ameet kolhi sindhi feature

  ٿر جي خوبصورتي
    اميت ڪولهي
2K17-MC-15    
       22 هزار چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل ٿر ريگستان پنهنجي مخصوص خوبصورتي ۽ تاريخي حيثيت جي ڪري پاڪستان ۾ سڃاتو وڃي ٿو. ريگستان ٿر جي ايراضي جي ڳڻپ کوکڙاپار کان وٺي ننگرپارڪر جي ڏاکڻي طرف ڏانهن آهي. ريگستان جون آخري سرحدون ڳوٺ سنڌين جو وانڍيو کان ويندي چوڙيا ۽ ٻين ڪيترن ڳوٺن کان گذرندي ڀارت ۾ وڃي شامل ٿين ٿيون. 
        پاڪستان ۽ انڊيا ۾ شامل ٿيندڙ ريگستان ٿر کي گڏجي ماپجي ته دنيا جي وڏن ريگستانن ۾ شمار ٿئي ٿو، جنهن ڪري ايراضي 200،000 چورس ڪلوميٽر ٿئي ٿي. ريگستان ٿر سنڌ تي ڳالهائجي ته خوبصورتي رنگا رنگ نخارن سان سنورجي چڪي آهي، جنهن ڪري کين ساوڪي رونق ڪشمير ۽ سُويزلينڊ کان گهٽ ناهي، سياحن جا متوجهه ٿيندڙ چهڙا اهو چئي خوش نظر اچي رهيا هئا ”هاڻي ته ٿر ڪشمير لڳي پيو.“ اهڙيون ڪشميري ساوڪون ٿر ۾ موجوده آگسٽ جي مهيني ۾ ٿيندڙ وسڪاري جي ڪري آهي، پر لاڳيتو ٻن مهينن جي برساتن يعني آگسٽ ۽ سيپٽمبر ٿري ماڻهن جي چهڙي تي خوشي ۽ اکين ۾ خوابن کي ساڀيا ڪري ڇڏيو ٿئي.
        ٿر ۾ 22 چورس ڪلوميٽر تي پکڙيل جابلو سلسلو ڪارونجهر جبل موجود آهي، انهي جابلو سلسلي ۾ ٻوٽن، ڳاهن ۽ وڻن جا 162 قسم موجود آهن، جنهن ۾ ڪنڍيون، کٻڙ(ڄار)، ٻٻر، ڦوڳ، ڪونڀٽ، روهيڙو، گگرال، ڪرڙ، ٿوهر، سڻ وغيره موجود آهن. ڪارونجهر جبل جي ڪُور ۾ مختلف ٽڪڙيون، پهاڙ ۽ وڻ موجود آهن جيڪي ٿري زمين تي پنهنجي حيثيت کي برقرار رکن ٿا اهڙيون قدرتي ۽ تاريخي جڳهيون يا شيون پنهنجو وجود پاڻ نڀائن ٿيون. ائين ٿر جي زمين تي محبت، امن، ڀائيچاري جو رجهان ٿري ماڻهن جي دلين ۾ آهي جنهن سان ٿري زمين تي سچائپ ۽ سادگي جي خوشبو اچي ٿي، امن پرست ڌرتي تي جڏهن ڀرسات پوندي آهي تڏهن پاڪستان جي مختلف شهرن مان هزارن جي تعداد ۾ سياح گهمڻ لاء ايندا آهن.
         هن سال 14 آگسٽ تي هڪ ڏينهن ۾ ويڙاواهه چيڪ پوسٽ تي 40 هزار گاڏيون رجسٽرڊ ٿيون، ان کان علاوه ٻين ڏينهن تي به ڪيتريون ئي ڳاڏيون رجسٽرڊ ٿيون، سياحن جي وڏي تعداد ٿر جي مختلف شين، جڳهين ۽ مهمانوازي کي ساراهيو آهي. هن سال سوشل ميڊيا تي ٿرپارڪر ۾ ننگرپارڪر جي خوبصورت تصويرن جو وڌيڪ ٽرينڊ هليو آهي جنهن ۾ سياح وڌيڪ پرجوش ۽ خوش نظر اچي رهيا هئا. ملڪ جي مختلف علائقن مان ايندڙ ماڻهن جي آمد ڪارونجهر ۽ ٿر جي ٻين علائقن ۾ رونق ڪري ڇڏي.
        سياح ٿر جي مهماننوازي، قديمي جڳهن، تاريخي واقعن، مختلف ريتن رسمن، امن، پنهنجائپ، مندرن ۽ ٻين ڪيترن شين کان متاثر ٿيا. ٿر جي خوبصورتي جو وڏو سبب اهي عنصر آهن ٿر جا ماڻهون غريب، مسڪين ضرور آهن پر مهمانن جي خدمت دل سان ڪندا آهن جيترو ٿي سگهي، اسان آگسٽ مهيني ۾ گهمڻ وياسين ڏهه دوستن جو گروپ هجي انهي ۾ هڪ دوست سنڌين جي وانڍيي ڳوٺ جو هو هن دوست اسان جي مهمانوازي لاء رات جو 11 بجي ٻڪر ڪُٺو ۽ گڏ پنج قسمن جون ٻيون ڀاڄيون ٺهرايون، رات جو هڪ بجي ماني کائڻ مٿي برسات ۽ لسي جا وڏا وڏا گلاس اڃان تائين ياد پون ٿا. ان کان علاوه ٻين ڳوٺن ۾ مقامي واستيدار ماڻهن زوري وٺي وڃي چانهه پيارڻ ۽ ماني کارائي پئي، ٿرين جي محبت ۽ خلوص ڏسي دل ۾ احساس تي ترقي جا وڏا خيال پيدا ٿيا.  
                   اهو به ڏٺوسين ته برساتن کان پوء مقامي هاري ماڻهون پنهنجي زمين کي ڍڳن جي مدد سان ڪيئن هر ڏئي رهيا هئا  ۽ گڏوگڏ زمين تي ڄج ڇٽي رهيا هئا، ڍڳي جي مدد سان زمين کي کوٽڻ ۽ جهولي ۾ ڄج کڻي زمين تي نڇاور ڪرڻ، وڌيڪ وڻندڙ منظر اهي لڳا جتي عورتون به مردن سان گڏ ٻنيء ۾ هر هلائي رهيون هيون. ڪٿي ساوڪ سان رنگيل زمين تي هر هلي رهيا هئا ته ڪٿي وري برساتي پسيل زمين تي، پر سڀئي وڻندڙ ۽ دلڪش نظارا لڳا. واري تي لانگ چيچس يعني ڊبل انجئڻ وارين گاڏين جو تيزي واري اسپيڊ ۾ هلڻ اهڙين گاڏين جو هيٺ مٿي ڦُل ڀريل ۽ وڏن ڌرن تي چڙهڻ، اهڙا ڪيترائي منظر ڏٺا.
        ڳوٺن ۾ عورتن جا هجوم گڏجي پاڻي ڀرڻ لاء کوهه تي ويندي ڏٺا اتي ڏٺوسين ڳوٺاڻين کوهه ۾ رسن ذريعي پاڻي ڇڪي ڪڍيو پئي، ڳوٺن ۾ نوجوان ڇوڪرين جو گڏجي کوهه تي وڃڻ ۽ اتي ويهي ڪچهڙي ڪرڻ، پاڻي جا ٻه دلا مٿي تي هڪ دلو چيل تي ستين، اٺين ڄڻين جي قطار، گهمندڙ ڪنوارين جي چهڙن تي معصوميت واري مسڪراهٽ ڏسي وڌيڪ چاهت ۾ گهري ويا. اڪثر ٿر جي ڳوٺن ۾ اڃان ڪٿي ڪٿي ماروي جي کوهه وانگر ئي کوهن مان پاڻي ڪڍندا آهن، ڀالوا ماروي جو ڳوٺ آهي ماروي پنهنجي مٽ مائٽي ۽ پياري ديس لاء ماروي عمر جي دولت کي ٿڏي ديس جي آس لهڻ جي خواهش ڪئي.
         ٿر جي خوبصورتي ۾ اهي رنگ آهن جنهن ڪري ٿر اڃان به ثقافتي ريتن رسمن ۾ جڙيل آهي. ڪارونجهر جبل ۾ هنڌن جا آسٿان آهن ڪيترائي قديمي مندر آهن، جتي ھزارن جي تعداد ۾ ھنڌو آسٿانن تي ياترا لاء ايندا آھن ڪارو مندر مٿائين ڪارونجھر جي ھنج ۾ آھي. جبل ۾ ڪيئي قديم آسٿان ڏسڻ جھڙا آھن جنھن ۾ پانڊوئڻ جي نالي سان چيو ويندو آھي ته جڏهن پانڊوئن تيرهن سال بنواس پي ڀوڳيو تڏهن ڪجھه سالن لاء سنڌ ۾ هن جبل تي اچي رهيا هئا، هنڌن ۾ انھي کي ”ڀيم گوڏو“ ”ڀيم تلاءُ“ ۽ ”ارجن ٻاڻ“ وغيره ڪوٺيندا آهن. ان کان علاوه گئومک، سارد روم ۽ انچلسريا نالي تي تيرٿ به هن ئي جبل ۾ آهن، مندرن ۾ مورتيون ۽ پاسي ۾ پاڻي جو تلاءٌ آهي جتي سنان ڪندا آهن. ننگرپارڪر شهر کان اڳتي 20 ڪلوميٽر اوڀر طرف ڪاسبو ڳوٺ آهي اتي به هنڌئن جا شاندار مندر آهن ايندڙ سياح مندرن ۽ ڳوٺن جو سير ڪندا آهن. ڪاسبو ۾ زميني ٽوئل جي پاڻي تي ڀاڄيون ۽ فصل پوکيا ويندا آهن، ڪاسبو جا رهواسي پڙهيل لکيل ۽ ڊيوٽين وارا آهن.
       ننگرپارڪر کان 40،50 ڪلوميٽرن جي ڌوڙي تي چوڙيا آهي جيڪا سرحدي بورڊرلائن ۾ آهي چوڙيا تي وڃڻ کان پهڙين وچ ۾ ايندڙ رينجرس پوسٽن تي رجسٽريشن ۽ وڃڻ جي لاء پرميشن وٺڻي پوندي آهي، جو گهڻي قدر سڀني کي وڃڻ جي لاء ملي ويندي آهي. انهي چوڙيا ڳوٺ ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهون رهن ٿا ۽ اتي وڏا هلڪا ڳارا جبل به آهن. چوڙيا جبلن جي غار ۾ مندر آهن جيڪي ڏسڻ ۾ وڌيڪ سهڻا لڳن ٿا. چوڙيا ڳوٺ ۾ رهندڙ ماڻهون تمام سادا ۽ اٻوجھه آهن ڳوٺ ۾ سرحدي لائن پاڪستان ۽ انڊيا واري بارڊر لائن ٽي ڪنڊائتي گول ڦري اچي ٿي بارڊر ويجهو ڏسڻ ۾ اچي ٿو. ٿري زمين تي جهڙا فساد ناهن امن جي ڌرتي آهي جتي امن پرستي جي سُڳند اچي ٿي. صاف سٿرو ماحول غريب مسڪين ماڻهون جيڪي پنهنجي ننڍين خواهشن ۾ وڏا خوش آهن جتي ڪوئي تضاد ناهي عيد، هولي، مختلف تهوارن ۾ هڪ آهن يا گڏجي ملهائيندا آهن، اهو امن جو پرچار آهي جو خوبصورتي ۾ وڌيڪ رونڪ نڇاور ڪري ٿو. ٿر ۾ مختلف ذاتون رهن ٿيون جيئن ڪولهي، ڀيل، مينگهوار، بجير، کوسا ۽ ٻيون وغيره انهن جون الڳ پنهنجيون ريتون رسمون آهن جيئن ٻولين ۾ ٿري، مارواري، ڍاٽڪي، گجراتي وغيره. 
     ٿر جي موجوده ساوڪ ۽ هسين ترين نظارا گهمڻ جهڙا آهن ڀٽين تي ٻاجهڙي، ڳوار، مڱ وغيره، اهي فصل ساوڪ ۾ آهن چبر ۽ ٻيا فصل وڏي انگ ۾ تيار آهن انهي فصل ۽ چوپايو مال کي خوش ڏسي مقامي ماڻهن جي چهرن تي مسڪرائٽون آهن. اهڙي محدود خوشين جي عوام گورنمينٽ کان پنهنجي جائز حقن جي لاء اپيل ڪندي آهي، جنهن ۾ پاڻي جي سهولت، اسپتالن جي سهولت، روڊ رستا چوڙيا تائين روڊ، اسڪولن جي فراهمي، سياحن لاء گيسٽ هائوس، ڳوٺن ۾ بجلي، روزگار جا ٻيا سبب وغيره.   

Comments

Popular posts from this blog

Raheel Jarwar

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group