نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group

On Monday Sep 23, 2019, ur group should sit with Waheed Bhatti Sb 
Get it edited and put in proper form
Chhachhar's report has problem in composing format. pls get it sorted out
عبدالحفيظ ڀٽو (بي ايس پار
Ur group NO? 
Unable to see which portion is written by whom?
Each member has to write around 900 words
Let me know what to do?
Following suggestions were included in the proposal. See how much ur group has addressed these points:
1)      History, background, how, when and with hose initiative and cost this was constructed. Whyand how it was named as Niaz Stadium? Hwo was Niaz?
2)      Find record details what and when matches were held?
3)      Why was neglected since 1980s, though there were Junejo govt, PPP, PMLN, Musharraf govts and later two civilian govts?
4)      Any political or administrative reason behind it?
5)      What is present condition
6)      Some incidents which left negative impact on this playground
7)      Any inner politics among people running the affairs of this stadium
8)      Over all cricket situation in Hyderabad, some youth played in major matches


Newspaper & Magazine Production
نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جي انويسٽيگيشن رپورٽ
علي احمد ڇڇر، عبد الحفيظ ڀٽو، سرمد علي کوهارو
نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جيڪو پهرين فٽ بال جو گرائونڊ هوندو هو بعد ۾ ان کي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ تبديل ڪيو ويو.هن اسٽيديم جو بنياد (1959) ۾ رکيو ويو. نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ انڊس هوٽل  جي سامهون واقع آهي. اسٽيڊيم جو نالو ان وقت جي ڪمشنر نياز احمد جي نالي سان رکيو ويو جيڪو عام ماڻهو هو راندين کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو. حيدرآباد جو اسٽيديم ان حوالي سان به تاريخي اهميت جو حامل آهي هن گرائونڊ ۾ جيڪي به بين الاقوامي رانديون ٿيون انهن ۾ پاڪستان هميشه نا قابل شڪست رهيو آهي پوءِ اهو چاهي ٽيسٽ ڪرڪيٽ هجي يا ون ڊي ڪرڪيٽ هر ميچ ۾ پاڪستان جي فتح رهي آهي. ان کان علاوه راندين جي تاريخ ۾ جلال الدين جي پهرين هيٽرڪ جاويد ميانداد  جو ٽيسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ۽ سعيد انور جون ٽي سينچريون اهي سڀئي ڪارنامه هن نياز اسٽيديم ۾ ٿي گذريا آهن.
موجوده وقت ۾ نياز اسٽيڊيم پوري طرح  خستا حالي جو شڪار آهي. اسٽيڊيم جي اندر شائقين جي ويهڻ جي گنجائش جيڪا صرف (10000) هزار آهي پر جڏهن ته رڪارڊ ۾ اها (15000) هزار ڄاڻائي وئي آهي ٻيو ته اسٽيڊيم جي اندر شروعات کان ئي فلڊ  لائيٽس موجود نه آهن نه ئي ڪو ٽاور يا اڪيڊمي موجود آهي. اسٽيڊيم ۾هڪ اسڪور بورڊ جيڪو پراڻي دور جو لڳل آهي. پچ جي موجوده صورتحال بلڪل خراب آهي. ان کان علاوه اسٽيڊيم جي سامهون واري عمارت پڻ خستا حالي جو شڪار آهي. اسٽيڊيم جون ٻاهريون ديوارون پڻ بي ڌياني سبب ڪيترن ئي سالن کان زبور حالت ۾ آهن.
هن اسٽيڊيم جي بنياد کان وٺي (2008) تائين هي گرائونڊ ضلع حڪومت حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي جي ڪنٽرول ۾ هو. جيستائين هن اسٽيڊيم جو ڪنٽرول ضلع حڪومت جي هٿ ۾ هو ان وقت هن گرائونڊ ۾ بين الاقوامي ميچون ٿينديون هيون.
نياز اسٽيڊيم جي ريٽائرڊ انچارج حفيظ الرحمن جي چوڻ مطابق جيستائين هي گرائونڊ حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي وٽ هيو هن گرائونڊ جو ڪم ڪرايو ويندو هو ۽ هتي با قائدا انٽرنيشنل رانديون ٿينديون هيون ٻاهرين ملڪن جا رانديگر کيڏڻ ايندا هئا. هن اسٽيڊيم ۾ آخري ميچ (2008) ۾ پاڪستان جو زمبابوي سان ٿيو هو جيڪو پڻ حيدرآباد مونسيپل ڪميٽي ڪرايو هو. جنهن کان بعد حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي گرائونڊ جي وڌيڪ سٺي ترقي ۽ بين الاقوامي رانديون ڪرائڻ جي لاءِ  هن اسٽيڊيم جو ڪنٽرول (پي سي بي) جي حوالي ڪيو. اهڙي طرح نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جو ڪنٽرول 17 جولاءِ 2007 ۾  (ايم او يو) واري هڪ معاهدي جي تحت  ضلعي ناظم ڪنور نويد جميل حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي (پي سي بي) جي حوالي ڪيو هو. (ايم او يو) وارو معاهدو (پي سي بي) جي چيف آپريٽنگ  آفيسر مسٽر شفيق حسين نگمي  ۽ ڊسٽرڪٽ ڪووآرڊينيشن آفيسر حيدرآباد مسٽر آفتاب احمد ختري طرفان سائن ڪيو ويو هو. هن معاهدي جا ڪووآرڊينيشن (آر ڊي ايم) (پي سي بي) حيدرآباد ريجن عبدالحسين شاهه ۽ صدر (آر سي اي) حيدرآباد ريجن مير حيدر علي ٽالپر هيا.
(ايم او يو) واري معاهدي  مطابق (پي سي بي) هن گرائونڊ ۾ فلڊ لائيٽس، ڊجيٽل اسڪور بورڊ، اليڪٽرانڪ اسڪرين، 50000 هزار تائين شائقين جي ويهڻ جي گنجائش کي وڌائڻ، اڪيڊمي قائم ڪرڻ ۽ اسٽيڊيم کي ٻين بين الاقوامي اسٽيڊيم وانگر اپگريڊ ڪرڻ هو. پر هن  معاهدي کي 11 سال گذرڻ جي باوجود (پي سي بي) هن گرائونڊ ۾ معاهدي وارين شرطن مان هڪڙي به شرط پوري نه ڪئي. انچارج جي چوڻ مطابق (پي سي بي) هن گرائونڊ تي هڪ روپيو به خرچ نه ڪيو آهي. جنهن ڪري اڄ هي گرائونڊ پوري طرح خستا حالي ۽ زبور حالت ۾ آهي. 
 سنڌ جي وزير اعلي سيد مراد علي شاهه (پي ايس ايل) جو ڪجهه ميچون حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ڪرائڻ تي اظهار ڪيو هو. پر جڏهن ته نياز اسٽيڊيم هن وقت ان حالت ۾ نه آهي جو هتي پي ايس ايل جو ميچون منعقد ڪيو وڃن.
قاسم آباد ميونسيپل ڪميٽي (پي سي بي) کان  اپريل 2019 ۾ ڪورٽ جي ذريعي نياز اسٽيڊيم جو ڪنٽرول واپس ورتو، ڇاڪاڻ ته  يارنهن سالن جي عرصي ۾ (پي سي بي) ڪنهن قسم جي مرامت يا ڪا انٽرنيشنل ميچ نه ڪرائي سگهي. ان کان علاوه اگر جيڪڏهن ڪنهن حيدرآباد جي لوڪل ٽيم کي ميچ کيڏڻي هوندي هئي ته درخواست اسلام آباد موڪلي ويندي هئي ۽ اگر جيڪڏهن درخواست پاس به ٿي ويندي هئي ته ميچ کيڏڻ لاءِ فيس تمام گهڻي رکي وئي ته جيئن لوڪل رانديگر افورڊ نه ڪري سگهن. جڏهن نياز اسٽيڊيم (پي سي بي) جي ڪنٽرول ۾ هوندو هو ته عام ماڻهون ته پري جي ڳالھ آهي پر ڪنهن لوڪل رانديگر کي اسٽيڊيم جي اندر اچڻ جي به اجازت نه هوندي هئي ان کان علاوه گيٽ تي بيهڻ به نه ڏيندا هئا.
وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه جي (پي ايس ايل) ڪرائڻ واري بيان کانپوءِ اسٽيڊيم ۾ اڄ کان چار مهينا اڳ 20 کان 25 انجنيئرن ۽ عملي تي مشتمل سنڌ اسپورٽس بورڊ جي ٽيم آئي هئي. جنهن پوري گرائوند جي هڪ روپورٽ تيار ڪئي ۽ اهيو ٻڌايو ويو ته نياز اسٽيڊيم کي انٽرنيشنل اسٽيڊيم  وانگر اپگريڊ ڪرڻ لاءِ 77 ڪروڙ  روپيه خرچ ڪيا ويندا جنهن کانپوءِ هن وقت تائين اڃا ڪو به ردعمل ظاهر نه ٿيو آهي.
ان کان علاوه لوڪل گورنمينٽ ڪاشف شورو طرفان هن گرائونڊ ۾ ڪافي خرچ ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته پچ ڪور، رولر، پائپ وغيره جيڪي بنيادي سهولت وارو سامان هو اهو سڄو ختم ٿي چڪو هو جيڪي هاڻي ڪاشف شورو ٺيڪ ڪرايا آهن.
اسٽيڊيم جي انچارج جو چوڻ آهي ته گرائونڊ جي اپگريڊيشن جي لاءِ 20 کان 25 لک جي بجيٽ سان اسٽيڊيم کي تيار ٿيڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا ڇاڪاڻ ته هن موجوده صورتحال ۾ گرائونڊ ۾ لکين روپين جي نه بلڪي ڪروڙين روپين جي لاڳت جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ جو هن وقت حيدرآباد جي آبادي تمام تيزي سان وڌي وئي آهي جنهن سان اگر گرائونڊ ۾ 30000 شائقين جي ويهڻ جي گنجائش ڪئي وڃي ته پوءِ به اها پوري نه پوندي.
(پي ايس ايل) جو ايندڙ ايوينٽ جلد اچڻ وارو آهي. پر گرائونڊ اڃا تائين  پوري طور تي خستا حال لڳو پيو آهي. جنهن مان اهيو ئي لڳي رهيو آهي ته اڃا ڪجهه سال وزير اعلي سنڌ جو حيدرآباد ۾ (پي ايس ايل) ڪرائڻ وارو بيان بيان ئي رهندو ڇاڪاڻ ته  اهڙا بيان پهرين به ڪيترائي ڏنا ويا هئا ۽ اسٽيڊيم جي موجوده حالت مطابق (پي ايس ايل) ڪرائڻ جي ڪا به اميد ظاهر نٿي لڳي. ٻيو ته سڄو اسٽيڊيم ڊاهي مين گيٽ تائين ٺاهڻ ۾ تمام گهڻو ٽائيم لڳندو ۽ پي ايس ايل جي ميچ کان پهرين نياز اسٽيڊيم جو مڪمل طور تي تيار ٿيڻ مشڪل آهي.
حيدرآباد توڙي سڄي سنڌ جي عوام ۽ نوجوانن وزيراعلي سنڌ جي حيدرآباد ۾ (پي ايس ايل) ڪرائڻ واري اظهار بيان تي تمام خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن پر حقيقت اها آهي ته هن وقت تائين اسٽيڊيم پوري طرح تباه ڪن واري حالت ۾ آهي جنهن ڪري ايندڙ وقت ۾ (پي ايس ايل)  (2020) جو ايوينٽ حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ٿيڻ جا امڪان نظر نٿا اچن. هن اسٽيڊيم ۾ قومي ۽ بين الاقوامي راندين ٿيڻ سان حيدرآباد سميت پوري سنڌ کي فائدا آهن. پوري سنڌ جي نوجوانن جو ٽيلينٽ ظاهر ٿيندو حيدرآباد ۾ نيشنل ۽ انٽرنيشنل اڏام بحال ٿي سگهي ٿي ماڻهن جي لاءِ بزنس جا موقعا وڌي سگهن ٿا.
نوٽ؛
نياز اسٽيڊيم ۾ اگر ٻيهر انٽرنيشنل سطح  جون رانديون رهيون ويون ته حيدرآباد شهر کي تمام گهڻو فائدو ۽ ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيندو، جنهن ۾ ماڻهون ننڍا ننڍا ڪاروبار کولي سگهن ٿا. پوري پاڪستان توڙي دنيا جي ماڻهن جي حيدرآباد ۾ اچ وڃ ٿيندي. ان کان علاوه ائين به ٿي سگهي ٿو ته حيدرآباد جي ايئرپورٽ جي رينوويشن ڪري ان کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو جنهن سان سڄي ملڪ توڙي  ٻاهرين ملڪن جا ماڻهون ايندا. نياز اسٽيڊيم جي ڪري حيدرآباد جي معيشت ۾ واڌارو ٿيندو. ماڻهن جي وهنوار جي ڪري حيدرآباد شهر ۾ وڌيڪ ترقي جا امڪان ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جي سڪيورٽي لاءِ سڪيورٽي ادارا قائم ٿي سگهن ٿا، ته جيئن سياحن کي ڪنهن به قسم جو خطرو درپيش نه اچي ۽ سڪيورٽي ادارن جي ڪري حيدرآباد  شهر ۾ وارداتن تي به ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه نياز اسٽيڊيم جي ٻيهر بحال ٿيڻ سان حيدرآباد شهر جي نوجوانن جو ٽيلنٽ به سامهون ايندو ۽ انهن ۾ وڌيڪ جوش ۽ جذبو پيدا ٿيندو. قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجي پاڻ کي راندين ذريعي مڃائي حيدرآباد توڙي صوبي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا.                                                                                               

ذراءِ جي مطابق؛ نياز اسٽيڊيم ۾ ڪل 2 سويئپر آهن انهن کي ٽائيم پگهار نه ڏني ويندي آهي ٻن ٻن مهينن کان پوءِ پگهارو ڏنيون وينديون آهن. وڌيڪ ذراءُ جو چوڻ هو ته مونکي 8 سال ٿي چڪا آهن اسٽيڊيم ۾ پر اڄ ڏينهن تائين اهيا خبر نه پئي آهي ته گرائونڊ لاءِ مالي ڪيترا مالي رکيا ويا آهن. هڪ اندازي جي مطابق تقريبن 8 مالي هتي گرائونڊ جي ديکھ ريکھ ڪندا آهن.س

Comments

Popular posts from this blog

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature