ڄامشوري ۾ ٽرانسپورٽ Compiled Report


Poor 
fotos not good
NO description of Jmashoro, though i suggested in proposal to include  it 
Compiled report.
Each group member was directed to send his/her individual report, We did not received individual reports of Naseem and Mujtaba. 
Despite repeated instructions, u failed to mention ur group No, thou u were allotted it.
Mind it, these both can be problematic for u in final assessment 
Roll Nos are also missing  
Mail was sent to Abid Mazari on his individual report mail that: 
Pls compile ur group members report and send me compiled report with subject line and file name of compiled report of Group No.....
Compiled report should carry each members names, roll, class and mention which part is done by whom in the start, also mention their name at the part of their report.
u should also go thru the all members report and see whether its making some sense ? is it according to outline?




ڄامشوري ۾ ٽرانسپورٽ مافيا

انويسٽيگيشن رپورٽ؛
عابد حسين، نسيم الرحمن، غلام مجتبي

ڄامشوري ۾ ٽرانسپورٽ مافيا
انويسٽيگيشن رپورٽ؛
عابد حسين، نسيم الرحمن، غلام مجتبي
ملڪي طوڙي عالمي ٽرانسپورٽ تي هڪ نظر
هن جديد دور ۾ دنيا جي هر ملڪ ۽ شهر جي ترقي جي سڃاڻپ ٽرانسپورٽ هوندي آهي. صاف سٿري ۽ دلڪش بس اڄ جي دور ۾ انساني زندگي جو معيار ۽ تهذيب يافيا معاشري جو هڪ مثالي نمونون پيش ڪندي آهي. هن وقت جاپان بلٽ ٽرين 220 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلائڻ جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. لنڊن ۾ زيري زمين ٽيوب سروس پنهنجو مٽ پاڻ آهي. نيويارڪ ۽ واشنگٽن ٽيڪسيون ۽ تيز رفتار ٽرينون اتان جي شهرين لاءِ وڏي ۽ بنيادي سهولت آهي اگر جي ڳالھ پاڪستان جي ڪجي ته هتان جو بسن جو سسٽم ناڪارا بڻيل آهي. رد ٿيل ۽ ريٽائيرڊ بسون اڃان به هلايون وينديون آهن. پاڪستان ۾ ٽرانسپورٽ کاتي جي پنهنجي حالت به کنڊر لڳو پيو آهي. جڏهن پنجاھ سال پراڻي بس کي چند پيسن جي عيوض ۾ فٽ ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ ملي سگهي ٿو. دنيا ۾ ٽرانسپورٽ جي مسئلي تي وڏا وڏا سيمينار ٿين ٿا  ۽ دنيا جا ترقي يافتا ملڪٽرانسپورٽ جي مسئلي کي وڌيڪ سائينسي ٽيڪنالاجي جي خوجنا ڪري بهتر کان بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ پاڪستان ۾ حالات ان جي ابتڙ آهن. پاڪستان جي وڏن شهرن جهڙوڪ ڪراچي، لاهور، حيدرآباد، سکر وغيره ۾ ٽرانسپورٽ جي حالت تمام ڳڻتي جوڳي آهي. اهڙي طرح سنڌ صوبي جي شهر ڄامشوري جي ٽرانسپورٽ  جي حالت خراب هئڻ سان گڏوگڏ هتي ٽرانسپورٽ مافيا جو راج آهي سڄي شهر جي ٽرانسپورٽ اڻپڙيل ڊرائيورن جي رحم ڪرم تي آهي.

ڄامشوري شهر جي ٽرانسپورٽ هن جديد دور ۾ قديم دور جي اڪاسي ڪري ٿي ڇاڪاڻ جو هتي ڪو به اهڙو سسٽم يا ڊسيپلين نه آهي جنهن سان لڳي ته ڄامشوري ۾ ٽرانسپورٽ جي ڪا مقرر جڳھ هجي. ڪجھ بسون ڦاٽڪ پل جي هيٺان بيٺل آهن ته ڪئي پلن کان پري بيٺل آهن. ان کان علاوه رڪشن، وينن، ڪارن لاءِ ڪا به حڪومت جي طرفان مقرر جڳھ نه مليل آهي ۽ بسن ۾ به ڪا اهڙي خاص سهولت يا ٽائيمنگ نه آهي جنهن سان مسافرن کي سڪون جو سفر ڪرڻ ۾ ڪا به تڪليف نه اچي. ڄامشورو فاٽڪ جي ٽرانسپورٽ بسون، وينون، ڪارون، رڪشا ماڻهن جي ڪاوڙ جو باعث بڻيل آهن ڇاڪاڻ جو هر وقت ٽريفڪ معطل رهندي آهي جنهن جي ڪري شهرين خاص ڪري يونيورسٽين، اسڪولن، ڪاليجن جي شاگردن کي پريشاني کي منھ ڏيڻو پوندو آهي.

اسٽاٽر راشد پنهور جو چوڻ آهي ته اي سي ڪوچ ڪراچي کان لاڙڪاڻي تائين هونديون آهن. هر ڪنهن ڪوچ جو پنهنجو مقرر وقت هوندو آهي انهن ڪوچن جا هر جڳھ تي پنهنجا ماڻهون مقرر ٿيل هوندا آهن ۽ هر ڪلاڪ ۾ ڪوچ هلندي آهي ان کان علاوه ڪوچن وارا ڪوچ جي ٽائيمنگ آريجنل ٽرانسپورٽ اٿارٽي کان وٺندا آهن ۽ آر ٽي اي گورنمنٽ کي لکت ۾ ٽائيمٽيبل موڪليندا آهن. بنا روڊ پرمٽ ۽ آر ٽي کان ٽائيم وٺڻ جي ڪا به ڪوچ يا وين روڊ تي نه هلندي آهي اگر جي هلندي به آهي ته آر ٽي اي انهن کي چالان ڪندا آهن ۽ اسٽاٽر مالڪن طرفان اسٽافن تي بيٺل هوندا آهن جيڪي وقت به وقت گاڏين کي پنهنجي مقرر ٿيل ٽائيم تي ڇڏيندا آهن.

ڄامشورو فاٽڪ اڏي تي چاليھ کان پنجاھ ڪوچون آهن ۽ ڪرايو ريجنل ٽرانسپورٽ 
جي طرفان فڪس ٿيل آهي پر ٽرانسپورٽ وارا عيد جي موقعي تي فڪس ٿيل ڪرائي ۾ پنجاھ روپيه وڌيڪ وٺندا آهن ڇاڪاڻ جو انهن ڏينهن تي هڪ طرفي روٽ هوندو آهي واپسي ۾ گاڏي خالي ايندي آهي ۽مسافرن سان جيڪو عام سامان هوندو آهي ان جو ڪرايو نه وٺندا آهن اگر جي ڪو وزني سامان هوندو آهي مثال طور موٽرسائيڪل جو پنج سئو ڪرايو وٺندا آهيون ۽ ان موٽرسائيڪل جا ڪاغذ ۽ اين اي سي ان کان علاوه مقامي پوليس اسٽيشن کان اجازت نامو ورتل به چيڪ ڪندا آهن. ان کان علاوه ڄامشورو فاٽڪ تي حڪومت يا آر ٽي جي طرفان ڪا به بس اسٽاپ لاءِ مقرر ٿيل جڳھ نه آهي جيڪا قانوني طور تي هجڻ گهرجي ۽ اسٽاٽر جو وڌيڪ چوڻ آهي ته حڪومت ۽ آر ٽي ڪميٽي ٺاهي مقرر جڳھ ڏين جيئن عوام ۽ ٽرانسپورٽ وارن کي آساني ٿي سگهي.

ڪجھ وقت پهرين حڪومت طرفان سي اين جي  سلينڊرن تي پابندي هنئي وئي هئي. ڇاڪاڻ جو ڪشمور ۾ هڪ وين جي بلاسٽ ٿيڻ وارو واقعو ٿيو هو اصل ۾ ان وين جي  وائيرنگ ۾ مسئلو هو. ان جي ڪري ڪراچي ڪورٽ سي اين جي سلينڊرن کي بين ڪيو هو پوءِ سي اين جي اسٽيشن جي مالڪن ڪراچي ڪورٽ ۾ پنهنجو موقف رکڻ لاءِ پٽيشن داخل ڪئي ان جي نتيجي ۾ ڪورٽ سي اين جي مالڪن کي ٽن مهينن جي مهلت ڏني وئي آهي ان جو فيصلو جلد ايندو ته سي اين جي سلينڊر استعمال ۾ آڻيا وڃن يا نه.

رڪشي وارن جي مطابق
What is ur sub topic?
نسيم الرحمن
رڪشي وارن جو چوڻ آهي ته ميهڙ ۽ لاڙڪاڻي کان جيڪي ڪوچون اينديون آهن انهن مان اسان مسافر کڻندا آهيون اهي مسافر مختلف روٽن تي هلندا آهن. مثال طور بدين اسٽاف، هالا ناڪا، ڪوٽڙي، قاسم آباد ويندا آهن. اسين انهن کي مختلف روٽن تي کڻي ويندا آهيون حيدرآباد جي ڪهڙي به ڪنڊ هجي ڏينهن جو ڪرايو ٽي سئو وٺندا آهيون ۽ رات جي وقت جو ڪرايو مختلف آهي ڪي رڪشي وارا چار سئو يا پنج سئو وٺندا آهن. يونيورسٽين جي هاسٽلن ۽ سوسائيٽين تائين مختلف ڪرايو هوندو آهي مثال طور لمس يونيورسٽي تائين پنجاھ روپيه ڪرايو ۽ ٻين يونيورسٽين تائين سئو روپيه ڪرايو وٺندا آهيون سوسائيٽين تائين پنجاھ روپيه سوسائيٽين جي اندر وڃڻ جا اسي روپيه وٺندا آهيون. رڪشي وارن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گورنمنٽ طرفان اسان کي ڪو به پرمٽ يا رڪشن لاءِ ڪا به مقرر ٿيل جڳھ مليل نه آهي ۽ اسٽاٽر رڪشن کي نمبر سان هلائي ويھ روپيه چارجز وٺندو آهي ۽ گورنمنٽ جي طرفان ڪو به ڪرايو اسان لاءِ مقرر ٿيل نه هوندو آهي جنهن کي واري ۾ ايندو آهي اهو مسافر کڻي ويندو آهي.رڪشا ڊرائيور جو چوڻ آهي ته اسين ڄامشورو فاٽڪ کان وٺي بائي پاس تائين ٽيھ روپيه ڪرايو وٺندا آهيون پهرين ويھ روپيه ڪرايو هو مهگائي جي ڪري ٽيھ روپيه ڪرايو ڪيو آهي. رڪشي واري سٽاٽر جي هيٺ سئو کان مٿي رڪشا آهن.

مسافرن جو چوڻ آهي ڄامشورو فاٽڪ تي ٽرانسپورٽ جي لحاظ کان ڪا به اهڙي سهولت نه آهي جنهن سان اسين سڪون ۽ آساني سان سفر ڪري سگهون. ڇاڪاڻ جو هتي مسافرن جي ويهڻ جي ڪابه سهولت نه آهي ۽ ڪوچن وارا پنهنجي من مرضي سان ڪرايو وٺندا آهن انهن کي خبر آهي مسافر مجبور آهن انهن کي پنهنجي منزل تي وڃڻو آهي ۽ ڪوچن وارا مقرر ٽائيم کان وڌيڪ ٽائيم لڳائيندا آهن ڇاڪاڻ جو انهن کي وڌيڪ لالچ هوندي آهي ته مسافر اڃا وڌيڪ اچن ان کان علاوه ڪوچ فل به ٿي ويندي آهي ته اور لوڊ ڪري بيٺلن مسافرن کان اهو ساڳيو ئي ڪرايو وٺندا آهن جيڪي سيٽ تي ويٺلن کان وٺندا آهن ان کان علاوه مختلف ڪوچن جو مختلف ڪرايو رکيل آهي. ڄامشورو فاٽڪ تي اهڙي حالت آهي جو هتي ڪو به مسافر اچي ٿو ته مختلف ڪوچن جا اسٽاٽر مسافر کي هڪ هڪڙي ٻانھ مان ڇڪي ٿو ته ٻيو ٻئي ٻانھ مان اسٽاٽر مسافرن جي بري حالت ڪندا آهن جنهن جي نتيجي ۾ مسافر مايوسي جو شڪار ٿيو وڃن. هڪ تي هتي ڪو به ڪوچن لاءِ مقرر اڏو نه آهي خبر نه ٿي پئي ته لاڙڪاڻي واري ڪوچ ڪٿي آهي ميهڙ واري ڪوچ ڪٿي آهي. سڀ ڪوچون روڊن تي بيٺل آهن ان سان مسافرن کي روڊ ڪراس ڪرڻ ۾ تمام گهڻو خوف هوندو آهي ته متان ڪا گاڏي لڳي پئي اهڙي ريت حڪومت کي هڪ مسافر خانو ٺهرائڻ گهرجي ته جيئن مسافر سڪون سان ڪنهن گاڏي جو انتظار ڪري سگهن ۽ حڪومت انتظاميان کي کپي ته ڪوچن جي مقرر اسٽاف قائم ڪري ته جيئن مسافرن کي آساني سان پنهنجي منزل واري گاڏي ملي سگهي.

ٽريفڪ پوليس جو چوڻ آهي ته هتي هڪ عجيب سلسلو آهي هتي ڪافي اڏا آهن. هتي ڪوچون، ڊوم، نون اي سي وينون ۽ مختلف ڪارون آهن. جڏهن ته هتي ڪو به اسٽاف يا اڏو حڪومت طرفان منظور شده نه آهي. گاڏين وارا پنهنجي حساب سان ڪو ڪٿي ٿو بيهي ته ڪو ڪٿي بيهي مطلب مختلف جڳهين تي ٿا وڃي بيهن انهن جي ڪا مخصوص جڳھ نه آهي ۽ هتي ڪوچن وينن جا اسٽاٽر ماڻهن کي تمام گهڻو تنگ ڪندا آهن انهن کي پنهنجي گاڏين تي ويهارڻ لاءِ ڇڪڇان لڳل هوندي آهي ڪو ويچاري مسافرن کي ٻانھن کان ڇڪي پنهنجي گاڏي ۾ ويهارڻ لاءِ زور ڀريندو آهي ته ڪو وري پنهنجي طرفان ويهارڻ لاءِ ڇڪيندو آهي ۽ عام مسافر وچ ۾ ڌڪا پيو کائيندو آهي. پيئسا به پنهنجا ڀرين ۽ ڌڪا به کائين اهيو ڪهڙو طريقو آهي. اسٽاٽر ۽ اڏي وارن جي وڏي غنڊاگردي آهي اها ايتري قدر وڌي وئي آهي جو هنن کي مسافرن سان گڏ عورتن جو به خيال نه ڪندا آهن. مسافرن کي گاڏي تي ويهاري چوندا آهن ته بس گاڏي فل آهي هلون ٿا پنجن منٽن ۾ مسافرن کي بيوقوف بڻائي انهن کي ڪلاڪن جا ڪلاڪ گرمي ۾ انتظار ڪرائيندا آهن پر گاڏي روانون نه ٿيندي آهي انهي لحاظ کان اسان سٽاٽر ۽ ڊرائيورن کي سمجهائيندا آهيون ته عام مسافرن سان اگر جي فيملي گڏ هجي ته انهن جو خيال رکندا ڪيو. اڏي جي ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ انهي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ پهريان جيڪي گاڏين جا اڳواڻ ۽ اسٽاٽر هوندا آهن انهن سان پيار ۾ ڳالھ ٻولھ ڪري سمجهائيندا آهيون ته گاڏيون روڊ جي سائيڊ تي بيهاريو ته جيئن مقامي ۽ عام ماڻهن کي گذرڻ ۾ پريشانيون پيش نه اچن. اگر پيار سان نه سمجهندا آهن ته انهن کي پريشر ڏيارڻ لاءِ انهن جي گاڏين کي چالان ڪندا آهيون ته جيئن روڊ صاف ٿئي ۽ عام ٽريفڪ جي بحالي ۾ ڪا رڪاوٽ پيش نه اچي.

مجتبي جروار
What is ur sub topic? should have given proper headline
يونيورسٽين جي انتظاميان جي مطابق
يونيورسٽي انتظاميان جو چوڻ آهي ته ڄامشورو فاٽڪ واري بس اڏي کي ٽي يونيورسٽون لڳن ٿيون مثال طور لمس، مهراڻ، سنڌ يونيورسٽي. يونيورسٽي اندر رڪشن کان سواءِ ٻيا لوڪل گاڏيون ناهن اينديون جڏهن ته رڪشن کي يونيورسٽي اندر اچڻ لاءِ گورنمنٽ طرفان ڪو مخصوص پرمٽ ناهي مليل انهن جي اچڻ وڃڻ دوران انهن جي چيڪنگ ڪئي ويندي آهي ۽ انهن کي يونيورسٽي انتظاميان جي اصولن تي هلڻ جي هدايت ڪئي ويندي آهي. جيڪڏهن اگر ڪو رڪشو يونيورسٽي جي حدود ۾ اسپيڊ سان هلائيندو آهي ته انهن کي هدايت ڪندا آهيون اگر نه مڙندو آهي ته قانوني ڪاروائي ڪندا آهيون ۽ اڪثر يونيورسٽي جي شاگردن طرفان شڪايتون ملنديون رهنديون آهن ته رڪشي وارا ڪرائي ۾ پنهنجي منماني ڪندا آهن اڪثر رات جي وقت جيڪي شاگرد پنهنجي اباڻي ڳوٺن کان واپس اچي هاسٽلن طرف ويندا آهن ته رڪشي وارا انهن جي مجبوري جو فائدو وٺي ٻيڻ تي ڪرايو وٺندا آهن.
ريجنل ٽرانسپورٽ جي 2016ع جي هڪ رپورٽ مطابق حيدرآباد کان ڄامشورو 16 ڪلو ميٽر ائير ڪنڊيشن ڪوچ وين 18.88 روپيه ۽ بغير ايئر ڪنڊيشن ڪوچ وين 10.72 روپيه ان کان علاوه ڊيلڪس جو 14.72 روپيه ڪرايو هو. حيدرآباد کان ٽنٽڊو ڄام 18 ڪلو ميٽر تائين ايئرڪنڊيشن ڪوچ وين جو 21.24 روپيه ۽ بغير ايئرڪنڊيشن ڪوچ وين جو 12.06 رويپه ان کان علاوه 16.56 رويپه ڊيلڪس بس جو ڪرايو هو.
گورنمنٽ جي طرفان نئون ڪرايو نه رکيو ويو آهي جنهن مان خبر پوي ته 2019ع ۾ مختلف روٽن جو ڪيترو ڪرايو هجڻ گهرجي ان سان عوام کي تمام گهڻي پريشاني کي مونھ ڏيڻو پوي ٿو ان کان علاوه بسن، ڪوچن، وينن پنهنجي مرضي سان ڪرايو وٺندا آهن حڪومت انهن تي ڪو به ايڪشن نه کڻي رهي آهي اگر جي ڪو مسافر ڪنڊيڪٽر کان ڪرائي جو پڇي به ٿو ته ڪنڊيڪٽر مسافر سان وڙهڻ لاءِ تيار ٿيو وڃي ۽ بهاني ڪري چوندا آهن ته ڊيزل، پيٽرول، سي اي جي مهانگي ٿي وئي آهي.
اتان جي هڪ مسافر فيضل جو چوڻ آهي ته جڏهن عيد يا خاص ڏينهن  ٿيندا آهن ته ڪنڊيڪٽر هڪ ته ڪرايو ٻيڻو يا ٽيڻو وٺندا آهن ان کان علاوه ٽن جي سيٽن تي چار پيسنجرن کي ويهاريندا آهن ۽ چوندا آهن ته بسون شارٽ آهن اهڙي حالت ۾ مسافر مجبوري ۾ ڪجھ نه چئي سگهندا آهن.

سنڌ جي ٽرانسپورٽ جي منسٽر سيد اويس قادر شاھ ڪراچي شهر لاءِ هڪ نعي ٽرانسپورٽ پروجيڪٽ جو اعلان ڪيو هو جنهن ۾ سنڌ گورنمنٽ ۽ ڊيوو جو مينيجنگ ڊاريڪٽر شهريار چشتي هڪ معائدو ڪيو جنهن ۾ هڪ هزار نيون بسيون ڪراچي شهر ۾ هلايو وينديون اهيو بهترين پروجيڪٽ آهي پر سنڌ گورنمنٽ کي گهرجي ته پوري سنڌ ۾ اهڙن پروجيڪٽن جو اعلان ڪري ته جيئن سنڌ جي ٽرانسپورٽ بهتر کان بهتر ٿي سگهي ۽ عوام ان مان گهڻو فائدو وٺي سگهي.

Comments

Popular posts from this blog

نياز اسٽيڊيم حيدرآباد Chhachhar group

Raheel Jarwar

ameet kolhi sindhi feature