن جا پينگها ٺاهيندا آهيون هڪ جنڊيءَ جو پينگهو جنهن جي قيمت 25 هزار آهي ٻيو چورس سادو پينگهو جنهن جي قيمت 11 هزار آهي انهن کي ٺاهڻ ۾ 20 ڏينهن لڳندا آهن. اسان وٽ ٽن قسمن جو کٽون به ٺهنديون آهي، هڪ اصل جنڊيءَ جي کٽ جنهن جي قيمت 12 هزار آهي ان کي ٺاهڻ لاءِ هڪ هفتو لڳندو آهي. ٻئي ڪاپي ڊبليڪٽ آئل پينٽ کٽ جنهن جي قيمت 6 هزار آهي. ٽين سادي کٽ جيڪا عام استعمال ۾ ايندي آهي ان جي قيمت 28 سئو کان 3 هزار تائين هوندي آهي. ان کان علاوه اسين جنڊيءَ جي الماري ٺاهيندا آهيون جنهن جي قيمت 55 هزار آهي. جنڊيءَ جي ڊريسنگ ٽيبل، جنڊيءَ جي ڊائيننگ ٽيبل، صوفا سيٽ، منجهي، ويلڻ، چڪرو، مصالن کي ڪٽڻ وارو به جنڊيءَ جو ٺاهيندا آهيون.
جنڊيءَ جو سامان ٺاهڻ لاءِ مختلف شهرن مان سامان ايندو آهي. مثال طور بهڻ جو ڪاٺ جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، ڪنڌھ ڪوٽ مان ايندو آهي. صرف چار بهڻ جا ڪچا پاوا هڪ هزار ۾ ملندا آهن ۽ ڪرايو الڳ هوندو آهي ٽوٽل ڪرايو ملائي 12 سئو ۾ چار ڪچا پاوا هالا شهر تائين پهچندا آهن. پاون کي ڪلر ڏيڻ لاءِ لاک استعمال ڪندا آهن جيڪا ٻهراڙي جا ماڻهون 5 سئو يا 6 سئو ڪلو ۾ جنڊي جي ڪاريگرن کي وڪري ڪري ڏيندا آهن. لاک ماکي وانگر هوندي آهي جيڪا ٻٻرن جي وڻ ۾ ٿيندي آهي. ان کان علاوه رانجهڻ به استعمال ٿيندو آهي جيڪو ڪلرن ۾ چمڪ ڪڍندو آهي. راجهڻ جبل جي پٿرن وانگر هوندو آهي جنهن کي پونڊر ڪري استعمال ڪندا آهن. راجهڻ ڪراچي مان گهرايو ويندو آهي. جنڊي کي خوبصورت ڪرڻ لاءِ ٻيا به ڪيترائي ڪلر استعمال ۾ آڻيندا آهن. مثال طور سفيدو، زردي، ڳاڙهي ڪيوڙي جنهن مان ڳاڙهو ڪلر ٺهندو آهي.
جنڊي ٺاهڻ لاءِ بهڻ جو ڪاٺ پهرين کان ئي اسٽاڪ ڪري رکيو ويندو آهي. جيئن هڪ سال تائين سڪي خشڪ ٿي وڃي ان کان پوءِ چار ڪاريگر ڪچي بهڻ جي ڪاٺ تي ڪم ڪندا آهن. سڀ کان پهرين واڍو ڪٽنگ ڪري ڪاٺ کي مختلف شڪل ڏيندو آهي. ڪاٺ کي پائي جي شڪل ڏيڻ لاءِ هٿرادو ٺهيل مشين جو استعمال ڪندو آهي. ان مشين جو موٽر وڏي پٿر سان لڳل هوندو آهي ۽ ٽي فٽ پري سريئي مان ٺهيل چرخي لڳل هوندي آهي ان ۾ بهڻ جي ڪاٺ جو چار ڪنڊو ٽڪر لڳل هوندو آهي ان چرخي ۽ موٽر جي وچ ۾ پٽو لڳل هوندو آهي. واڍي جي هٿ ۾ لوھ جي پٽي هوندي آهي جڏهن چرخي گول ڦرندي آهي ته ڪاريگر لوھ جي پٽي سان ڪاٺ جي ٽڪري کي پائي جي شڪل ڏيندو آهي. واڍو ان گسائي جا 250 روپيه وٺندو آهي. ان کان پوءِ پينٽر پاون کي ڪلر ڪندو آهي. پائي جا ڪلر تيز ۽ چمڪدار ڪرڻ لاءِ پاون کي گرمي جو سيڪ ڏنو ويندو آهي. ان لاءِ ليٿ مشين استعمال ٿيندي آهي اها مشين به هٿرادو ٺهيل هوندي آهي. هڪ پاسي کان ورٽيڪل پوزيشن ۾ پٿر لڳل هوندو آهي ٻئي پاسي کان هاريزينٽل پوزيشن ۾ پٿر لڳل هوندو آهي. انهن ٻنهي پٿرن ۾ ڪوڪي وانگر سريا لڳل هوندا آهن اهي پائي کي مظبوطي سان ڪابو ڪندا آهن ۽ ڪاريگر جي هٿ ۾ ڪمان وانگر سنهي ڪاٺي هوندي آهي. ان ۾ ڪمان وانگر ڏوري ٻڌل هوندي آهي ۽ اها ڏوري پائي ۾ به ٻڌل هوندي آهي. ڪاريگر ڪمان کي اڳيان پويان ڪندو آهي ته پائو گول ڦرندو آهي ۽ پائي جي سامهون چار يا پنج انچ پري گرم ڪوئلا رکيل هوندا آهن انهن کوئلن جي گرمي سان ڪلر مظبوط ۽ چمڪدار ٿيندا آهن ۽ ڪلر ڪرڻ وارو ٻه هزار وٺندو آهي. ان کان پوءِ مڙائي وارو انهن پاون کي ٻاهي، پين، ايس، اوپري ۾ جوڙيندو آهي. ٻاهي، پين، ايس، اوپرو هڪ ئي جا نالا آهن جيڪي کٽ ۾ پاون کي پاڻ ۾ جوڙيندا آهن. انهن کي ٻٻر اسري پين مختلف ڪاٺ سان جوڙي پوءِ انهن جي ٻورائي ڪئي ويندي آهي. مطلب ته ان کٽ کي واڻيون ويندو آهي واڻڻ لاءِ مختلف واڻ استعمال ٿيندو آهي. مثال طور پلاسٽڪ جي ڏوري، سٽ واري ڏوري، فيش جا واڻ استعمال ٿيندا آهن. فيش مطلب جيڪو عام کٽن ۾ واڻ هوندو آهي. ان کان علاوه مڃ به استعمال ٿيندي آهي. مڃ جيڪي شادي ۾ ڳاڙهيون کٽون واڻيل هونديون آهن. واڻڻ وارو شادي جي کٽن تي نالا به لکي ڏيندو آهي مثال طور شادي مبارڪ، ويلڪم، ڀلي ڪري آيا، ڪجھ ماڻهون پنهنجي شادي جي تاريخ به لکرائيندا آهن پر پاڪ اسلامي نالو نه لکيو ويندو آهي. مڙائي ( واڻڻ ) جي مختلف قيمت هوندي آهي 250 کان وٺي 1 هزار تائين ڇاڪاڻ جو نالا لکڻ تمام محنت ۽ باريڪي جا ڪم هوندا آهن پين سان ته وڏي آساني سان نالو لکي سگهجي ٿو پر هڪ هڪ تند کي مالائي صفائي سان نالا لکڻ ڏکيو ڪم هوندو آهي. اصل جنڊيءِ جي کٽ جا چار پاوا هڪ هفتي ۾ پينٽ ٿيندا آهن ۽ آئل پينٽ کٽ جا هڪ هفتي ۾ چاليھ پاوا پينٽ ٿيندا آهن. اصل جنڊيءِ جي کٽ جي قيمت 12 هزار ۽ آئل پينٽ کٽ جي قيمت 6 هزار هوندي آهي.
ثقافت کاتي جي طرفان جنڊيءِ جي ڪاريگرن کي وظيفو ڏنو ويندو آهي. اصل حق انهن ريٽائيرڊ ڪاريگرن جو آهي جيڪي جنڊيءِ جو هنر ڪندي پوڙها ۽ ريٽائيرڊ ٿي ويا آهي ڇاڪاڻ جو نوجوان ڪاريگر هنر مان ڪمائي پنهنجو گذر سفر ڪري سگهن ٿا ۽ انهن پوڙهن ڪاريگرن ۾ اها طاقت نه رهي آهي جو هو هنر ڪري پنهنجو پيٽ پالي سگهن.
سنڌ جا ماڻهون جنڊيءَ جو سامان گهر کي سجائڻ لاءِ استعمال ڪندا آهن. خاص ڪري هندورو، پينگهو گهر جي سونهن سمجهندا آهن اڪثر ٻهراڙين جي ماڻهن جي سوچ آهي ته ڀاڳ وارن جي گهر ۾ پينگهو هوندو آهي. سنڌي ماڻهون اڪثر ڪري جنڊيءَ جي کٽ ڏاج ۾ ڏيندا هئا هاڻي ٻهراڙي تائين اهيو رواج محدود آهي. ان کان علاوه سنڌي ثقافت ۾ ڪيتريون ئي هٿ جون ٺهيل شيون اهميت رکن ٿيون. ان سان گڏوگڏ جنڊي جون ٺهيل شيون به سنڌي ثقافت جو اهم حصو آهن.

Comments

Popular posts from this blog

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature