Abdul Hafeez Bhutto سنڌ ۾ پاڻي جي گدلاڻ جا سبب ۽ اثر
Subject: Creative writing
آرٽيڪل (ڪريئيٽو رائيٽنگ) سبجيڪٽ
نالو عبدالحفيظ ڀٽو رول
نمبر (2K17/MC/2 (
بي ايس پارٽ ٿري
سنڌ ۾ پاڻي جي گدلاڻ جا
سبب ۽ اثر
پاڻي قدرت جي طرفان
مليل هڪ اهڙي نعمت آهي جنهن کانسواءِ ڪنهن به جاندار شئي جو هن گرهه تي زندهه رهڻ
نا ممڪن آهي، تنهن جي باوجود به پاڻي کي گدلو ڪيو وڃي ٿو. پاڻي جي گدلاڻ مان مراد
سمنڊن، درياهن، ندين، ڍنڍن، نهرن ۽ زير زمين وارو پاڻي جيڪو انساني سرگرمين سبب
گدلاڻ جو شڪار ٿي رهيو آهي. پاڻي جي گدلاڻ گذريل ڪيترن ئي سالن کان سڄي دنيا اندر
هڪ سنجيده مسئلو بڻجي چڪو آهي، پوءِ به اسان پنهنجو وڌ کان وڌ خراب فضلو سمنڊن،
درياهن ۽ ڍنڍن ۾ وهائي رهيا آهيون. اسان جي ملڪ پاڪستان ۾ ڪل ويهه فيصد صاف پاڻي
جيڪو استعمال جي قابل آهي جنهن ۾ اسي فيصد
پاڻي جيڪو پيئڻ جي قابل نه آهي.
پاڻي جي گدلاڻ جا
ڪيترائي سبب جن ۾ گهرن مان نڪرندڙ گند ڪچرو، مئل جانور، ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلو
دونهون، ميونسپل سيوريج، صنعتي ڪارخانن جا زهريلا مادا ۽ تيل، پلانٽ نيوٽرينٽ، پلاسٽڪ ۽ ڪيڙي مار دوائون شامل آهن. اهڙي
طرح پاڻي کي گدلو ڪرڻ جا ٻه وڏا سبب ميونسيپل
سيوريج ۽ صنعتي ڪارخانن جو زهريلو تيل ۽ مادا آهن جيڪي انساني سرگرمين جو نتيجو
آهن، صنعتن ۾ زهريلا مادا استعمال ڪرڻ سان انهن مان نڪرندڙ ڪيميڪل وارو تيل درياهن، ڍنڍن ۽ سمنڊن ۾ وهايو وڃي ٿو، جنهن سان
پاڻي مڪمل طور تي زهريلو بڻجي ويندو آهي. ان کان علاوه ميونسيپل سيوريج وارو
خراب پاڻي درياهن، ڍنڍن ۽ آبپاشئ وارن ڪئنالن ۾ ڇڏيو ويندو
آهي. سنڌ ۾ تقريبن پاڻي جا ڪئنال اهڙي گدلاڻ جو شڪار آهن، جنهن ۾ ڪالري ڪئنال،
روهڙي ڪئنال، نارا ڪئنال، رائيس ڪئنال گهوٽڪي، فيڊر ڪئنال ۽ دادو ڪئنال ڪافي حد
تائين سيوريج واري پاڻي سبب گدلاڻ جو شڪار آهن. سنڌ ۾ ڪيترائي خراب پاڻي جي صفائي
جا ٽريٽمينٽ پلانٽ حڪومتي بي ڌياني سبب خستاحالئ جو شڪار آهن جنهن ۾ ڪوٽڙي جي صنعتي ادارن مان
نڪرندڙ گندي پاڻي جي صفائي لاءِ لڳايل ٽريٽمينٽ پلانٽ بند پيل آهن جنهن ڪري ڪوٽڙي
۽ حيدرآباد جي صنعتي ادارن جو خراب پاڻي سنڌو درياهه ۽ ان مان نڪرندڙ ڪئنالن ۾
ڇڏيو وڃي ٿو. اهڙي طرح سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جوڙيل عدالتي واٽر ڪميشن پنهنجي هڪ
رپورٽ ۾ پڻ ڄاڻايو آهي ته سيوريج توڙي
صنعتن مان نڪرندڙ خراب پاڻي صاف ڪرڻ
کانسوءِ سنڌو درياهه ۾ تقريبن چار سئو چوڏهن هنڌن تي ڇڏيو وڃي ٿو ۽ پوري سنڌ ۾ ڪٿي به پوري طرح صاف پاڻي نٿو ملي. يعني
صاف پاڻي فراهم ڪرڻ ته پري جي ڳالهه آهي پر فطري طور مليل پاڻي ۾ به زهريلا مادا
شامل ڪري ان کي جانورن توڙي انساني زندگي لاءِ هاڃيڪار بڻايو ويو آهي. ڪارخانن مان نڪرندڙ زهريلو دونهون پڻ پاڻي جي
گدلاڻ جو سبب آهي اهو زهريلو دونهون مٿي آسمان ۾ وڃي پاڻي جي آبي بخارن سان ملي
وڃي ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ زهريلي بارش واري شڪل اختيار ڪري وٺي ٿو. جنهن سان زير
زمين پاڻي پڻ تمام گهڻو متاثر ٿيندو آهي. پاڪستان ۾ پلاسٽڪ جو حد کان وڌيڪ استعمال
ٿي رهيو آهي جيڪو اڳتي هلي ڪافي خطرناڪ صورتحال پيدا ڪري سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته پلاسٽڪ
کي پاڻي يا زمين جي اندر ڳرڻ ۾ سوين سال لڳي ويندا آهن. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اسان جي
ملڪ ۾ هر ٻي شئي پلاسٽڪ جي ٺهيل آهي جنهن ڪري لکين ٽن ضايع ٿيل پلاسٽڪ درياهن ۽
ڍنڍن جي ڪنارن تي اڇلايو وڃي ٿو جڏهن اهو
پلاسٽڪ پاڻي ۾ اندر ويندو آهي يورپين ۽ هوائئ جي تازه رپورٽ مطابق پلاسٽڪ جو پاڻي
۾ گهڻو وقت هجڻ سان ان مان ڊي آڪسيجينيٽ
الڳ ٿي پاڻي ۾ ملي ويندي آهي ته اهو پاڻي
واپرائڻ سان ڪينسر جي بيماري ٿيڻ جو
انديشو وڌي ويندو آهي ۽ ٻيون ڪيتريون ئي بيماريون پڻ پيدا ٿين ٿيون.
پاڻي جي گدلاڻ جيڪا
ماحول سان گڏوگڏ انساني توڙي جانورن ۽ ٻوٽن جي زندگي تي تمام گهڻو اثرانداز ٿئي ٿي.
اهڙي طرح جڏهن سيوريج وارو پاڻي صاف پاڻي
سان ملي ويندو آهي تڏهن اهو پاڻي مڪمل طور تي گدلو ٿي وڃي ٿو. اڪثر وڏن شهرن جي
اندر کاڌي پيتي جي لاءِ درياهن ۽ ڪئنالن جو پاڻي استعمال ڪيو ويندو آهي، جنهن ۾
سيوريج وارو پاڻي پڻ شامل هوندو آهي جڏهن اهو پاڻي انسان واپرائن ٿا ته ڪيترن ئي
خطرناڪ بيمارين جو شڪار ٿي وڃن ٿا. اهڙي طرح هڪ رپورٽ مطابق ڪراچي ۾ هر سال ويهه
هزار ٻارن جي موت ٿي وڃي ٿي جنهن ۾ سڀ کان وڌيڪ ٻار گندي پاڻي پيئڻ سبب مرن ٿا. گدلي پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيمارين ۾ ڪالرا، جگر،
ٽائيفائيڊ، ڊائريا، ۽ هيپاٽائيٽس بي سي شامل آهن.
ان کان علاوه پاڻي جي گدلاڻ
سبب آبي زندگي پڻ متاثر ٿئي ٿي، جنهن ۾ مڇيون، ٻوٽا ۽ سمندري مخلوق سان گڏوگڏ ايڪو
سسٽم ۽ کاڌي واري ڄار تي پڻ تمام گهڻو اثر
پوي ٿو. سنڌ جي ضلعي دادو ۾ موجود منڇر ڍنڍ جيڪا مٺي پاڻي جي وڏي
ڍنڍ هوندي هئي، اڄ اها هڪ زهريلي پاڻي واري ڍنڍ بڻجي چڪي آهي. اتان جي ماڻهن مطابق
سال (1992) ۾ (آر بي او ڊبليو) جو سلسلو آيو هو جنهن جي هڪ سال بعد (1993) ۾منڇر ڍنڍ جو پاڻي زهريلو بڻجي ويو،هن
ڍنڍ ۾ ڪيترن ئي قسمن جا گاهه ۽ وڻ موجود هوندا هئا جنهن جي ڪري سائيبيريا مان
هزارين پکي هن ڍنڍ تي ايندا هئا ان کان علاوه ڍنڍ ۾ ايڪيتاليهه قسمن جون مڇيون
هونديو هيون جنهن مان پنجٽيهه قسم زهريلي پاڻي ٿي وڃڻ جي ڪري ختم ٿي ويا. جڏهن ته
(1950) جي هڪ سال ۾ هن ڍنڍ مان ٽي هزار ٽن مڇي پڪڙي وئي هئي پر زهريلي پاڻي سبب اڄ
هڪ سئو مڻ به مڇي نٿي مري. ڇاڪاڻ ته ٻين شهرن مان ايندڙ خراب پاڻي نه صرف ڍنڍ جي
پاڻي کي ئي زهريلو ڪري ڇڏيو آهي پر اتان جي ماڻهن جي زندگي کي به زهريلو بڻائي
ڇڏيو آهي. هن ڍنڍ جي چوڌاري تقريبن چوهٺ
ڳوٺ موجود هئا جن ۾ ويهن سالن جي عرصي دوران ويهه هزار خاندان هجرت ڪري چڪا آهن.
پاڻي جي گدلاڻ درياهن ۽ ڍنڍن جي خوبصورتي تي پڻ اثر انداز ٿئي ٿي.
پاڻي جي گدلاڻ کي
گهٽائڻ جي لاءِ حڪومت کي جوڳا اپاءُ وٺڻ سان گڏوگڏ مقرر عملي تي خاصو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.
ڇاڪاڻ ته پاڻي کي گدلو ڪرڻ جا سڀ کان وڏا ڪارڻ صنعتون ۽ سيوريج وارو پاڻي آهن
سيوريج واري پاڻي کي درياهن ۾ وڃڻ کان
روڪڻ جي لاءِ نوان ٽريٽمينٽ پلانٽ ٺاهيا وڃن ۽ پراڻن پلانٽن کي اپگريڊ ڪرڻ سان گڏ
انهن تي مقرر عملي تي پڻ خاصو ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته پهرين ڪافي پلانٽ
حڪومتي بي ڌياني سبب خستاحالئ جو شڪار آهن جنهن سان انهن پلانٽن جي بحالي ممڪن ٿي
سگهي. سنڌ ۾ تمام گهٽ صنعتي ادارا پنهنجي
ضايع ٿيل فضلي کي الڳ اسٽور ڪندا آهن باقي صنعتي ادارن جو وڏو انگ ضايع ٿيل فضلي
کي درياهن سمنڊن ۽ ندين ۾ وهائي ڇڏين ٿا جنهن
سان پاڻي گدلو ٿي وڃي ٿو. هن پاڻي جي گدلاڻ جهڙي مرض جي لاءِ هڪ اهڙو عملو
تيار ڪيو وڃي جيڪو سڀني تعليمي ادارن ۾ وڃي ڪري کين پاڻي جي گدلاڻ ۽ ان مان پيدا
ٿيندڙ اثرن جي باري ۾ شعور مهيا ڪري ته جيئن حڪومت سان گڏ اهي به پاڻي جي گدلاڻ کي
روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن
Comments
Post a Comment