Group 4 Compiled نياز اسٽيڊيم حيدرآباد - انويسٽيگيشن رپورٽ

do not put bracket to figures, bracket means one thing is earlier mentioned, and u rae writing further explanation in bracket. 
There seems bit repeatition in Hafeez and Ali Ahmed pieces 
Most of the part of Sarmad is copy paste, u can take information from any secondary data, but ave to write this in ur own words, or have to exactly quote it with inverted commas. 

Compiled

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جي انويسٽيگيشن رپورٽ

علي احمد ڇڇر
نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جيڪو پهرين فٽ بال جو گرائونڊ هوندو هو بعد ۾ ان کي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ تبديل ڪيو ويو.هن اسٽيديم جو بنياد (1959) ۾ رکيو ويو. نياز اسٽيڊيم حيدرآباد ۾ انڊس هوٽل  جي سامهون واقع آهي. اسٽيڊيم جو نالو ان وقت جي ڪمشنر نياز احمد جي نالي سان رکيو ويو جيڪو عام ماڻهو هو ۽ راندين کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو. حيدرآباد جو اسٽيديم ان حوالي سان به تاريخي اهميت جو حامل آهي هن گرائونڊ ۾ جيڪي به بين الاقوامي رانديون ٿيون انهن ۾ پاڪستان هميشه نا قابل شڪست رهيو آهي پوءِ اهو چاهي ٽيسٽ ڪرڪيٽ هجي يا ون ڊي ڪرڪيٽ هر ميچ ۾ پاڪستان جي فتح رهي آهي. ان کان علاوه راندين جي تاريخ ۾ جلال الدين جي پهرين هيٽرڪ جاويد ميانداد  جو ٽيسٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ۽ سعيد انور جون ٽي سينچريون اهي سڀئي ڪارنامه هن نياز اسٽيديم ۾ ٿي گذريا آهن. مشهور ڪرڪيٽر شرجيل خان، عزيز سمن، حسنين رضوان، فيصل اختر اهي سڀ هن نياز اسٽيڊيم مان تيار تي نڪتا آهن.
موجوده وقت ۾ نياز اسٽيڊيم پوري طرح  خستا حالي جو شڪار آهي. اسٽيڊيم جي اندر شائقين جي ويهڻ جي گنجائش جيڪا صرف (10000) هزار آهي پر جڏهن ته رڪارڊ ۾ اها (15000) هزار ڄاڻائي وئي آهي ٻيو ته اسٽيڊيم جي اندر شروعات کان ئي فلڊ  لائيٽس موجود نه آهن نه ئي ڪو ٽاور يا اڪيڊمي موجود آهي. اسٽيڊيم ۾هڪ اسڪور بورڊ جيڪو پراڻي دور جو لڳل آهي. پچ جي موجوده صورتحال بلڪل خراب آهي. ان کان علاوه اسٽيڊيم جي سامهون واري عمارت پڻ خستا حالي جو شڪار آهي. اسٽيڊيم جون ٻاهريون ديوارون پڻ بي ڌياني سبب ڪيترن ئي سالن کان زبور حالت ۾ آهن.
هن اسٽيڊيم جي بنياد کان وٺي (2008) تائين هي گرائونڊ ضلع حڪومت حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي جي ڪنٽرول ۾ هو. جيستائين هن اسٽيڊيم جو ڪنٽرول ضلع حڪومت جي هٿ ۾ هو ان وقت هن گرائونڊ ۾ بين الاقوامي ميچون ٿينديون هيون.
نياز اسٽيڊيم جي ريٽائرڊ انچارج حفيظ الرحمن جي چوڻ مطابق جيستائين هي گرائونڊ حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي وٽ هيو هن گرائونڊ جو ڪم ڪرايو ويندو هو ۽ هتي با قائدا انٽرنيشنل رانديون ٿينديون هيون ٻاهرين ملڪن جا رانديگر کيڏڻ ايندا هئا. هن اسٽيڊيم ۾ آخري ميچ (2008) ۾ پاڪستان جو زمبابوي سان ٿيو هو جيڪو پڻ حيدرآباد مونسيپل ڪميٽي ڪرايو هو. جنهن کان بعد حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي گرائونڊ جي وڌيڪ سٺي ترقي ۽ بين الاقوامي رانديون ڪرائڻ جي لاءِ  هن اسٽيڊيم جو ڪنٽرول (پي سي بي) جي حوالي ڪيو. اهڙي طرح نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جو ڪنٽرول 17 جولاءِ 2007 ۾  (ايم او يو) واري هڪ معاهدي جي تحت  ضلعي ناظم ڪنور نويد جميل حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي (پي سي بي) جي حوالي ڪيو هو. (ايم او يو) وارو معاهدو (پي سي بي) جي چيف آپريٽنگ  آفيسر مسٽر شفيق حسين نگمي  ۽ ڊسٽرڪٽ ڪووآرڊينيشن آفيسر حيدرآباد مسٽر آفتاب احمد ختري طرفان سائن ڪيو ويو هو. هن معاهدي جا ڪووآرڊينيشن (آر ڊي ايم) (پي سي بي) حيدرآباد ريجن عبدالحسين شاهه ۽ صدر (آر سي اي) حيدرآباد ريجن مير حيدر علي ٽالپر هيا.
(ايم او يو) واري معاهدي  مطابق (پي سي بي) هن گرائونڊ ۾ فلڊ لائيٽس، ڊجيٽل اسڪور بورڊ، اليڪٽرانڪ اسڪرين، 50000 هزار تائين شائقين جي ويهڻ جي گنجائش کي وڌائڻ، اڪيڊمي قائم ڪرڻ ۽ اسٽيڊيم کي ٻين بين الاقوامي اسٽيڊيم وانگر اپگريڊ ڪرڻ هو. پر هن  معاهدي کي 11 سال گذرڻ جي باوجود (پي سي بي) هن گرائونڊ ۾ معاهدي وارين شرطن مان هڪڙي به شرط پوري نه ڪئي. سابق پي سي بي چيئرمين نجم سيٺهي پشاور ۽ اسلام آباد ۾ ٻه نوان اسٽيڊيم ٺاهڻ جي لاءِ اظهار ڪيو هو ۽ اهي ٺهي به ويا پر  نياز اسٽيڊيم جي معاهدي کي هڪ ڏهاڪي کان به وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي ان جي مرامت لاءِ پي سي بي جي طرفان هڪ روپيو به خرچ نه ٿيو آهي.
پي سي بي جي سالياني اجلاس ۾ ڊسٽرڪٽ ايسوسيئيشن دي سي اي کي نياز اسٽيڊيم بابت ٻڌايو ويو هو جنهن ۾ اهو انڪشاف ڪيو ويو هو ته نياز اسٽيڊيم ۾ اڪيڊيمي قائم ڪئي ويندي جيڪا اڄ ڏينهن تائين قائم نه ٿي آهي.
ايم او جو جي معاهدي تحت پي سي بي تي اها زميواري عائد ڪئي وئي هئي ته هو نياز اسٽيڊيم کي به ٻين بين الاقوامي گرائونڊ جي برابر اپگريڊ ڪندا پر ان تي به عمل نه ٿيو.
نياز اسٽيڊيم پي سي بي جي حوالي ان لاءِ ڪيو ويو هو ته هن اسٽيڊيم جي مرمت سان گڏوگڏ اسٽيڊيم ۾ ٽي 20 ٽورنامينٽ، پاڪستان ڪپ، ويمن ڪرڪيٽ  ميچ يا پي ايس ايل ڪرائڻ تي غور ڪيو ويندو مگر ان جي ابتڙ هتي ڪا به اهڙي ميچ نه ڪرائي وئي.
نياز اسٽيڊيم ۾ آخري دفعو بين الاقوامي ڪرڪيٽ جي ميزباني جو موقعو 24 جنوري 2008 ۾ مليو. جنهن ۾ پاڪستان جو مقابلو زمبابوي سان ونڊي انٽرنيشنل جو ٿيو. جنهن کان پوءِ نياز اسٽيڊيم تباھ حال ۽ ويران آهي انتظاميا ۽ پي سي بي جي توجه نه هجڻ ڪري اسٽيڊيم جي اسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي.
سنڌ جي وزير اعلي سيد مراد علي شاهه (پي ايس ايل) جو ڪجهه ميچون حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ڪرائڻ تي اظهار ڪيو هو. پر جڏهن ته نياز اسٽيڊيم هن وقت ان حالت ۾ نه آهي جو هتي پي ايس ايل جو ميچون منعقد ڪيو وڃن.
قاسم آباد ميونسيپل ڪميٽي (پي سي بي) کان  اپريل 2019 ۾ ڪورٽ جي ذريعي نياز اسٽيڊيم جو ڪنٽرول واپس ورتو. ڇاڪاڻ ته  يارنهن سالن جي عرصي ۾ (پي سي بي) ڪنهن قسم جي مرامت يا ڪا انٽرنيشنل ميچ نه ڪرائي سگهي. ان کان علاوه اگر جيڪڏهن ڪنهن حيدرآباد جي لوڪل ٽيم کي ميچ کيڏڻي هوندي هئي ته درخواست اسلام آباد موڪلي ويندي هئي ۽ جيڪڏهن درخواست پاس به ٿي ويندي هئي ته ميچ کيڏڻ لاءِ فيس تمام گهڻي رکي وئي ته جيئن لوڪل رانديگر افورڊ نه ڪري سگهن. جڏهن نياز اسٽيڊيم (پي سي بي) جي ڪنٽرول ۾ هوندو هو ته عام ماڻهون ته پري جي ڳالھ آهي پر ڪنهن لوڪل رانديگر کي اسٽيڊيم جي اندر اچڻ جي به اجازت نه هوندي هئي ان کان علاوه گيٽ تي بيهڻ به نه ڏيندا هئا.
وزير اعلي سنڌ مراد علي شاه جي (پي ايس ايل) ڪرائڻ واري بيان کانپوءِ اسٽيڊيم ۾ اڄ کان چار مهينا اڳ 20 کان 25 انجنيئرن ۽ عملي تي مشتمل سنڌ اسپورٽس بورڊ جي ٽيم آئي هئي. جنهن پوري گرائوند جي هڪ روپورٽ تيار ڪئي ۽ اهيو ٻڌايو ويو ته نياز اسٽيڊيم کي انٽرنيشنل اسٽيڊيم  وانگر اپگريڊ ڪرڻ لاءِ 77 ڪروڙ  روپيه خرچ ڪيا ويندا جنهن کانپوءِ هن وقت تائين اڃا ڪو به ردعمل ظاهر نه ٿيو آهي.
ان کان علاوه لوڪل گورنمينٽ ڪاشف شورو طرفان هن گرائونڊ ۾ ڪافي خرچ ڪيو ويو آهي. ڇاڪاڻ ته پچ ڪور، رولر، پائپ وغيره جيڪي بنيادي سهولت وارو سامان هو اهو سڄو ختم ٿي چڪو هو جيڪي هاڻي ڪاشف شورو ٺيڪ ڪرايا آهن.
اسٽيڊيم جي انچارج جو چوڻ آهي ته گرائونڊ جي اپگريڊيشن جي لاءِ 20 کان 25 لک جي بجيٽ سان اسٽيڊيم کي تيار ٿيڻ ۾ ڪيترائي سال لڳي ويندا ڇاڪاڻ ته هن موجوده صورتحال ۾ گرائونڊ ۾ لکين روپين جي نه بلڪي ڪروڙين روپين جي لاڳت جي ضرورت آهي. ڇاڪاڻ جو هن وقت حيدرآباد جي آبادي تمام تيزي سان وڌي وئي آهي جنهن سان اگر گرائونڊ ۾ 30000 شائقين جي ويهڻ جي گنجائش ڪئي وڃي ته پوءِ به اها پوري نه پوندي.
(پي ايس ايل) جو ايندڙ ايوينٽ جلد اچڻ وارو آهي. پر گرائونڊ اڃا تائين  پوري طور تي خستا حال لڳو پيو آهي. جنهن مان اهيو ئي لڳي رهيو آهي ته اڃا ڪجهه سال وزير اعلي سنڌ جو حيدرآباد ۾ (پي ايس ايل) ڪرائڻ وارو بيان بيان ئي رهندو ڇاڪاڻ ته  اهڙا بيان پهرين به ڪيترائي ڏنا ويا هئا ۽ اسٽيڊيم جي موجوده حالت مطابق (پي ايس ايل) ڪرائڻ جي ڪا به اميد ظاهر نٿي لڳي. ٻيو ته سڄو اسٽيڊيم ڊاهي مين گيٽ تائين ٺاهڻ ۾ تمام گهڻو ٽائيم لڳندو ۽ پي ايس ايل جي ميچ کان پهرين نياز اسٽيڊيم جو مڪمل طور تي تيار ٿيڻ مشڪل آهي.
حيدرآباد توڙي سڄي سنڌ جي عوام ۽ نوجوانن وزيراعلي سنڌ جي حيدرآباد ۾ (پي ايس ايل) ڪرائڻ واري اظهار بيان تي تمام خوشي جو اظهار ڪري رهيا آهن پر حقيقت اها آهي ته هن وقت تائين اسٽيڊيم پوري طرح تباه ڪن واري حالت ۾ آهي جنهن ڪري ايندڙ وقت ۾ (پي ايس ايل)  (2020) جو ايوينٽ حيدرآباد جي نياز اسٽيڊيم ۾ ٿيڻ جا امڪان نظر نٿا اچن. هن اسٽيڊيم ۾ قومي ۽ بين الاقوامي راندين ٿيڻ سان حيدرآباد سميت پوري سنڌ کي فائدا آهن. پوري سنڌ جي نوجوانن جو ٽيلينٽ ظاهر ٿيندو حيدرآباد ۾ نيشنل ۽ انٽرنيشنل اڏام بحال ٿي سگهي ٿي ماڻهن جي لاءِ بزنس جا موقعا وڌي سگهن ٿا.
نياز اسٽيڊيم ۾ اگر ٻيهر انٽرنيشنل سطح  جون رانديون رهيون ويون ته حيدرآباد شهر کي تمام گهڻو فائدو ۽ ڪاروبار ۾ واڌارو ٿيندو، جنهن ۾ ماڻهون ننڍا ننڍا ڪاروبار کولي سگهن ٿا. پوري پاڪستان توڙي دنيا جي ماڻهن جي حيدرآباد ۾ اچ وڃ ٿيندي. ان کان علاوه ائين به ٿي سگهي ٿو ته حيدرآباد جي ايئرپورٽ جي رينوويشن ڪري ان کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو جنهن سان سڄي ملڪ توڙي  ٻاهرين ملڪن جا ماڻهون ايندا. نياز اسٽيڊيم جي ڪري حيدرآباد جي معيشت ۾ واڌارو ٿيندو. ماڻهن جي وهنوار جي ڪري حيدرآباد شهر ۾ وڌيڪ ترقي جا امڪان ٿي سگهن ٿا. ان کان علاوه ٻاهرين ملڪن جي ماڻهن جي سڪيورٽي لاءِ سڪيورٽي ادارا قائم ٿي سگهن ٿا، ته جيئن سياحن کي ڪنهن به قسم جو خطرو درپيش نه اچي ۽ سڪيورٽي ادارن جي ڪري حيدرآباد  شهر ۾ وارداتن تي به ڪنٽرول ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه نياز اسٽيڊيم جي ٻيهر بحال ٿيڻ سان حيدرآباد شهر جي نوجوانن جو ٽيلنٽ به سامهون ايندو ۽ انهن ۾ وڌيڪ جوش ۽ جذبو پيدا ٿيندو. قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي پنهنجي پاڻ کي راندين ذريعي مڃائي حيدرآباد توڙي صوبي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن ٿا.                
قاسم آباد جي لوڪل ٽيم ٽائيگر ڪنگ جي ڪپتان ڪاشف ميمڻ جو چوڻ هو ته جڏهن به اسان ڪنهن ٽيم سان ميچ فڪس ڪندا هئاسين ته گرائونڊ لاءِ پريشان هوندا هواسين  پهرين اسان هوش محمد فلاءِ اور جي سامهون واري گرائونڊ ڪرڪيٽ رهندا هياسين هاڻي اتي سم ۽ ڪلراٺي زمين جي ڪري پاڻي بيهي رهيو آهي. هاڻي جڏهن به اسين ميچ فڪس ڪندا آهيون ته نياز اسٽيڊيم ۾ رهندا آهيون هڪ ته ان جي فيس گهٽ آهي ٻيون ته اهيو گرائونڊ تاريخي ۽ ٻين گرائونڊن کان تمام بهتر ۽ ڪنفرٽيبل آهي.
ذراءِ جي مطابق؛ نياز اسٽيڊيم ۾ ڪل 2 سويئپر آهن انهن کي ٽائيم پگهار نه ڏني ويندي آهي ٻن ٻن مهينن کان پوءِ پگهارو ڏنيون وينديون آهن. وڌيڪ ذراءُ جو چوڻ هو ته مونکي 8 سال ٿي چڪا آهن اسٽيڊيم ۾ پر اڄ ڏينهن تائين اهيا خبر نه پئي آهي ته گرائونڊ لاءِ مالي ڪيترا رکيل آهن. هڪ اندازي جي مطابق تقريبن 8 مالي هتي گرائونڊ جي ديکھ ريکھ ڪندا آهن.

جڏهن اسان گرائونڊ کي ڇارو طرف ڏٺوسين ته لڳو پئي ته هي اسٽيڊيم هزارن سالن کان ويران پيو آهي ڇاڪاڻ جو ديوارن جو ڪوٽ تمام خراب حالت ۾ ڏسڻ ۾ پئي آيو ديوارن جا چاپوڙا لهي رهيا هئا ۽ ديوار جو سرون صاف نظر پئي آيون ان کان علاوه ديوارن سان گڏ ٽي گيٽ لڳل هئا جيڪي سنڀال نه ڪرڻ جي ڪري مينهن جي پاڻي جي ڪري ڪٽجي ويا هئا ۽ انهن جي پاڙن ۾ ڇٻر ڦٽيل هئي ۽ اسٽيڊيم جي ٻاهران ننڍيون دريون لڳل آهن جيڪي بري طرح سان اڏوهي جون کاڌل ۽ بڳل آهن اسٽيڊيم جي ٻاهرايان هڪ پاڻي جي ٽانڪي لڳل آهي جنهن جي جو سرون ظاهر هيون ۽ تمام خراب حالت ۾ آهي. اسٽيڊيم جي اندر اسٽيپس سيڙيون جنهن تي شائقين ويهي ميچ ڏسندا آهن اهي اسٽيپس هڪ کنڊر جو منظر پيش ڪري رهيا هئا انهن اسٽيپس جون سريون ٻاهر نڪتل هيون اسٽيپس ڀڳل پريل حالت ۾ آهن. انهن اسٽيپس کي ٺاهڻ لاءِ لکين روپيه نه بلڪي ڪروڙي روپين جي ضرورت آهي ۽ ايتري بجيٽ قاسم آباد ميونسپل ڪميٽي کي اسٽيڊيم لاءِ نه ملندي آهي ڇاڪاڻ جو اسٽيڊيم کي نئي سر ٺاهڻ ۾ ڪروڙي روپين جي لاڳت جي ضرورت آهي جيڪا سنڌ حڪومت جي طرفان بحال ٿي سگهي ٿي.


عبدالحفيظ ڀٽو (بي ايس پارٽ ٿري رول نمبر ٽو ڪي سيونٽين ايم سي 2)
(انويسٽيگيشن رپورٽ نياز اسٽيڊيم)
(اسٽيڊيم جي ريسرچ)
نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جيڪو پهرين مختلف راندين جو ميدان هوندو هيو، جتي فٽ بال راند سميت هاڪي راند ۽ ڪرڪيٽ راند به کيڏي ويندي هئي. بعد ۾ شائقين جو ڪرڪيٽ راند سان وڌيڪ چاهه هجڻ جي ڪري هي گرائونڊ جيڪو فٽ بال راند جي لاءِ تيار ڪيو ويو هو، ان کي ڪرڪيٽ نياز اسٽيڊيم ۾ تبديل ڪيو ويو. نياز اسٽيڊيم حيدرآباد جو بنياد (1959) ۾ رکيو ويو جيڪو (1961) ۾ ٺهي تيار ٿيو.  هن اسٽيڊيم جي تيار ٿيڻ ۾ ان وقت جي موجوده  حيدرآباد ڊويزن جي ڪمشنر نياز احمد جو وڏو ڪردار آهي، جيڪو بذات خد به هن ڪرڪيٽ راند کي تمام گهڻو پسند ڪندو هو. هي اسٽيديم (1961) ۾ تعمير مڪمل ٿيڻ کان وٺي سال (2008) تائين  ضلعه حڪومت حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي جي ڪنٽرول رهيو.
نياز اسٽيڊيم جي ريٽائرڊ انچارج حفيظ الرحمن جي چوڻ مطابق سال (2008) کانپوءِ هن اسٽيڊيم جي وڌيڪ سٺي ترقي، بين الاقوامي رانديون ڪرائڻ  ۽ گرائونڊ جي اپگريڊيشن جي لاءِ  ضلعي ناظم حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي جي مسٽر ڪنور نويد جميل (ايم او يو) واري معاهدي جي تحت  نياز اسٽيڊيم (پي سي بي) جي حوالي ڪيو هو.  جنهن کان پوءِ ٻيهر يارنهن سالن جي عرصي بعد حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي (پي سي بي) کان اسٽيڊيم جو ڪنٽرول واپس ورتو. نياز اسٽيڊيم جي حالت سال 2008 تائين ڪجهه بهتر هوندي هئي، تڏهن ئي هن اسٽيڊيم ۾ بين الاقوامي رانديون ٿينديون هيون. حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي پنهنجي ان دور جي موجوده ٽيڪنالاجي مطابق نياز اسٽيڊيم کي اپگريڊ ڪيو. اسٽيديم جي تعمير کان وٺي سال (2008) واري عرصي جي دوران حيدرآباد ميونسيپل ڪميٽي جي ڪجهه نا اهلي سبب 28 سيپٽمبر 1997 ۾ پاڪستان ۽ ڀارت واري مقابلي کانپوءِ نياز اسٽيڊيم ۾ با اثر ماڻهن جي شادي وغيره جون تقريبون ۽ ميزبانيون ٿينديون رهيون، ۽ ان کان علاوه اسٽيڊيم جي بلڪل پلي گرائونڊ ۾ هيليڪاپٽر پڻ لهندا هئا. جنهن جي ڪري اسٽيڊيم آهسته آهسته خشڪ حالي جو شڪار بڻجندو ويو. پر بعد ۾ جڏهن گرائونڊ (پي سي بي) جي ڪنٽرول ۾ آيو ته شادي جون تقريبون وغيره ٿيڻ بند ٿي ويون. هن اسٽيڊيم ۾ آخري دفعو (2008) ۾ هتي بين الاقوامي راند ڪرائي وئي هئي جنهن ۾ پاڪستان جو مقابلو زمبابوي سان ٿيو هو.
 (1980) واري ڏهاڪي کي نياز اسٽيڊيم جو سونهري دور ڪري تصور ڪيو ويندو آهي، جڏهن دنيا جون ٽاپ ٽيمون هن گرائونڊ تي کيڏڻ اينديون هيون، ۽ هزارين ماڻهون انهن کي ڏسڻ جي لاءِ نياز اسٽيڊيم جو رخ ڪندا هئا. احمد جعفري فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽر جي هڪ بيان مطابق 1980 واري ڏهاڪي ۾ گرائونڊ ۾ ڪجهه ڊولپمينٽ ٿي هئي پر ان کان پوءِ گرائونڊ بلڪل ساڳي حالت ۾ آهي ان ۾ ڪا به ڊولپمينٽ نه آئي آهي.
(پي سي بي) جو اڳوڻو جنرل مينيجر عبدالحسين شاهه هن اسٽيڊيم جي ايتري ته اهميت هوندي هئي جو سڄي سنڌ مان هزارين ماڻهون راند ڏسڻ جي لاءِ ايندا هئا.  پر هاڻي ان جي اهميت ختم ٿي وئي آهي، هن اسٽيڊيم جو ڄاڻي واڻي ڪم روڪيو ويو آهي جنهن ۾ ڪجهه انتظاميان  جو ڪوتاهيون آهن ۽ (بي سي بي) جي به هن ۾ دلچسپي نظر نه آئي.ان کان علاوه نياز اسٽيڊيم جو ڪرڪيٽ گرائونڊ ڪيترن ئي عالمي رڪارڊن جو ساخي پڻ بڻيل آهي. جيڪڏهن نياز اسٽيڊيم تيار ٿي  ويندو ته ان سان نه صرف سنڌ بلڪي پاڪستان کي به فائدو ٿيندو. 
نياز اسٽيڊيم کي 60 سال گذرڻ جي  باوجود  به ان ۾ ڪنهن  به  قسم جي نئين ٽيڪنالاجي  جي مطابق  سهولتون موجود  نه  آهن. ريجنل صدر ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن حيدرآباد  ريجن  مير  سليمان  ٽالپر جي چوڻ مطابق هن اسٽيديم جي وڪيٽ ۽ آئوٽ فيلڊ هميشه پاڪستاني بالرن، بيٽسمينن ۽ فيلڊرن جي ڪم آئي آهي جنهن ڪري پاڪستان هن گرائونڊ تي هڪ به راند نه هارائي آهي. سندس مطابق موجوده وقت ۾ نياز اسٽيڊيم جو اسٽرڪچر سڀني جي سامهون آهي.  اسان ڪيترائي دفعا هائير اٿارٽيز کي اپيل به ڪئي آهي ته نياز اسٽيڊيم تي ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان م ڪا بهتري آڻي وڃي.  هن وقت اسٽيڊيم ماڻهن جي ويهڻ جي بلڪل به قابل نه آهي
اسٽيڊيم جي چوديواري جيڪا اندران ۽ ٻاهران ٻنهي طرفان بي ڌياني سبب زبون حالت ۾ لڳي رهي آهي، جنهن جا چاپڙ آهسته آهسته ڪرندا وڃن ٿا. ان کان علاوه اسٽيڊيم جو اندريون اسٽرڪچر به تباهه حالت  ۾ آهي. اسٽيڊيم جي پلي گرائونڊ واري فيلڊ به ڪجهه بهتري ڪئي وئي آهي، پر جڏهن ته ان جي چوڌاري اڃا به ڪافي ايراضي ۾ سڙيل ۽  وڏو گاهه موجود آهي جيڪو پلي گرائونڊ جي خوبصورتي تي هڪ داغ بڻيل آهي. اسٽيڊيم جي اندر شروعات کان ئي فلڊ لائيٽس موجود نه آهن جيڪي اڄڪلهه جي دور مطابق ضروري آهن.
اسٽيڊيم ۾ شائقين جي ويهڻ واري جاءِ پڻ بلڪل تباهه حالي جو شڪار بڻيل آهي، اسٽيديم جي اندر صرف 10000 ماڻهن جي ويهڻ جي گنجائش آهي جڏهن ته رڪارڊ ۾ اها 15000 هزار ڄاڻائي وئي آهي شائقين جي ويهڻ جي لاءِ اسٽيڊيم ۾ هڪ به ڪرسي موجود نه آهي پر گرائونڊ جي چوڌاري سيڙهي نما ٺهيل ڪرسيون به مرامت نه ٿيڻ سبب زبون حالت ۾ آهن. ان کان علاوه اسٽيڊيم جي اندر هڪ به ٽاور موجود نه آهن. موجوده حالت ۾ نياز اسٽيڊيم جي اندر صرف پراڻي دور جو اسڪور بورڊ لڳل آهي.
 اسٽيڊيم جي انچارج حفيظ الرحمن ٻڌايو ته (پي سي بي) واري ٿيل معاهدي جي تحت نياز اسٽيڊيم جي اندر شائقين جي ويهڻ جي گنجائش کي وڌائي 50000 هزار ڪرڻ، اسٽيڊيم ۾ اڪيڊمي قائم ڪرڻ، ڊجيٽل اسڪور بورڊ لڳائڻ، ۽ اليڪٽرانڪ اسڪرين هڻڻ ۽ ان کام علاوه اسٽيديم کي ٻين بين الاقوامي اسٽيڊيم وانگر اپگريڊ ڪرڻ شامل هو. جڏهن ته (پي سي بي) جي هن ڪيل معاهدي کي يارنهن سال گذرڻ جي باوجود به (پي سي بي) گرائونڊ ۾ هڪ روپئي جو به ڪم نه ڪرائي سگهي آهي. پر ان جي باوجود (پي سي بي) يارنهن سالن جي عرصي جي دوران ٻيا ڪيترائي نوان اسٽيڊيم ٺهرايا آهن جڏهن ته ان عرصي ۾ نياز اسٽيڊيم جي مرامت نه ڪرائي سگهيو آهي. جنهن سبب اسٽيڊيم جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي. ان کان علاوه اسٽيڊيم جي سامهون واري عمارت پڻ زبون حالت لڳي رهي آهي، جنهن ۾ لڳل شيشا سموره ٽٽي ويا آهن.
اسپورٽس جرنلسٽ فرقان راجپوٽ جي راءِ مطابق نياز اسٽيڊيم جي ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ هن وقت جيڪڏهن ڪا انٽرنيشنل ڪرڪيٽ يا (پي ايس ايل)  جون ميچون ڪرايون وڃن ته اهو تمام مشڪل آهي ڇاڪاڻ ته موجوده وقت ۾ نياز اسٽيڊيم جو اسٽرڪچر بلڪل تباهه ۽ برباد آهي ۽ اسٽيڊيم ماڻهن جي ويهڻ لاءِ بلڪل به قابل نه آهي، جيڪڏهن هن جي مٿان وڌيڪ زور آيو ته اهي پاڻ ئي ڪرڻ شروع ٿي وينديون.
                                                                                                                                           
                                                                                                                                              
          نياز اسٽيڊيم ،
سرمد علي کوھارو انويسٽيگيشن رپورٽ بي ايس پارٽ ٿري رول نمبر 85
سيڪنڊري ڊيٽا ۽ اسٽيٽسٽڪس
 نياز اسٽيڊيم سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ واقع هڪ ڪرڪيٽ ميدان آهي. ھي اسٽيڊيم جيڪو پھرين نياز احمد جي نالي سان راند جو گرائونڊ سڏيو ويندو ھو. ھن جي بلڊنگ کي نياز احمد ٺھرائي. هن ميدان ۾ 15 هزار تماشائي ويهڻ جي گنجائش آهي. هن ميدان ۾ پهرين ٽيسٽ راند 1973 ع تي کيڏي وئي.
هڪ ڏينهن واري عالمي راند ۾ هن ميدان تي پهريون هيٽرڪ پاڪستاني کلاڙي جلال الدين ڪئي. 1982 ۽ 83 ڌاري جلال الدي روڊ مارش، بروس يارڊلي ۽ گيف لاسن کي ستين اوور دوران ٽن لاڳيتن بالن تي آئوٽ ڪيو. انهي راند ۾ آسٽريليا 9 وڪيٽن جي نقصان تي 170 رنسون جوڙيون ۽ پاڪستان اها راند 59 رنسن تان کٽي. ڪراچي سان تعلق رکندڙ جلال الدين هن راند کان سواءِ صرف 7 ون ڊي ميچ ۽ 6 ٽيسٽ رانديون ئي کيڏي سگھيو. هن ميدان ۾ پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم اڄ تائين ڪا به راند نه هارائي آهي.
پاڪستان ۾ نياز اسٽيڊيم 32 ھيون فرسٽ ڪلاس گرائونڊ آھي ھن گرئونڊ ۾ آخري ٽيسٽ مئچ پاڪستان ۽ نيوزلينڊ وچ ۾ 25-29 نومبر 1984ع ۾ کيڏي وئي ھئي.
نيازاسٽيڊيم ۾ پھرين ٽيسٽ مئچ پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ کيڏي وئي ھئي جيڪا 16 کان23 مارچ 1973 ۾ کيڏي وئي ھئي ۽ آخري ٽيسٽ مئچ پاڪستان ۽ نيوزلينڊ جي وچ ۾ کيڏي وئي ھئي جيڪا نومبر 1984 ۾ کيڏي ھئي. جڏھن ته پھرين ون ڊي مئچ پاڪستان آسٽريليا جي وچ ۾ 20 سيپٽمبر 1982 ۾ کيڏيو ويو ۽ آخري ون ڊي مئچ 24 جنوري 2008 ۾ کيڏيو ويو.  ھن گرائونڊ ۾ ٽيسٽ مئچ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور 581 َآھي جيڪو پاڪستان ڀارت جي خلاف ڪيو ھو جيڪي 14 جنوري 1983ع ۾ کيڏي وئي. ۽ ھن ئي گرائونڊ  ۾ گھٽ ۾ گھٽ اسڪور 189 ڀارت طرفان ڪيو ويو ھو ھي مئچ ساڳئي هئي ۽ ھن ئي مئچ ۾ سڀ کان وڌيڪ اسڪور ٺاهيندڙ بئٽسمين جاويد ميانداد آھي جنھن 280 رنسن تي به ناٽ آئوٽ به رھيو.
ٽيسٽ مئچ جا رڪارڊ نياز اسٽيڊيم
پهرين او ڊي آئي بمقابله آسٽريليا - سيپٽمبر 20، 1982ع
آخري او ڊي آئي پاڪستان بمقابله زمبابوي - جنوري 24، 2008ع
ٽيسٽ راند
 14 جنوري 1983ع تي ڀارت جي خلاف پاڪستان581/3 ٽيم جون وڌ کان وڌ رنسون ٺاهيون ۽ 14 جنوري 1983ع تي پاڪستان جي خلاف  189 ٽيم جون گھٽ کان گھٽ رنسون ڀارت ٺاهيون. جاويد ميانداد پاڪستان لاءِ 14 جنوري 1983ع تي ڀارت جي خلاف 280 وڌ کان وڌ انفرادي رنسون ٺاھي ناٽ آئوٽ ٿيو . مدصر نظر ۽ جاويد ميانداد پاڪستان لاءِ ڀارت جي خلاف451 وڌ کان وڌ شراڪتداري ٽين وڪيٽ جي کيڏي جيڪا 14 جنوري 1983ع تي کيڏي وئي ۽ عبدالقادر وڌ کان وڌ 16 وڪيٽون. ٽن راندين ۾ ورتل وڪيٽون .وڌ کان وڌ روسنون : 661 چئن راندين جون رسنون جاويد ميانداد ٺاھيون.
هڪ ڏينهن واري عالمي راند
سريلنڪا جي خلاف267/6 پاڪستان ٽيم جون وڌ کان وڌ رنسون ڪيون جيڪا 8 آڪٽوبر 1987ع تي کيڏي وئي. پاڪستان جي خلاف سريلنڪا 127  ٽيم جون گھٽ کان گھٽ رنسون ٺاھيون جيڪا 3 نومبر 1985ع تي کيڏي وئي. جاويد ميانداد پاڪستان لاءِ، سريلنڪا جي خلاف115 ناٽ آئوٽ (103 بال) وڌ کان وڌ انفرادي رنسون ٺاھيون جيڪا راند 15 جنوري 1992ع تي کيڏي وئي. ايڇ ماساڪجا ۽ ٽي ٽيمون زمبابوي لاءِ، پاڪستان جي خلاف 137 ٽين وڪٽ .وڌ ۾ وڌ شراڪتداري  جي شراڪتداري ڪئي جيڪا 24 جنوري 2008ع تي کيڏي وئي .وڌ کان وڌ رنسون 335 پنج راندين ۾ ڪيل رنسون جاويد ميانداد ٺاھيون.
وڌ کان وڌ وڪيٽ 7 ٻن راندين ۾ ورتل وڪيٽ عاقب جاويد ٺاھيون.
ٽيسٽ مئچ جا رڪارڊ نياز اسٽيڊيم ۾ ھي ٽيسٽ مئچ جا وڏا رڪارڊ آھن جيڪي نياز اسٽيڊيم جا آھن.
ون ڊي جا رڪارڊ نياز اسٽيڊيم م؛. ٽيسٽ مئچن کان پوءِ جڏھن ون ڊي مئچن تي نظر وجھنداسين ته ھن گرائونڊ ۾ ٽيسٽ مئچن وانگر به  ون ڊي مئچ ۾ وڏا رڪارڊ قائم ڪيا ويا آھن. ڳن گرائونڊ ۾ وڌ کان وڌ اسڪور پاڪستان جو سريلنڪا جي خلاف 267 آھي ھي مئچ 8 آڪٽومبر 1985 ۾ کيڏي وئي ھئي گھٽ ۾گھٽ اسڪور ھن گرائونڊ جو 127 آھي جيڪو سريلنڪا جو پاڪستان جي خلاف ٺاھيو ھيو.


Comments

Popular posts from this blog

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature